ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

دماغ جي اندروني ڪهاڻي

Editorial-Article- Abdul Kareem Chana

سوزان اڊيلي گرينفيلڊ 1 آڪٽوبر 1950ع ۾ پيدا ٿي. هوءَ M.A, D. Phil, D. Sc, جون ڊگريون رکندڙ سائنسدان، ليکڪا ۽ براڊ ڪاسٽر آهي. گرينفيلڊ، برطانيه جي رايل انسٽيٽيوٽ جي پهرين عورت ڊائريڪٽر پڻ آهي.
سوزان لنڪولن ڪاليج جي فيلو Fellow ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آف فارماڪولاجي آهي جتي هوءَ پارڪنسنس ۽ الزائمر جهڙين بيمارين تي تحقيق ڪري رهي آهي.
سندس ڪتاب Private life of Brain انگريزي ٻوليءَ ۾ 11 مئي، 2001ع ۾ شايع ٿيو ۽ 2021ع ۾ محترم ڊاڪٽر بدر قريشي جن جي محنتن سان سنڌي ويس اوڙهي شايع ٿيو آهي.
هي ڪتاب هڪ نيورو سائنٽسٽ پاران اڪيلي ماڻهوءَ جي تشريح لاءِ تجربي، مشاهدي ۽ کوجنا جا پيش ڪيل خيال آهن. گرينفيلڊ پنهنجن دليلن وسيلي پڙهندڙن کي ڏاڍي ڌيان سان وٺي هلي ٿي، هوءَ ٻڌائي ٿي ته جذبا ۽ احساس شعور جون سڀ کان بنيادي شڪليون آهن.
وڌيڪ اهو ته ڪو انسان جذبن وسيلي جيترو وڌيڪ عمل ڪري رهيو آهي ته اهو تجربي ۽ سکيا وغيره کي ايترو گهٽ عمل ۾ آڻي رهيو آهي. جڏهن ماڻهو پنهنجا ذهن وڃائي ويهن ٿا يا ڪنهن ڊڄ ۽ جذبي سبب عقل کان خالي ٿي وڃن ٿا ته اهي قدرن، تاريخ ۽ زندگيءَ جي نرالي ڏيک ويک کي نه پهچي رهيا هوندا آهن.
پنا اٿلائيندو وڃڻ سان پڙهندڙ دماغ جي سائنسي سمجھه واري فني حالت کي سمجهڻ لاءِ هدايتون ڏنيون ويون آهن. پڙهندڙ فطرت ۽ سکيا جي ڪڏهن به نه کٽندڙ بحث کي سمجهڻ جو هڪ انتهائي اکيون کوليندڙ تجزيو ماڻي سگهن ٿا.
گرينفيلڊ جذبات سان شروعات ڪري ٿي. هوءَ پڙهندڙن کي دماغ جي بناوٽ، نيورو ٽرانسميٽرز، ننڍن ٻارن جي ورتائن ۽ نيورل واڌ ويجھه ۽ نفسيات تي اثر ڪندڙ نشيدار دوائن جهڙوڪ الڪوحل ۽ مارفين وغيره بابت هڪ ڊگهي نظر ڏئي ٿي.
هوءَ دماغ ۽ جينز جي هلندڙ جوش دوران “ماحول جي اثرن” بابت پڻ يادگيرو ڏياري ٿي. اهو ته ماحول ڪيئن دماغ تي اثر انداز ٿئي ٿو.
انسان جو ذاتي دماغ، ان جي پيچيده ڄارن سان، انسان کي هڪ اهڙو شعور عطا ڪري ٿو، جيڪو ان جي احساسن کي بيان ڪري ٿو. انسان جو پاڻ بابت يعني پنهنجي ذات بابت وارو شعور انسان جي جذبن، جوشن کي ٻنجو ڏئي رکي ٿو. اصل ۾ ٿئي ائين ٿو جو شديد احساس يا جذبات انسان جي دماغ جي انهن تنتي ڄارن کي ڪمزور ڪن ٿا ۽ ان ريت شعور پڻ ڪمزور ٿي وڃي ٿو ۽ انسان کي ڪنهن جانور يا ٻار جيان بڻائي ڇڏي ٿو.
گرينفيلڊ لکي ٿي ته دماغ جيترو ڪمزور جذبن تي حاوي ٿئي ٿو ته شعور ايترو وڌي ٿو. هوءَ پڙهندڙن کي نيوروبايولاجي ۽ ڪاگنيٽو سائنس وسيلي ڏهاڙي جي زندگيءَ جو هڪ هلڪو نمونو پيش ڪري ٿي. اهي پڙهندڙ جيڪي ذهنن ۽ دماغن بابت فڪر/پرواهه ڪن ٿا. اهي هن ڪتاب کان ڏاڍا خوش ڪيا ويندا.
شعور جي فطرت، اها فيڪلٽي جيڪا انسانن کي جانورن کان الڳ ٿلڳ ڪري ٿي سا دماغ جي کوجنا جي منڍ ۾ آهي. هي کوجنا جينيٽڪس کان ويندي سائڪولاجسٽس کي پڻ موهيندي.
گرينفيلڊ مطابق انساني شعور اصل ۾ جذبن جي ترقيءَ منجهان ڦٽي نڪتو آهي. ائنٿني ڪليئر جي لفظن ۾ ته “شعور آتم ڪٿائي آپي، سڃاڻپ ۽ ذاتپڻي منجهان نڪتل آهي.” هوءَ يوريپيڊس، فرائڊ ۽ مئڪلين جا حوالا ڏيندي دماغي مطالعن جي تاريخ ڏانهن اشارا ڪري ٿي. جڏهن ته هوءَ دماغ جي جاگرافي، بناوٽ ۽ ڪم سان تمام گهڻو سلهاڙيل نظر اچي ٿي. هوءَ جذبن، ياد، ارادي ۽ دٻاءُ، نشيدار دوائن، شيزوفرينيا، الزائمر جهڙين بيمارين بابت بحث ڪري ٿي. هوءَ اهو نتيجو ڪڍي ٿي ته ”هوءَ پاڻ دماغ کي آپي يا پاڻ واري نظريي کان الڳ ڪرڻ ناممڪن سمجهي ٿي.“
سوزان اهو به ٻڌائي ٿي ته ٻاروتڻ ۽ نوجوانيءَ تائين ڪيئنَ مخصوص ماحول دماغ جي نج بناوٽ کي جوڙجڪ ڏين ٿا. سوزان موجب ”شعور تيستائين پيدا نه ٿو ٿئي جيستائين زندگيءَ جا ڪي مخصوص اتحاد مناسب جاءِ تي وقوع نه ٿا ٿين.“ ائين چئجي ته ”پاڻ يعني آپي ۽ ٻاهرين دنيا جو پاڻ ۾ تعلق“ ئي هن ڪتاب جو اهم موضوع آهي.
ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي اجايو ڊيگھه ۽ ڳالهين جو ورجاءُ ملي ٿو. پهرين ٻن بابن ۾ بحث اڌورو رهيل نظر اچي ٿو. پر سڀني بحثن ۽ ڳالهين کي آخري باب ۾ سهيڙي جوابَ ڏئي وضاحت ڪري پڄاڻي ڪئي وئي آهي.
ڪتاب ۾ ڪل اٺ باب ۽ هڪ ضميمو آهي. ڪتاب جو ٽيون ۽ چوٿون باب جيڪي ٻاروتڻ ۽ نشائين جي عادتن ۽ ورتائن بابت آهن. اهي اسان لاءِ ڏاڍا مددگار ۽ انتهائي ڪم وارا باب آهن، ڇو ته هي اسان جي سماج جا لازم جز آهن جن سان هر گهر ۽ پاڙي جو واسطو رهي ٿو. اهي ڇو عجيب ۽ اڻوڻندڙ ورتاءَ ڪن ٿا، ان جا سبب ڪهڙا آهن، سندن دماغ ۽ نفسياتي طور ورتائن کي سمجهڻ لاءِ هيءَ ٻه باب ڏاڍا مددگار آهن. جيئن چوڻي آهي ته ”مسئلي کي سمجهڻ مسئلي جو اڌ حل آهي.“ ان مطابق جڏهن اسان ڪنهن ٻار يا نشائي جي ورتاءُ ۽ دماغ کي سمجهي وينداسين ته کين روڪڻ، سنڀالڻ ۽ مسئلو حل ڪرڻ ۾ به تڏهن ئي مدد ملندي.
ڪتاب منجھه کوڙ لفظن جي بڻ بنياد بابت به خبر پوي ٿي. اهي لفظ ٻوليءَ جي استادن ۽ ماهرن لاءِ مددگار ٿيندا. هتي ڪجھه مثال ڏجن ٿا:

  • لفظ individual لاطيني لفظ individaus مان نڪتل آهي جنهن جي معني ”ناقابل تقسيم“ يا ”ورهائجي نه سگهجندڙ“ آهي.
  • ڪوڪين cocaine تي نالو پوڻ جو سبب ڪوڪا coca وڻ جي پنن مان ٺهندڙ ٿڪ گهٽائيندڙ ۽ آڪسيجن جو مقدار وڌائيندڙ دوا سبب پيو.
  • لفظ مارفين morphine يوناني خوابن جي ديوي Morpheus تان کنيل آهي. ان جو مطلب ٿيندو ته مارفين واپرائي ڏک درد وساري خوابن جي دنيا ۾ پرسڪون رهو.
  • الڪوحل Alcohol عربي ٻوليءَ جي لفظ الڪحل يا الڪوحل تان ورتل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button