ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آبادگارن جو استحصال ڪندڙ ڀاڻ مافيا

سنڌ ۾ اٽي، کنڊ ۽ گئس جي بحران کان پوءِ ڪجهه وقت کان ڀاڻ جو بحران هلي رهيو آهن، ڀاڻ وڏي اگهه تي وڪرو ٿيڻ يا اڻهوند سبب آبادگار پريشان لڳا پيا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجن فصلن کي وقت سر ڀاڻ نٿا ڏئي سگهن. ان ڪري ڀاڻ ذخيرو ڪندڙن خلاف احتجاج جو سلسلو هر ضلعي ۾ جاري آهي پر هيستائين سنڌ حڪومت ڪو اهڙو عملي اپاءُ نه ورتو آهي، جنهن وسيلي ڀاڻ واري بحران کي حل ڪري سگهجي ۽ سنڌ جي آبادگارن کي مناسب اگهه تي ڀاڻ ملي سگهي. هاڻ ته سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ به آبادگارن احتجاج ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. جنهن جي ڪري حالتون وڌيڪ سنگين ٿي رهيون آهن. هڪ پاسي ته آبادگارن جو احتجاج جاري آهي ۽ ٻئي پاسي وري ڀاڻ فيڪٽرين کان يوريا ڀاڻ جي ڪوٽا جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. ڪالهه جيڪي ڪجهه اخبارن ۾ رپورٽ ٿيو آهن، ان موجب آبادگار هن وقت به ڀاڻ جي آسري ۾ ويٺل آهن.
سامونڊي پٽي ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن ٻگهاڻ زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو. رپورٽ مطابق سامونڊي پٽي جي شهرن ڳاڙهو، ٻگهاڻ ۽ ٻين علائقن ۾ زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگار اڳواڻن عباس جانيارو، غلام نبي سمون، لونگ ڀڙج ۽ علي اصغر شاھه جي اڳواڻي ۾ ٻگهاڻ شهر جي مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڊيلر مافيا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. انهي موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٺٽي ضلعي جي سامونڊي پٽي جي شهرن ڳاڙهو، ٻگهاڻ ۾ زرعي ڀاڻ جا وڏا ڊيلر هٿ سان ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ڪري قانوني طور تي ڏوهه ڪري رهيا آهن. ڊيلرن کان ڪير به پڇا ڪرڻ وارو ناهي. زرعي ڀاڻ جي هٿ سان پيدا ڪيل کوٽ سبب هارين ۽ آبادگارن کي معاشي طور تباهھ ڪيو پيو وڃي ۽ سندن مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، آبادگارن سان نا انصافي ۽ ظلم ڪيو پيو وڃي، اعليٰ اختياريون هن ظلم جو نوٽيس وٺي انصاف ڪن. هنن ڪمشنر حيدرآباد، ڊي سي ٺٽو ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته فوري طور نوٽيس وٺي بليڪ ميلر مافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ آبادگارن کي تباهي کان بچايو وڃي. جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ايف ايف سي ميرپور ماٿيلو، اينگرو فرٽيلائزر ڏهرڪي ۽ فاطمه فرٽيلائزر صادق آباد جي مارڪيٽنگ مئنيجرز کي هڪ خط لکي چيو آهي ته عام طور تي هتان جا ڊيلز پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن ته ڀاڻ فيڪٽرين جي پاليسي موجب يوريا جي 3 ٻورين تي کين اين پي/اين پي ڪي جون 2 ٻوريون خريد ڪرڻيون پون ٿيون، جڏهن ته هن وقت مارڪيٽ ۾ اين پي/اين پي ڪي جي ضرورت ناهي، جنهنڪري يوريا جي قيمت وڌائي نقصان جو ازالو ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ پنهنجي پاليسي واضح ڪئي وڃي ۽ انتظاميا کي ٻڌايو وڃي ته يوريا ۽ ٻئي ڀاڻ جي ڊيلرشپ ڏيڻ جو ڪهڙو معيار آهي؟ رجسٽرڊ ڊيلرز جي گودامن ۽ دوڪانن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪهڙو طريقو اختيار ڪيو ويو، ڇا ضلعي جي ڪوٽا ضلعي جي علائقن ۾ وڪرو ٿئي پئي يا نه؟ ڊپٽي ڪمشنر خط ۾ لکيو آهي ته گذريل سال جي انگن اکرن مطابق يوريا جي طلب 50 هزار مئٽرڪ ٽن آهي پر يوريا جي بحران جو فائدو وٺندي ڪجهه بي ضمير قوتون يوريا جي ذخيره اندوزي ۽ من گهڙت قيمتن تي وڪري جون ڪوششون ڪن ٿيون، جنهنڪري ضلعي جا آبادگار مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ ته ڪمپنين پاران مقرر ڪيل ڪوٽا مطابق رجسٽرڊ ڊيلرز کي يوريا فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ مارڪيٽ ۾ پهچي رهي آهي، ان حوالي سان صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺڻ لاءِ معلومات فراهم ڪئي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر ڄاڻايل ڪمپنين کان ضلعي گهوٽڪي جي ڊيلرز کي 2020 ۽ 2021ع ۾ فراهم ڪيل يوريا ۽ 2022ع لاءِ مقرر ڪيل ڪوٽا جا انگ اکر طلب ڪري ورتا آهن، جڏهن ته ضلعي گهوٽڪي جي سمورن رجسٽرڊ ڊيلرن جا نالا، سندن علائقا، مقرر ڪوٽا، نومبر کان ڊسمبر تائين کين فراهم ڪيل يوريا ۽ جنوري کان مارچ لاءِ مقرر ڪوٽا بابت انگ اکر به طلب ڪري ورتا آهن.
اسين سمجهون ٿا ته ڀاڻ بحران حل ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. ان بحران کي وڌيڪ وقت تائين جاري نٿو رکي سگهجي، ڇاڪاڻ ته آبادگارن جو اهو حق آهي ته انهن کي ڀاڻ بنا ڪنهن رنڊڪ ۽ تڪليف جي فراهم ڪيو وڃي. ان کان به اهم ڳالهه اها آهي ته انهن ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي، جيڪي ڀاڻ کي ذخيرو ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي من پسند اگهه تي وڪرو ڪري آبادگارن جو استحصال ڪري رهيا آهن. تنهنڪري سنڌ حڪومت جيترو ترت ٿي سگهي ڀاڻ واري بحران کي حل ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button