ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ايني فرينڪ جي ڊائري

Editorial-Article- Muneer hissain Khokhar

اها هُن جي بدقسمتي ڪونه هئي جو هوءَ ٻي مهاڀاري جنگ واري زماني ۾ جوان پئي ٿي، بلڪه اها انهن نوَن نوجوان شاگردن جي بدقسمتي هئي جو اهي نازين جي ڏهڪاءُ کان هراسجي، انهن جا همدرد ٿي پيا هئا. ساڳي مهل هوءَ وري انهن باغي ڇوڪرن جي همدرد ٿي پئي هئي جن هٽلر سان ڪنهن به صورت ۾ همدردي ڪانه ڪئي ۽ نتيجا ڀوڳيا. پر ڇا اهو سچ هو ته سڀئي هراسيل ڇوڪرا ان چنچل ڇوڪريءَ جي دل ۾ سدائين لاءِ نفرت جوڳا ٿي ويا هئا؟ سچ ته اهو آهي ته هُن کي انهن ڇوڪرن تي قياس ضرور آيو هوندو، ڇو ته انهن پنهنجي حياتي ۽ پنهنجي پڙهائي بچائڻ خاطر ايئن ڪيو هو. ان وقت انهن وٽ ان عمل کانسواءِ ڪابه بهتر پناهه گاهه ڪانه هئي، جيئن هُن وٽ ڳجهو گهر هو. جنهن ۾ هوءَ سندس ماءُ ۽ پيءُ سان وڃي يڪا ٻه سال لِڪي ويهي رهي هئي. هن جي لِڪڻ سان هن جو عام ڇوڪرين وارو مزاج به لِڪي ويو هو ۽ ننڍيُن ڪوٺين واري ڳجهي گهر ۾ ايني فرينڪ وجوديت ۾ ايئن لهي وئي هئي، جيئن سج اولهه ۾ لهندو آهي.
هونئن به هو موڊي ڇوڪري ته اڳيئي هئي، پر هاڻ هُن پنهنجن گرانٽ جيڏن ڇليدار زلفن کي سنوارڻ بدرانِ پنهنجي پاڻ کي غير روايتي ۽ غيرمعمولي ڪري ڇڏيو هو. سندس اندر ۾ غيرمعمولي ۽ پُراسرار خواهشيون هيون، خيال هئا، سوچون هيون، احساس هئا، جن هُن کي داخلي طور اڃا وڌيڪ احساساتي ۽ پراسرار ڪري ڇڏيو هو. هن وٽ پيار ڪندڙ همدرد جي کوٽ هئي. شايد هو جنگ جي حالتن ۾ احساسِ محرومي سان وڙهندي پنهنجي اندر ۾ رهجي وئي هئي، تنهنڪري هن پنهنجي پاڻ سان، پنهنجن احساسن ۽ خيالن سان پيار به ڪيو ۽ نفرت به ڪئي، انهن کي لِکيو به ۽ انهن سان همدردي به ڪئي. هن لکيو ته:
“مون کي اميد آهي ته آئون توکي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ جي قابل ٿي وينديس، جيئن ته آئون اڳي ڪنهن تي به اعتماد ڪانه ڪري سگهي آهيان ۽ مون کي اميد آهي ته تون منهنجي تسلي ۽ مدد جو بهترين ذريعو ٿيندين.”
هن جي لکڻ واري وهي پنجويهه مهينا مَس هئي، جنهن ۾ هُن هڪ پاسي نه رڳو پاڻ جهڙن معصوم يهودين خلاف هٽلر جي مچايل ٻائيتال ۾ هولوڪاسٽ جي هُل کي منهن ڏنو پر گهڻ رخي ۽ گهڻ موضوعاتي ٿي پنهنجي وڌندڙ ۽ روز جي بنياد تي مٽجندڙ احساسن کي لکيو به. اهو تاريخ ۾ امن جون ڌڄيون اڏايندڙ زمانو هو. جنهن جا نئين نسل تي شديد اثر پوڻا هئا. هوءَ به شايد ان مان متاثر ٿي هئي. تنهنڪري هن زندگي ۽ دنيا کان ڏور رهڻ گُهريو پر وري هُن ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي خوشنصيب سڏيو جو هوءَ اڃا لِڪ ڇُپ ۾ ساهه کڻي رهي هئي. پر هن کي پنهنجين سهيليُن جي ڳڻتي به هئي:
“آئون اميد ڪريان ٿي ته جيڪڏهن تون جنگ ختم ٿيڻ تائين زنده رهين ۽ اسان وٽ واپس موٽي اچين ته جو مون توسان غلط ڪيو هو، ان جي بدلي آئون تو لاءِ ڪجهه ڪري سگهنديس.
پر جڏهن آئون سندس ٻيهر مدد ڪري سگهڻ جهڙي ٿينديس ته هن کي منهنجي مدد جي اوتري اشد ضرورت ڪانه پوندي جيتري کيس اڄ آهي.”
اهي خيال کيس ويڳاڻو ڪري ڇڏيندا هئا ۽ ايني پنهنجي ٿُلهي نِب واري فائونٽين پين سان ساهڙين جي سِڪ ۾ نويڪلائيءَ جا احساس لکندي روئي پوندي هئي. نازين جي لڳاتار بمباري باوجود جيئرو هجڻ کي خوشنصيبي ۽ عذاب بڻيل زندگيءَ کي بدنصيبي ڪوٺيندي هُن پنهنجي زندگي کي گوئٽي (Goethe) جي هنن سِٽن سان مشابهت ڏني آهي:
“On the top of the world, or in the depths of despair.”
يعني: دنيا جي بلندي تي يا مايوسي جي ڪُن ۾.
اها شايد احساسِ محرومي ئي هئي، جنهن کيس ڊائري لکرائي جنهن لاءِ هن چيو ته فقط اها ئي سندس حقيقي دوست آهي. ايني سِڌي ڇوڪري هئي، ان ڪري هن سِڌو سنئون ۽ جيئن جو تيئن لکيو آهي، جيئن سندس ماءُ لاءِ ته:
“هاڻ مون کي اها خبر پئجي چڪي آهي ته هُن ۾ ڪهڙي ڪمي آهي. امان پاڻ ئي ٻڌايو آهي ته هن اسان کي ڌيئرن کان وڌيڪ دوست وانگي ڏِٺو آهي. هاڻ اهو ته سڀ ٺيڪ آهي پر ان هوندي به هڪ ماءُ جي جاءِ دوست نٿي وٺي سگهي.”
پر ايني فرينڪ جي خطن ۾ سندس نامعقول، چِڙ چڙيي، ملول ۽ مبهم مزاج جا چِٽا اولڙا ملن ٿا. ان جي باوجود به هن کي ميچوئر ۽ سِڌو سنئون لکڻ آيو ٿي. ان هوندي به غيرجانبدار لکڻ ۾ ڪٿي ڪٿي مار کائي به وئي هوندي. پر هن جا احساس روايتي لاڙن سان پور وڇوٽ ڪونه آهن. اها ئي سندس خاص ڳالهه آهي. هو پنهنجي نقاد پاڻ آهي. هن لکيو آهي ته:
“اهو سچ آهي ته امان مون کي ڪانه ٿي سمجهي پر اهو به سچ آهي ته آئون به امان کي ڪانه ٿي سمجهان.”
ايني پنهنجي جسم، جنس ۽ جواني سبب جسماني ۽ ذهني تبديلين، مونجهارن ۽ مختلف پيڙائن سميت رومانوي خيالن بابت کُليل دل سان بي خوف ٿي لکندي، خواهش ظاهر ڪئي ته:
“If only I had a girl friend!”
هن جو اهو ارمان جلد خوشيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. جڏهن کيس خبر پئي ته هن کي “پيٽر” ان اک سان ڏسي رهيو آهي، جنهن لاءِ کيس لڳندو هو ته هو سندس وڏي ڀيڻ “مارگوٽ” کي ڏسي ٿو. پر اها سندس غلط فهمي هئي، جنهن جي غلط ثابت ٿيڻ کان پوءِ ايني ۽ پيٽر پيار ڪيو ۽ اڪيلائيءَ کان آزادي ماڻي. هنن جي پهرين چُمیيءَ جي پنجين ڏينهن راڻي ايلزبيٿ -II جو ارڙهون جنم ڏينهن هو، ان کان ستين ڏينهن تي ايني ۽ پيٽر هڪٻئي جا چپ چميا، ان جي پنجيتاليهين ڏينهن، اينيءَ جو سورهون جنم ڏينهن هو ۽ ساڳي سال (1944) چئن مهينن کان پوءِ نومبر ۾ پيٽر اوڻيهين سالگرهه ملهائي ها پر وچ ۾ آگسٽ اچي ويو ۽ ايني کي آخريون خط لکڻو پئجي ويو. جنهن ۾ هن لکيو ته:
“آئون اندر کان خالص اينيءَ جي رهنمائي ڪري رهي آهيان، پر ٻاهران ڪجهه به نه آهيان، سواءِ هڪ ننڍڙي ٻڪريءَ جي جيڪا پاڻ سان ٻڌل رسيءَ کي ڇڪي رهي آهي.”
جواڻ ڇوڪريءَ جي ڊائري جي پهرين پني تي مون وٽ هي نوٽ لکيل آهي:
“جيڪڏهن هو زنده هجي ها ته آئون کيس پيار ڪريان ها.”
۽ اينڊ نوٽ هي اٿس:
“آئون سچ ته اينيءَ سان پيار ڪريان ها…اوترو ئي پيار جيترو آئون سندس پيٽ ڄائِي حال حيات ڊائريءَ سان ڪريان ٿو.”
هُن جي اها خواهش، خواهش ئي رهجي وئي ته هوءَ جنگ کانپوءِ اسڪول وڃي سگهندي پر سندس اها خواهش پوري ٿي وئي ته هو وڏي ليکڪه ٿئي ۽ مرڻ کان پوءِ به جيئي. اهو وڌاءُ ڪونه چئبو ته هوءَ اڄ به ننڍي ڄمار جي وڏي ليکڪائن ۾ شامل آهي ۽ پڙهندڙن ۾ جيئي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ايني ڦوهه جواني ڏسڻ کان اڳ سورهن سالن جي ڄمار ۾ مري وئي. ڳجهي گھر تي ڇاپو لڳو، سڀ کنڀجي ويا سواءِ ايني جِي ڊائريءَ جي. تخليق کنڀي نه ٿي سگهجي، پر هوءَ کنڀجي وئي، اُتي جتي هُن پنهنجي پيءُ کي ڳوليندي سندس ڊارلنگ پيٽر، مارگوٽ ۽ ماءُ جو موت ڏٺو. هوءَ پاڻ به بچي ڪانه سگهي پر سندس ڊائري معجزاتي طور بچي وئي. اهو اڄ به وڏو سوال آهي ته ڊائري ڪيتري بچي؟ ان جي خبر هڪ اينيءَ کي هجي ها، جيڪڏهن هوءَ زنده هجي ها ۽ ٻي سندس پيءُ کي. ڇو ته ممڪن آهي ته اصلي مُسودي مان گهڻيون شيون ڪڍيون ۽ ايڊٽ ڪيون ويون هجن. سندس امر ڪم تي شايد سڄي ننڍي کنڊ مان رڳو شيخ اياز ئي کيس امر ڀيٽا ڏني آهي:
ھاءِ يھودي ڌيءُ ھي تنھنجي آتم ڪٿا!
ڪيئي ڏٺا ڏيھه ۾ تو جھِڙا مون جيءُ
روز سڪايا سيءُ ڳاڙھا گل گلاب جا
**
ھو جو جرمن ماءٌ مان نڪتو ناھر ڦر
اڀري ٿو تاريخ مان ھر ھر ھو ھٽلر
اڃا ڏاڍ ڏمر، ڏڍ کسي ٿو ڏيھه کان
**
ايني! منھنجي ڀينڙي ڏورانھين اٻلا
اڄ جو منھنجي گھاوَ مان، رت ڪيا ريلا
انھن ۾ تنھنجا سھسين سڏڪا ٿو سڻان.

“دَا ڊائري آف ينگ گرل” جواڻ، اُلهڙ، رولاڪ ۽ هٺيلو نسل ته ضرور پڙهي پر ان کان پهرين پڪي وهيءَ کي پهچندڙ پڪن خيالن وارا پڙهي وٺن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button