ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪورونا فنڊ ۾ گهوٻيون

Editorial

پي ٽي آءِ حڪومت پهرين ڏينهن کان وٺي اهو چوندي رهي آهي ته اها صادق ۽ امين ماڻهن جي حڪومت آهي، ان ڪري ان جي ايمانداريءَ تي شڪ نه ڪيو وڃي. پر حقيقتون ڪيتريون به لڪايون وڃن، نيٺ اهي سامهون اچي وينديون آهن. هن وقت تائين ڪيترائي اسڪينڊل سامهون آيا آهن، جن ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جون نه رڳو ڪرپشن جون ڪهاڻيون سامهون آيون آهن پر ان کانسواءِ ڪيتريون ئي بيقاعدگيون پڻ نظر آيون آهن پر حڪومت انهن کي قبولڻ لاءِ تيار ئي ڪانهي، اها حڪومت جي نا اهلي آهي. هيءَ حڪومت نه رڳو گذريل حڪومت کان وڌيڪ ڪرپٽ ثابت ٿي آهي پر ان نا اهليءَ جي به انتها ڪري ڇڏي آهي. تازو ئي ڪورونا جي مد ۾ ملندڙ پرڏيهي فنڊ جي جيڪا تفصيلي رپورٽ آئي آهي، سا ڇرڪائيندڙ آهي. جنهن ۾ ڪرپشن جا انڪشاف سامهون آيا آهن.
پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين رانا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ٿيو. ناڻي واري وزارت پاران 1240 ارب رپين جي ڪورونا رليف پئڪيج تي بريفنگ ڏني وئي. عملدارن ٻڌايو ته سال 2019-20 دوران ڪورونا رليف جي مد ۾ 334 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا. سال 2020-21 ۾ 187 ڏهائي 89 ارب رپين جا خرچ ٿيا. ٻڌايو ويو ته موجوده مالي سال هن وقت تائين ڪورونا جي ويڪسين جي خريداريءَ تي 352 ارب رپيا خرچ ٿيا. پي اي سي ڪورونا جي مد ۾ ملندڙ ٻاهرين فند جو تفصيل گهري ورتو. رانا تنوير حسين چيو ته ڪورونا جي نالي تي ٻاهران ڪيترا فنڊ خرچ ڪيا ويا؟ يوٽيلٽي اسٽورز ۽ ايف بي آر کي به ڪورونا فنڊ ڏنا ويا. ناڻي واري وزارت چيو ته ڪورونا دوران بجيٽ سپورٽ لاءِ 2 ڏهائي 6 ارب ڊالر جا ٻاهريان فنڊ مليا. وزارت جي عملدارن ٻڌايو ته پراجيڪٽ فنڊنگ ۽ گرانٽس ان کانسواءِ آهن. پي اي سي جي ميمبر حنا رباني کر چيو ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ 500 ارب رپين مان ڪيترا فنڊ خرچ ڪيا ويا؟ وزارت جي عملدارن ٻڌايو ته ان مان 186 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن. پي اي سي ميمبرن پڇاڻو ڪيو ته باقي 314 ارب رپيا ڪڏهن خرچ ٿيندا؟ ناڻي واري وزارت جي عملدارن چيو ته لاڳاپيل وزارتن طرفان ڊمانڊ اچڻ تي فنڊ جاري ٿيندا. حنا رباني کر چيو ته اهڙي ريت ته ايندڙ 300 سالن ۾ به هي فنڊ خرچ نه ٿيندا، ان مان خبر پوي ٿي ته عوام کي رليف ڏيڻ جي معاملي تي ڪوڙ ڳالهايو ويو. رانا تنوير حسين چيو ته حڪومت طرفان سڀ سٺو آهي جو تاثر ڏنو پيو وڃي. خواجا آصف چيو ته عبدالرزاق دائود، چيئرمين ايف بي آر سميت معتبر ماڻهو ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. ناڻي واري وزارت اسان کي گمراهه ڪرڻ بدران فنڊن جي اصل تصوير پيش ڪري. اين ڊي ايم چيئرمين ٻڌايو ته اين ڊي ايم اي کي مارچ 2020 کان ڊسمبر 2021 تائين 168 ارب رپيا مليا. اين ڊي ايم اي هن ڪورونا روڪٿام لاءِ 144 ارب رپيا خرچ ڪيا. هن چيو ته اين ڊي ايم اي وٽ 17 ارب 40 ڪروڙ رپين جو فنڊ دستياب آهي، چين ڪرونا روڪٿام لاءِ 40 لک ڊالر گرانٽ ڏني. چيئرمين چيو ته ڪجهه آڊٽ اعتراضن کي اين ڊي ايم اي متعلق نه هئا، اهي به اسان آڊٽ ۾ وجهي ڇڏيا.
مٿئين رپورٽ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪهڙي ريت پي ٽي آءِ حڪومت فنڊن ۾ گهوٻيون هڻي پنهنجو دامن بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر کيس اندازو ناهي ته سندس اهڙيون ڪوششون ان ڪري ناڪام ويون آهن ته هن دور ۾ ڪابه ڳالهه لڪائي نٿي سگهجي. ان کانسواءِ اهو پڻ چيو پيو وڃي ته آءِ ايم ايف جي زور ڀرڻ تي اها رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حڪومت جو ارادو اهو هو ته اها رپورٽ پڌري نه ڪئي وڃي. اسين سمجهون ٿا ته هي ڪرپشن جو هڪ وڏو اسڪينڊل آهي، جنهن ۾ جيڪي ماڻهو به ملوث آهن، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button