ڪووڊ-19 جو دور هڪ ايمرجنسيءَ جو دور هو. ان وقت ملڪ پنهنجيون پراڻيون دشمنيون وساري ويٺا هئا. هاڻي جڏهن ڪورونا جي لهر پوئتي هٽي رهي آهي، تڏهن ملڪن جا ملڪن سان وير وري مٿي چڙهي رهيا آهن. دنيا ۾ به انهن جو لقاءُ موجود آهي پر اسان واري علائقي ۾ انهن جي صورت تمام گهڻي چٽي نظر اچي ٿي. جڏهن انڊيا اندر ڪورونا سبب وک وک تي چتائون جلي رهيون هيون، تڏهن چين آڪسيجن سيلنڊرن جا جهاز ڀري ڀارت ڏانهن اماڻيا پئي ۽ سندس خيال هو ته هن جي اهڙي عمل سبب ڀارت جي دل ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ لاءِ پيار جو ڪوئي احساس اتپڻ ٿي سگهي ٿو پر جيڪڏهن چين اهو سوچيو به ته اهو ڪيترو نه عجيب هو. ڇو ته عام طور تي سمورا ملڪ ۽ خاص طور تي چين جهڙا ملڪ واپار ۽ پيار ۾ تمام وڏو متڀيد رکندا آهن. هونءَ به حڪومت يا رياست جي سيني ۾ ڪا دل ته هوندي ڪا نهي، جنهن ۾ محبت جو گلاب ڦٽي سگهي. جنهن جي جذبن جي مکڙيءَ کي احساسن جو نرم واءُ لڳي سگهي. هي سڀ دوڪانداريون آهن. هي سڀ ڪاروبار آهي. هي سڀ واپار آهي. هي سڀ اهڙي ڪار آهي، جنهن ۾ ڊپلوميسي ۽ ڊپ گڏ گڏ هلندا آهن. ان جي پنهنجي ماهيت ۽ پنهنجي جدليات هوندي آهي.
ڪجهه وقت اڳ آمريڪا چين سان سامونڊي ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان ڏس ۾ هن ڀارت کي پنهنجو ڀاڱو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ان مهل ته چين آمريڪا خلاف بيان ته اڇلايو پر هن ڀارت جي حوالي سان ڪا خاص ڳالهه نه ڪئي. هن کي انتظار هو ته ڀارت سان ڳالهائڻ جو وقت به ايندو. آخر ڀارت ۽ چين جي وچ ۾ “ايڪچوئل لائن آف ڪنٽرول” مٿان جيڪا مڌڀيڙ هلي رهي آهي، اها به ته نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن وقت ته پٿرائين برپٽن ۾ نوان روڊ رستا ۽ رهائش جون جايون جڳهيون ۽ جهازن لاءِ فوجي نوعيت جا ننڍڙا ايئرپورٽ ٺهي رهيا آهن ۽ ڀارت کي اهو ڀئه آهي ته چين پنهنجي پاسي کي تمام گهڻو مضبوط ڪري، جيڪڏهن ڀارت ڏانهن پنهنجي ڇاٽ به ڇاڻيندو ته ڀارت هن جو ڪجهه به نه بگاڙي سگهندو. ڀارت واقعي چين جي گونگي ۽ گهري پلاننگ سبب گهڻو پريشان آهي.
هن وقت چين ڀارت جي دل ۾ ڀئه جي ڀڙڪندڙ باهه مٿان تيل هارڻ جي جيڪا واٽ ورتي آهي، ان ته انڊيا جون ننڊون نهوڙي ڇڏيون آهن. هن جيئن مالديپ ۽ سريلنڪا ۾ پنهنجيون سرگرميون وڌايون آهن، انهن سان ڀارت جي دل ۾ انديشن جا طوفان پيدا ٿيڻ فطري آهن. اسان سڀني سميت پوري دنيا جهان کي پتو آهي ته چين جو ڪنهن مذهب سان ڪهڙو تعلق؟ پر جڏهن هن جو سفير جافنا جي مندر ۾ گل کڻي وڃي ٿو ته ان ۾ به هڪ سياسي سنيهو آهي ۽ اهو آمريڪا ۽ خاص طور تي ڀارت لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. چين ميانمار ۾ تاريخي طور تي پنهنجيون جڙون مضبوط رکڻ وارو ملڪ آهي. اهو ملڪ جتي آنگ سانگ سوچيءَ جي حڪومت کي هٽائي فوجي حڪومت آئي آهي ۽ ان سوچيءَ کي في الحال ته نالي ماتر ڪيس ۾ ستن سالن جي سزا ڏئي ڇڏي آهي. ان کي ڪا پرواهه ڪانهي ۽ ان جو سبب اهو به آهي ته گهڻو وقت آمريت رهڻ سبب ۽ اها آمريت چين نواز هجڻ سبب ان جو عوام ۾ ڪجهه نه ڪجهه اثر آهي. چين سوچيءَ جي دور حڪومت ۾ ميانمار ۾ ايترو گهڻو مضبوط نه هو پر هاڻي يگون ۾ هن جي اتحادي جنتا ويٺي آهي. ساڳي ريت چين انڊيا جي ڀرپاسي وارن ٻين ملڪن ۾ ڀارت خلاف سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن. انهن جي نتيجي ۾ چين لاءِ نرم گوشو ۽ ڀارت لاءِ گرم گوشو پيدا ٿي رهيو آهي ۽ ڀارت کي خوف آهي ته هڪ وقت اهڙو به هو جڏهن هو پاڪستان خلاف پوري “سارڪ” کي ميڙي سيڙي پنهنجي پاسي ڪري ويٺو هو پر آخر پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ فرق به ته آهي.
پاڪستان هڪ مسڪين ملڪ بڻجي ويو آهي ۽ چين جيڪڏهن پنهنجا ميرا لٽا ڇنڊي ٿو ته به ان مان ڊالر ڇڻن ٿا. دنيا ته منڍ کان وٺي دولت جي ديواني رهي آهي ۽ دولت جي دهشت سڀ کان وڏي دهشت بڻجي وئي آهي. ان ڪري چين جڏهن به ڪنهن غريب ۽ ڪمزور ملڪ سان ڪو معاهدو ڪري ٿو ته هن کي اهڙا سپنا نظر اچڻ لڳن ٿا، جهڙا ڪڏهن پاڪستان کي “سي پيڪ” جي صورت ۾ نظر ايندا هئا ۽ اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته چين اهو ڪجهه رڳو بحر هند ۾ ڪري رهيو آهي. چين ان کان اڳ ۾ ايران سان جيڪي معاهدا ڪيا آهن، اهي ايران جي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪو نه ٿيا آهن ۽ هاڻي ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جيڪا برف ڳري رهي آهي، ان ۾ علائقائي سياست جو به وڏو اثر رسوخ آهي.
هندي سمنڊ سان لاڳاپيل ملڪن ۾ چين جون جيڪي به چرپرون آهن، انهن سان ڀارت تمام گهڻي ڀوَ ۾ آهي. هن کي محسوس ٿي رهيو آهي ته چين هن جي چوگرد هڪ قسم جو گهيرو ٺاهي رهيو آهي. اهڙو گهيرو، جنهن کان پوءِ ڀارت چين آڏو بلڪل بيوس بڻجي ويندو. دنيا جو ڪو به ملڪ ٻئي ملڪ جي آڏو بيوس بڻجڻ نه چاهيندو آهي. پر جڏهن معاملو ٻن مخالف ملڪن جو هجي ۽ اهي ملڪ چين ۽ ڀارت هجن ته پوءِ حالتن جي سنگيني اڃان به ڪجهه سرس ٿي وڃي ٿي.
ڀارت ۽ چين جي وچ ۾ جنگ ڀلي هڪ لڳي هجي پر ان جا ڀارت کي آيل گهاوَ هن وقت تائين نه ڇٽا آهن. هونءَ ته ڏکڻ ايشيا ۾ مشهور دشمني پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ آهي. ڀارت ۽ پاڪستان هر حوالي سان هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ رهيا آهن. هن وقت به علائقي ۾ جيڪو سخت ٽينشن آهي، اهو ٻن ملڪن جي وچ ۾ وڌيل وڇوٽي سبب آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هونءَ ته تمام گهڻا معاملا ڇڪتاڻ جو سبب بڻيل آهن پر سڀ کان وڏو مسئلو ڪشمير جو آهي. ڪشمير جو معاملو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٿيل جنگين ۾ اهم ترين مسئلو رهيو آهي. جڏهن ته ڀارت ۽ چين جي وچ ۾ اهڙو ڪو سرحدي ڦڏو نه رهيو آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ايڏي وڏي دشمنيءَ جو سبب هجي. جيڪڏهن لائن آف ايڪچوئل ڪنٽرول جي مٿان ڪا ڇڪتاڻ آهي ته اها سلجهائي سگهڻ جهڙي آهي پر چين پنهنجي ڪاروباري مفاد سبب پنهنجي سرزمين جي ڪنهن هڪ پٿر تي به سوديبازيءَ جو مظاهرو نه ڪيو آهي ۽ چين ڀارت سان ڀلي لڙايون نه لڙندو هجي پر سرحدي معاملي کي هن بظاهر سردخاني جي حوالي ڪري جيئن طاقت جو توازن پنهنجي حق ۾ ڪرڻ وارو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي ته ان کان ڀارت کي گهڻو ڀئه آهي. چين چاهي ٿو ته ڀارت ۾ موجود هن جي سرزمين هن وٽ هجي پر ان لاءِ هڪ ڪڏهن به ايڪٽو جنگ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. هن جي اها خواهش رهي آهي ته جڏهن به وقت آيو ته چين جا علائقا چين جي جهوليءَ ۾ ائين اچي ڪرندا، جيئن پڪل ميوو مالهيءَ جي جهوليءَ ۾ ڪرندو آهي.
ڀارت کي به اهو احساس آهي ته چين هن سان انتظار ڪري اها جنگ وڙهي رهيو آهي، جيڪا سڀ کان گهڻي مشڪل ۽ ڪٺن هوندي آهي. ڀارت مٿان چين ٻن قسمن سان دٻاءُ وجهي رهيو آهي. هڪ ته هو پنهنجي تڪراري سرحد جي پنهنجي حق ۾ تعمير ڪري رهيو آهي ۽ ٻيو ته هن هاڻي انهن ملڪن ۾ سرگرمي شروع ڪري ڇڏي آهي، جن ملڪن جون سرحدون ڀارت سان ملن ٿيون ۽ ڀارت کي خوف آهي ته چين هن کي گهيري ۾ آڻي هن کي بنهه بيوس بڻائڻ واري حڪمت عمليءَ تي ڪم رهيو آهي. ان ڪري ڀارت پنهنجي اتحادين جي ڳولا ڪري رهيو آهي پر ڀارت جا اتحادي گهڻو پري آهن. ڀارت جا آمريڪا، اسرائيل ۽ عرب ملڪن سان بهتر لاڳاپا آهن پر پاڙي ۾ دشمني وڌائي ۽ پرانهان اتحادي بڻائڻ وارو گيان ته ڀارت جي ڪنهن به گروءَ نه ڏنو آهي.
ڀارت ڀر ۾ باهه ڀڙڪائي ست سمنڊ دور فائربرگيڊ جو بندوبست ڪري ڇا ڪندو؟ ڀارت جي سڀ کان وڏي ڪمزوري اها آهي ته ڀارت ۾ ڪنهن به ريت صبر نه رهيو آهي. هن کي صبر جو سبق چين کان سکڻ گهرجي. ڇو ته چين جنهن آهستگيءَ آهستگيءَ سان پنهنجي ٽارگيٽ ڏانهن وڌندو ويندو آهي، اهو صرف چين جو ئي گڻ آهي. پنهنجي انهيءَ صلاحيت سبب چين هن مهل ايشيا جو ازدها بڻجي ويو آهي ۽ ڀارت جو بت هن جي مقابلي ۾ مسلسل سسي ۽ گهٽجي رهيو آهي. چين پنهنجو سفارتي نيٽ ورڪ ۽ خاص طور تي پنهنجو ڪاروباري دائرو جهڙي ريت ڀارت جي سرحدي ملڪن ۾ وڌائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، اهو ڀارت لاءِ هڪ ٽڪ ٽڪ ڪندڙ اهڙي ٽائيم بم جيان آهي، جيڪو ڪنهن به وقت تمام وڏي ڦاٽ سان ڦاٽي سگهي ٿو ۽ هن جي تمام وڏي نقصان جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن پنهنجي پاڙيسري ۽ سرحدي ملڪن کي هو پاڻ پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪندو هو. انهن ملڪن ۾ جيڪي به هٿيارن جون کيپون لهنديون هيون، اهي ڀارتي هونديون هيون پر هاڻي جڏهن چين ڀارت جي مقابلي ۾ آيو آهي ته ڀارت ان جو مقابلو ڪئين ٿو ڪري سگهي؟ چين وٽ نه رڳو ويرائٽي آهي پر هن وٽ مختلف ملڪن جي مختلف پيڪيجز به آهن. ان کان سواءِ چين ۾ هڪ خوبي اها به رهي آهي ته هو ٻن ملڪن جي سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو آهي. ان ڪري چين سان ڪي به معاهدا ڪرڻ وقت سريلنڪا يا مالديپ جهڙا ملڪ هڪ قسم جي دلجاءِ محسوس ڪن ٿا.
ڀارت چين سان ڪنهن به ميدان ۾ مقابلي ڪرڻ جهڙو ملڪ ناهي. خلائن ۾ چنڊ مشن کان وٺي ڀرپاسي وارن ملڪن ۾ ڪاروباري نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ تائين چين ۽ ڀارت جي ڪهڙي ڀيٽ؟ پر ڀارت جي اها بدقسمتي آهي ته هن چين کي پنهنجو پهريون نمبر دشمن ملڪ قرار ڏئي آمريڪا سان آپ دشمنيءَ وارا قول قرار ڪيا آهن.