ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جو طور طريقو

Editorial- Article- Dastgir Bhatti

جنھن تڙ تڪڙ ۾ اسلام آباد واري صدارتي محل منجهان آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي ھر ھفتي ڏھين ڏينهن آرڊيننس يا حڪمناما جاري ڪري، انھن کي ڌٻڙ ڌؤنس ذريعي قومي اسيمبلي مان قانوني شڪل ڏياري عمران حڪومت پنهنجو ٽائيم پاس ڪري رهي آهي اھڙو لقاءُ ته اسان ڪنهن ڊڪٽيٽر شپ واري دؤر ۾ به نه ڏٺو. پارليامينٽ جي حيثيت کي رٻڙ اسٽيمپ بڻائي جيڪڏهن وزير اعظم سمجهي ٿو نه اھڙي ريت ھو پنھنجي حڪومت جا پنج سال پورا ڪري سگهندو، ته اھا سندس ڀورائيءَ جي ڀل آهي يا اھو نياپو ڏئي پيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر وارا يا پردي پويان ويھي سندن پٺڀرائي ڪندڙ سگھاري ڌر جيڪڏهن مون کي منھنجي مرضيءَ پٽاندر کيڏڻ نه ڏيندي ته مان ھنن کي به کيڏڻ ڪونه ڏيندس. ھي طور طريقو ته بنھه ٻاراڻو آهي. ڪنهن به رانديگر کي راند ۾ خاص ڪري ڪرڪيٽ ۾ جي بالنگ ڪندي بال ٽيمپرنگ ڪرڻ جي عادت آهي ته سياست کي اليون سمجهي آڱرين تي نچائي نه ٿو سگهي. ھتي يارھن ڄڻن جي ٽيم بدران ٻاويهه ڪروڙ وطن واسين ۽ سندن ٻچڙن جي آئيندي جو اونو ڪرڻو پوندو آهي.
بدقسمتيءَ سان وزير اعظم عمران خان سياست کي ڪرڪيٽ راند سمجهي چونڊيل پارليامينٽ سان جيڪا راند رچائي رهيو آهي سا ڪنھن سڌريل ملڪ ۾ ڪو وزير اعظم کيڏي ھا ته سندس پنھنجي پارٽيءَ جا ميمبر ئي کانئس کٽ خالي ڪرائي ڇڏين ھا. پر جيئن ته اسان وٽ ڳجھن هٿن جي ساندهھ ھٿ چراند جي ڪري جمھوري سرشتو جڏو ۽ معذور ٿي چڪو آهي تنهن ڪري عمران خان اھڙي من مستيءَ ۾ مگن ٿي ويو آهي.
ڇا اھا ڏکوئيندڙ مسخري ناھي ته پاڪستان جي اسٽيٽ بينڪ جو گورنر (جنھن کي آئي ايم ايف جي چڱن مڙسن مصر مان گھرائي اسان جي ملڪ تي ٿاڦيو آهي) سو حڪمرانن کي حڪم ڏيندو رهي ته ماڻهن تي وڌيڪ ٽيڪس مڙهڻ لاءِ پيٽرول، گئس، ڊيزل ۽ ڀاڻ جا اگهه يڪدم وڌايو ۽ نئون سال شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ھڪ ٻي به بجيٽ پاس ڪرايو پوءِ ڇو نه بيروزگاريءَ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جا سٽيل، اڌ مئل مسڪين ماڻهو ٻچن سميت پنهنجو انت آڻڻ تي مجبور ٿي وڃن! ٻاھران آيل ھن گورنر اسٽيٽ بينڪ لاءِ چؤٻول آهن ته مصر جھڙي خوشحال وطن جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي پاڪستان آيو آهي. اڄ عمران حڪومت ۾ ملڪ جا سمورا ھوائي اڏا، ڪراچيءَ جون ٻيئي بندرگاهون، موٽر وي جھڙيون سڀ شاھراھون، سرڪاري عمارتون ۽ خود اسٽيٽ بينڪ جي ھيڊ آفيس آئي ايم ايف وٽ قرض عيوض گروي رکيل آهن.
ايئن کڻي سمجهو ته اڳ ۾ رڳو پي آئي اي جا ھوائي جھاز، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جا سامونڊي ٻيڙا، پاڪستان ٽيليويزن جون اسلام آباد، ڪراچي، لاھور واريون اسٽيشنون، اسلام آباد جي مڪمل پاڪستان سيڪريٽريٽ جون ويھن ميلن ۾ پکڙيل کربين روپين جون عمارتون ۽ سعودي عرب کان قرض طور گذريل مھيني ورتل ساڍا چار ارب ڊالر به آئي ايم ايف جي ملڪيت رهندا ان وقت تائين جيسين پاڪستان ھنن قرض ڏيندڙ رت پياڪ سامراجي ادارن جي وياج سميت پائي پائي واپس نه ڪندو.
مون کي ٻڌايو ته غلاميءَ کي سڱ ھوندا آھن ڇا؟ اڃا پيو عمران خان ٺلھي دعويٰ ڪري ته مديني جھڙي رياست ٺاهي ڏيکاريندو! چوڻي آهي ته، ٺلھو چڙو، وڄي گھڻو! مون کي لڳي ٿو ته وزير اعظم ذھني طرح ڏاڍو پريشان آهي ۽ ھي جيڪا مني بجيٽ تڙ تڪڙ ۾ منظور ڪرائي غريب مسڪين ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ ۽ سندن اڻ ڄاول ايندڙ نسلن جي وجود تي جيڪو اڻ توريل ڳرو پھاڙ ڊاھي ڇڏيو آهي ان جي ھيٺان لکين ٻچڙا ڄمڻ شرط پنھنجي مائرن سوڌا ايئن دفن ٿيندا جيئن ٿرپارڪر ۾ ٻارڙن جو موت عام جام ڏسندا آهيون.
جي ھا، مارڪسوادي فلاسافر ۽ اسان جو استاد پروفيسر ڊاڪٽر فيروز خواجه گذريل صديءَ جي اسي واري ڏهاڪي ۾ اسان کي پڙهائيندو هو ته ھي عالمي بينڪن جي امداد (يو ايس ايڊ) اصل ۾ اھڙا ڀوائتا قرض اٿئو جن لاطيني آمريڪا جي خوشحال قومن کي بدحاليءَ جي مرض ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي. جند ڇڏايو قرضن جي ھن ڄار منجهان نه ته اوهان کان پوءِ به ڪئين نسلن تائين قرضن جو ھي ڳٽ ڳچيءَ مان نڪري نه سگھندؤ! واھه سائين واھه ڊاڪٽر فيروز صاحب، اڄ اوھان کي ڪوبه ياد نه ٿو ڪري ۽ نه اوهان جي بي لوڀ ۽ بي لوث خدمتن جا ڳڻ ڳائي!
عمران خان جي ذھني ڪنڊيشن جو ذڪر پئي ڪيم جنهن بابت آئون سمجهان ٿو ته اھا نارمل ھرگز نه آهي. دليل نمبر ھڪ ته نواز شريف جي حڪومت کي ھڪ سال اندر ئي ڊاھڻ لاءِ هن ذري گهٽ چار مهينا پاڪستان جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي امپائر سندي آڱر جي اشاري جو اوسيئڙو ڪيو ڪنٽينر تي چڙهي!
دليل نمبر ٻيو ته امپائر بدلجندا رهيا پر ھي شخص ڪونه بدليو. ساڳي پگھار تي چھٽيل رهيو. 2018 وارين عام چونڊن ذريعي کيس وزير اعظم جي تخت تي ويهاري آئي ايم ايف جي غلاميءَ جو ذمو ڏنو ويو، جنهن لاءِ قسم کڻي چوندو هو ته آئي ايم ايف جي غلامي ڪرڻ بدران آپگهات ڪري ڇڏيندس. ھاڻي ڇا ٿو چوي، خودڪشي نه پر پنج سال اڃا وڌيڪ ڪروڙين انسانن جي ڳاٽن تي سوار ٿي ھن ملڪ مٿان راڄ ڪندس. (معذرت سان عرض ڪندس ته زرداري به ايندڙ پنجن سالن جو راڄ پنھنجي جھوليءَ ۾ جھوليون ھڻندي ڏسي پيو ۽ لاھور ۾ خيما کوڙڻ واسطي پنهنجي فرزند ارجمند بلاول کي تيار ڪري ڇڏيو اٿائين). آئون سدائين لکندو رهيو آهيان ته خواب ننڊ ۾ ڏسو يا جاڳندي ڏسندا رهو، خواب ويچارا مفت ۾ ايندا آهن ۽ واپس ھوا ۾ تحليل ٿيندا آهن.
عمران خان بيشڪ وڌيڪ پنجن سالن جا سپنا ڏسندو رهي پر کيس پتو ناهي ته مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ ماڻهن کي جاڳ ۾ پڻ ھان ڏاريندڙ خواب Nightmares ايتري قدر ڊيڄاريندڙ ڏيکاري ڇڏيا آهن جو اوھان جي چونڊيل يا زوريءَ چونڊايل سرڪار جي سرپرستن به ھاڻي توبهه گيسي ڪري ڇڏي آهي. مون پنهنجي ھنن ئي ڪالمن ۾ گذريل نومبر ڌاري اڳڪٿي ڪئي هئي ته دشمن ملڪن جي جاسوسي ڪندڙ اداري کي ڀٽو صاحب سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي جاسوسي جي جنهن ڪم تي ناجائز نموني لڳائي ڇڏيو ھو سا واھرو ٿيڻ بدران سندس ويري بڻجي ويئي. عمران خان ته هڪ اداري جي آفيسر بدليءَ تي ڇتو ٿي پيو هو پر سوچيو ته ھاڻي جڏھن ان بدلي ٿيل آفيسر پاڻ اعلان ڪري ڇڏيو آھي ته اڄ کان پوءِ منهنجي پبلسٽي ختم، نو ڪوريج ۽ نه ئي ڪا تصوير اخبار ڇاپجؤ، ته ڪھڙي ٽي وي چئنل يا اخباري مالڪ جي جرئت آهي جو سندس موڪل کان سواءِ ان جي تصوير عام ڪري سگهي. ميڊيا وارن لاءِ به اھو موچڙو نھايت لازمي ھو. پاڪستاني ميڊيا جي مالڪن غير قانوني طريقن سان زمينون قبضا ڪري، رھائشي رٿائن کان گهڻيون ڪمرشل اسڪيمون ٺاهيون جنهن جي ڪري زمينن جا اصل مالڪ ڪنگال ٿي ويا ۽ چلڊرن کان وٺي تپيدار ۽ مختيارڪار توڙي روينيو کاتي جا ننڍا وڏا عملدار ڪروڙن جا مالڪ بڻجي ويا پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ کي وڪڻي!
واپس اچون ٿا تحريڪ انصاف سرڪار جي مني بجيٽ تي جنهن ڪروڙين پورھيتن، ھارين نارين ۽ ڏھاڙي ڪمائيندڙ غريب مسڪين ھنرمند مزدورن کي خودڪشي ڪرڻ لائق بڻائي ڇڏيو آهي. حڪمرانن کي آئي ايم ايف جھڙين رت پياڪ ڄؤرن جي غلامي نيبھه ھجي، پر ياد رکو ته توهان اسلام آباد جي ھن تخت گاهه تي ھاڻي گھڻو وقت ويھي نه سگهندا ڇاڪاڻ ته ھن بدنصيب ملڪ جي انسانن جمھوريت توڙي آمريت ۾ جيڪي ڏک ڏٺا ۽ سور سٺا آهن تن ڏٻرن ۽ سڪي سنھڙا ٿيل ماڻهن وٽ سواءِ بغاوت جي ھاڻي ڪوبه گس ناھي بچيو.
انقلابي قومي شاعر حبيب جالب چيو ھو ته:
ايسي دستور ڪو،
صبح بي نور ڪو،
مين نھين مانتا،
مين نھين جانتا.
اھڙي ھٿ ٺوڪي جمھوريت وڃي کڏ جي تري ۾ پوي. بورجوا جمهوريت دنيا جي سکين ملڪن کي بکيو ڪري ڇڏيو آھي. اعتبار نه اچيو ته اڄوڪي سپر پاور آمريڪا جي انھن ڪروڙين بکين ۽ ڏکين ماڻهن جي غربت ۽ بدحالي انھن ويڊيوز ۾ ڏسو جيڪي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ۽ THE OTHER 98 PERCENT پاران ڏينهن ۾ ڏھه ڀيرا اپلوڊ ڪيون وڃن ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button