پاڪستانسنڌ

بلاول اڳ چئي چڪو هو ته پي ٽي آءِ جو زوال پشاور مان ٿيندو:سعيد غني

ڪراچي : سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳ ئي چئي چڪو هو ته پي ٽي آءِ پشاور مان مٿي چڙهندي ته پوءِ ان جو زوال پڻ پشاور مان ٿيندو. سنڌ ۾ ڪوئي نئون مڪاني نظام نه آيو آهي، بلڪه 2013 جي هن بلدياتي نظام جي تحت چونڊيون ٿيون. عوام جهڙي طرح خيبرپختوا ۾ پي ٽي آئي جو مڪاني چونڊن ۾ جنازو ڪڍيو آهي، اهڙي طرح سنڌ، پنجاب سميت ملڪ جي ٻين صوبن ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ ان جو جنازو وڌيڪ ڌووم ڌام سان ڪڍندي. هن ملڪ جي عوام خاص طور نوجوانن وٽ اميد جي واحد ڪرڻو هاڻي بلاول ڀٽو زرداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي نوابزاده نصرالله خان جو پٽ ميمبر قومي اسيمبلي مظفر ڳڙهه نوابزاده افتخار حسين، اڳوڻو ميمبر قومي اسيمبلي علي راشد، اڳوڻو ميمبر سنڌ اسيمبلي سليم بنداڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سعيد غني چيو ته ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن جا مڪمل نتيجا اچڻا آهن ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي نتيجا روڪيا ويا آهن. هن چيو ته نتيجن ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزيرن جي مداخلت کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان پاڻ ڪي پي ڪي ۾ ويو، وزيرن ڌمڪيون ڏنيون پر عوام انهن سڀني کي رد ڪري ڪي پي ڪي مان پي ٽي آءِ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button