سنڌ

”باڊهه کي تعلقو بڻايو“ تعلقي موومينٽ پاران احتجاجي مظاهرو

”باڊهه کي تعلقو بڻايو“ باڊهه تعلقي موومينٽ جي سڏ تي ڪنوينر علي محمد بروهي، حميد ناز سومرو ۽ مفتي نصير احمد ڀٽو جي اڳواڻي ۾ باڊهه پريس ڪلب کان حيدر چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪامريڊ قادر بروهي، انور عسڪري، زيب علي ساريو، عزيز بروهي، دودو ديشي، حافظ محمد عثمان جهتيال، اصغر ساريو، عبدالله بروهي، نظام ڪولاچي، حافظ عبدالغفار نوناري، امين سيال، نبي رضا بلوچ، جميل اشرف چانڊيو، حاجي سڪندر علي ڪانڌڙو، سيٺ ڪڪو مل، بنٽي را ڀاشاڻي، الهرکيو ڪانڌڙو، علي رضا نوناري، لالا رياض بروهي، ميهر بليدي، رياض پنهور، جمال خاصخيلي، مهراڻ چانڊيو، پپن ميراڻي، مسلم جاني ساريو، شمس پنهور، ڪوڙل ملاح، جلال فقير ساريو، ڪاشف جوڻيجو، عالم بروهي، واحد سنڌي، آصف مشتاق ميراڻي، جي ايم چنجڻي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته گذريل اڍائي سالن کان وٺي مسلسل هر آچر تي روڊن تي بيهي احتجاج ڪري حڪمرانن کي پنهنجا واعدا ياد ڏياري رهيا آھيون. هنن چيو ته جيسيتائين باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جاري نٿو ڪيو وڃي تيسيتائين اسان جو احتجاج جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button