جڏهن عمران خان نيازي اقتدار ۾ آيو هو ته اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وئي ته هيءَ حڪومت هڪ سال به مشڪل سان ڪڍي سگهندي پر اسٽيبلشمينٽ جي نواز شريف سان دشمني ۽ پيپلز پارٽيءَ سان ڏند چڪ سبب نه رڳو حڪومت کي وڏو وقت ملي ويو پر کيس اپوزيشن به اهڙي ٿڪل ملي جو عمران حڪومت جا وارا نيارا ٿي ويا. پي ڊي ايم جو اتحاد ٺهيو پر ان جي ڦوڪڻي مان آصف علي زرداري هوا ڪڍي ڇڏي. جنهن جي ڪري پي ڊي ايم ۾ مولانا فضل الرحمان اڪيلو ئي رهجي ويو. ڇاڪاڻ ته ايڏي وڏي اتحاد ۾ کيس ڪو ٻڌڻ وارو ئي ڪونه هو. پيپلز پارٽي هڪڙيون ڳالهه ڪندي هئي ته نواز ليگ وري ٻيون ۽ اهو ان ڪري به ٿي رهيو هو جو پيپلز پارٽيءَ کي مڙئي ڪم ٽپائڻو هو ۽ ان نه رڳو پي ڊي ايم اتحاد جي پٺيءَ ۾ ڇرو هڻي پاڻ کي الڳ ڪري بيهاريو پر ان سڄي سياسي اتحاد جي پڻ تڏا ويڙهه ٿي وئي. اڄ پيپلز پارٽي پنهنجي سر حڪومت خلاف واويلا ڪرڻ ۽ ان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي پر پيپلز پارٽيءَ لاءِ اهو ان ڪري ممڪن ڪونهي ڇاڪاڻ ته اها اشاري جي اوسيئڙي ۾ آهي.
گذريل ڪجهه عرصي کان اپوزيشن بيان بازيءَ جي حد تائين ته اهي ڳالهيون ڪندي آهي ته اسين هيئن ڪري ڇڏينداسين هونئن ڪري ڇڏينداسين. پر جڏهن پارليامينٽ ۾ عملي طور ڪجهه ڪرڻ جو وارو ايندو آهي ته اپوزيشن بيوس ٿي ويندي آهي. هيءَ حڪومت نا اهل آهي ۽ ان ڪجهه به ناهي ڪيو. پر ان کان وڌيڪ نا اهل ته اپوزيشن پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي. هن وقت تائين اپوزيشن سينيٽ ۾ به اڪثريت ۾ آهي پر تنهن هوندي به ڪو اهڙو بل ناهي، جيڪو اتان پاس نه ٿيندو هجي. تازو ئي مني بجيٽ کي قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو پر اپوزيشن وري به ساڳيون ڳالهيون ڪري رهي آهي پر تنهن هوندي به حڪومت اها بجيٽ پاس ڪرائي ويندي. جنهن کان پوءِ خبر پوندي ته ڪهڙي ريت ريت اپوزيشن پارٽيون عوام کي بيوف بڻائڻ لاءِ سڄو ڊرامون ڪنديون رهنديون آهن. جيڪڏهن اپوزيشن پارٽيون واقعي به عوام جي دل جو درد رکنديون هجن ها ته هن وقت تائين حڪومت خلاف ايتري ته واويلا ڪري چڪيون هجن ها جو حڪومت جو اقتدار ۾ رهڻ ئي ڏکيو ٿي پوي ها پر جيئن ته اپوزيشن پاڻ مصلحت جو شڪار آهي ۽ جيئن عمران خان نيازي پنهنجي مدد لاءِ اڳوڻي آءِ ايس آءِ چيف فيض حميد ڏانهن نهاريندو رهندو، اهڙيءَ ريت اپوزيشن به اسٽيبلشمينٽ ڏانهن نهاريندي رهندي آهي. جڏهن ان کي ڪو اهڙو اشارو ملندو ته اها ور کنجهي ميدان ۾ لهڻ لاءِ تيار هوندي آهي پر اصل ڳالهه ته تڏهن آهي، جڏهن اپوزيشن پنهنجي ٻل تي ڪجهه ڪري ڏيکاري.
مني بجيٽ پاس ٿيڻ کان پوءِ اهو امڪان موجود آهي ته عوام هاڻوڪي حڪومت لاءِ رستن تي نڪري ۽ عوام جون وڌيڪ رڙيون نڪري وڃن. ڇاڪاڻ ته هن بجيٽ جي حوالي سان جيڪي وضاحتون حڪومت پيش ڪري رهي آهي، ان کي بلڪل ابتڙ سمجهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هن بجيٽ وسيلي هر اسم تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي وئي آهي.
خزاني واري وزارت موجب 144 شين تي ٽيڪس لڳندا، جيڪي يا ته جي ايس ٽي کان مڪمل ڇوٽ وارا آهن، يا انهن تي 5 کان 12 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو آهي پر هاڻ 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. انهن شين تي 17 سيڪڙُو سيلز ٽيڪس لڳائڻ سان ٽيڪس وصولي 352 ارب روپين تائين وڌي ويندي، ڇاڪاڻ ته ڪيترين ئي شين تي پهريون ڀيريو ٽيڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ ٽيڪس جي ڪاٿي جو ايف بي آر کي ڪو اندازو ئي ڪونهي. موبائيل فون ڪالن تي انڪم ٽيڪس ريت 10 سيڪڙُو مان وڌائي 15 سيڪڙو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 7 ارب حاصل ٿيندا، کير پياڪ ٻارن جي کير لاءِ استعمال ٿيندڙ درآمدي ڪچي مال تي زيرو ريٽنگ ٽيڪس واپس وٺي ان تي به 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳايو ويندو. جن سان ريوينيو ۾ نو ارب رپين جي واڌ ٿيندي. ان مد ۾ ٽيڪس آمدنيءَ جو ڪاٿو 15 ارب روپيا لڳايو پيو وڃي. ان کانسواءِ ٻين کاڌي پيتي جي شين تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. جنهن سان عام وڪري جون شيون وڌيڪ مهانگيون ٿي وينديون.
پي ٽي آءِ حڪومت جو وس هلي ته اها ماڻهن جي ساهه کڻڻ تي به ٽيڪس هڻي ڇڏين. جيڪا پهرين ڏينهن کان وٺي ٽيڪس سڌارا ته ڪرڻ ۾ ناڪام وئي پر آءِ ايم ايف سان معاهدا ڪري، ان جي شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ عوام جو رت چوسڻ لاءِ ان تي نوان نوان ٽيڪس هڻي رهي آهي. جنهن جي ڪري ماڻهن کي ايترو ته پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پوندو، جنهن جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. پر حڪومت کي ان جو ڪوبه احساس ناهي. جيڪڏهن قرض وٺي ملڪ هلائڻو آهي ۽ عوام مٿان ٽيڪسن جو ايڏو بار وجهڻو آهي ته پوءِ ان جو مطلب آهي ته ملڪي معيشت ڪنهن به ريت بهتر ڪانه پئي ٿئي ۽ نه ئي حڪومت ۾ اها صلاحيت آهي جو ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪيو وڃي.
جڏهن حڪومت کان پڇيو وڃي ٿو ته هي جيڪي هيترا نوان ٽيڪس مڙهيا پيا وڃن، ان سان غريب ماڻهن جي حالت خراب ٿيندي ته حڪومت وڏي نڪ جي پڪائيءَ سان اهو چوي ٿي ته ان سان غريب عوام جي صحت تي ڪو اثر ڪونه پوندو. عجيب ڳالهه آهي ته ٽيڪس عوام کان ورتو ويندو، شين تي ڇوٽ حڪومت ختم پئي ڪري ۽ ان جو بار عوام تي ڪونه پوندو ته ڇا جيڪي عام واهپي جون شيون آهن، انهن جو استعمال خلائي مخلوق ڪندي.
ان کان به اهم ڳالهه اها آهي ته حڪومت جڏهن ان مني بجيٽ کان پوءِ ٽيڪس وسيلي اربين روپيا اوڳاڙيندي، ان جو فائدو عوام کي ڪڏهن ملندو. هن وقت تائين ته ٽيڪس ڪليڪشن مان عوام کي ته ڪو فائدو نه پيو آهي. ٽيڪس جو اهو پئسو ڪيڏانهن ٿو وڃي. جيڪڏهن رڳو ان ٽيڪس وسيلي ملڪ جي ائٽمي پروگرام کي جاري رکڻو آهي ۽ عوام جو بچيل سچيل رت به چوسڻو آهي ته پوءِ ان سان معاملا بهتر نه ٿي سگهندا.
مني بجيٽ مان ظاهر پيو ٿئي ته حڪومت آءِ ايم ايف جي معاشي غلاميءَ کي قبول ڪري ورتو آهي ۽ اها ان جي هر شرط مڃڻ لاءِ تيار آهي. عمران خان نيازيءَ کي آڻيندڙ ۽ اقتدار حوالي ڪندڙن کي گهٽ ۾ گهٽ ايترو ضرور سوچڻ گهرجي ته سندس ڪيل فيصلن سبب سڄو ملڪ ڀوڳي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته ملڪي معيشت اڃا به تباهه حال ٿي سگهي ٿي. هاڻوڪي اپوزيشن هي صورتحال ڏسندي اهو اندازو ته ٿئي ٿو ته مني بجيٽ به پاس ٿي ويندي پر ان کان پوءِ به عمران خان نيازي پنهنجي هر تقرير ۾ اهو ئي چوندو ته اڃا به پاڪستان دنيا جو سستو ترين ملڪ آهي. جيڪڏهن هي سستو ملڪ آهي ته پوءِ مهانگو ملڪ ڪهڙُو هوندو؟