ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شهيد بينظير ڀٽو: هڪ رول ماڊل

Editorial-Article- Sameeta A Sayed

محترمه بينظير ڀٽو کي پورب ڄائي چيو وڃي ٿو، جيڪا پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم هئي ۽ وڏو وقت گذرڻ کان پوءِ هاڻي به کيس اهم نمايان شخصيت طور ياد ڪيو وڃي ٿو. هن سال اسين پنهنجي هردلعزيز اڳواڻ جي چوڏهين ورسي ملهايون پيا، جنهن کي 27 ڊسمبر 2007ع تي قتل ڪيو ويو هو، جيڪو تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن ليکجي ٿو.
منهنجي يونيورسٽي وارن ڏينهن ۾ جڏهن آئون ماسٽرس ڪري رهي هيس ته مون هن تي وومين سائيڪالاجي ڪلاس جي حوالي سان ٿيسز ڪئي، ڇاڪاڻ ته هوءَ ئي اڪيلي ڏکڻ اِيشيا جي نمايان شخصيت هئي، جنهن ان ماني ۾ هن خطي ۾ ليڊرشپ طور ڪردار ادا ڪيو. مون سدائين هن کي هڪ رول ماڊل ۽ همت ڀري عورت طور ڏٺو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو دنيا ۾ پاڪستان جي هڪ روشن ۽ مثبت تصوير پيش ڪئي ۽ سندس شهادت کان پوءِ به هن جو نالو اڃا تائين پيو ڳائجي. جڏهن هوءَ اسان کان وڇري وئي ته اهو نه رڳو هڪ سياسي پارٽيءَ جو نقصان هو پر اهو اسان جي ملڪ جو نقصان پڻ هو. اهو پاڪستان جو نقصان هو. ڇاڪاڻ ته اسان جمهوريت جي هڪ وڏي عملبردار کي وڃائي ڇڏيو هو.
محترم بينظير ڀٽو جي جاءِ ڪوبه نٿو وٺي سگهي، سندس همت، حوصلي ۽ ڪرشماتي شخصيت ۽ نيٺ سندس جمهوري پاڪستان لاِءِ قرباني ۽ سندس شخصيت جو عڪس هن جي لکڻين ۾ پسجي ٿو. جن ۾ هن اهو اظهار ڪيو ته زندگي مختصر آهي، اسان کي پليون ٺاهڻ گهرجن ۽ مثبت رهڻ گهرجي. هن پنهنجي پيءُ جي نعري کي جاري رکيو جيڪو اٽو لٽو ۽ اجهو جو نعر هو ته جيئن غربت سان ويڙهه ڪجي ۽ پاڪستان جي غريب ماڻهن جي زندگين ۾ سڌارو آڻجي. اچو ته اڄ جمهوري قدرن لاءِ ڪيل سندس جدوجهد کي ياد ڪريون ۽ امن ۽ خوشحاليءَ جو پيغام پکيڙيون.
تارن جي روشني جيئن اسان تائين سالن کان پوءِ پهچندي رهندي آهي، ائين محترمه بينظير ڀٽو جي نظريي جي روشنيءَ سان ملڪ جي سياسي منظر نامي کي روشن ڪريون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button