ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڀاڻ لاءِ پريشان آبادگار ۽ حڪمرانن جي ماٺ

Editorial

سنڌ ۾ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ۽ 1768 رپيا في ٻوري بدران 3 ھزار رپين تائين بليڪ تي وڪرو ڪرڻ خلاف سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي. اهو احتجاج هاڻي تحريڪ ۾ تبديل ٿي رهيو آهي پر حڪمرانن جي ڪنن تي اڃا تائين ڪا به جون نه پئي چري. ڪلهوڪين اخبارن ۾ پڻ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آبادگارن ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن پاران احتحجاج جو سلسلو جاري رهيو.
شهدادڪوٽ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف سبزي منڊي کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن ته شهدادڪوٽ ۾ ڀاڻ جا واپاري انتطاميا جي ملي ڀڳت سان بليڪ تي وڪرو ڪري آبادگارن جي حقن تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن. 2 لک ڀاڻ جون ٻوريون واپارين کي مليون آهن جيڪي بليڪ تي وڪرو ڪن پيا، سندن اهڙي بليڪ مارڪيٽنگ خلاف ڊي سي قمبر ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر آهي، اهڙي صورتحال سبب آبادگارن کي ڀاڻ جا واپاري ٻنهي ھٿن سان لٽي رھيا آھن. شهدادڪوٽ ۾ ڀاڻ سميت زرعي دوائن جو غير قانوني طور وڪرو هلندڙ آهي، جنهن بابت ڊي سي شهدادڪوٽ ۾ غير رجسٽرڊ ڀاڻ ڊيلرن جي تصديق ڪئي ۽ اهڙو ليٽر ڪمشنر ۽ ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪمپنين ڏانهن پڻ موڪليو ويو آهي پر اڃا تائين ڪارروائي ناهي ٿي ۽ نه ئي ڄاڻايل ڊيلرن جي ڪوٽا ختم ڪئي وئي آهي. جاتي ۾ ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي ۽ آبادگار ايڪشن فورم پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن دانهيندي چيو ته هٿرادو ڀاڻ جي کوٽ ڄاڻائي بليڪ تي يوريا ڀاڻ 3 ھزار روپيا ٻوري وڪرو ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪري خلاف ڪيل احتجاج بعد بااثر ڊيلرن سرڪاري مقرر ڪيل اگھه تي ڀاڻ خريد ڪندڙ آبادگارن کي ڀاڻ جو نه ھجڻ جو جواز ڄاڻائي دوڪان تان لاھيو ڇڏين، بااثر زميندارن کي سوين ڀاڻ جو ٻوريون رات جي تاريڪي ۾ گدامن تان ٽريڪٽر ٽرالين ۾ وڪرو ڪري رھيا آھن. کهڙا ۾ آبادگارن جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. خيرپور ويجهو آبادگارن پنجهٽي اسٽاپ وٽ پراڻو قومي شاهراهه بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو، رپورٽ موجب خيرپور پوليس آبادگارن تي ڪڙڪي پئي، لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو. راضيديرو ۾ هارين ۽ آبادگارن احتجاج ڪيو. هنن چيو ته واپاري من پسند اگهه مقرر ڪري هارين ۽ آبادگارن کي لٽڻ لڳا آهن، ڪيترائي هاري ۽ آبادگار ڪڻڪ جي فصل ۾ يوريا ڀاڻ نه ڏئي سگهيا آهن، جنهن سبب هارين کي نقصان ٿي رهيو آهي ۽ فصل به گهٽ لهندو. دريا خان مري ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. نوابشاهه ۾ بک ھڙتال چوٿين ڏينھن به جاري رھي. شاهپورجهانيان ۾ پريس ڪلب احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سڪرنڊ ۽ ٻين شهرن ۾ به آبادگارن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو.
سڄي سنڌ مان اهي دانهون اچي رهيون آهن ته زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ڪري مخصوص پيڍين وارا بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن سان آبادگارن جو نه صرف معاشي قتل ڪيو پيو وڃي پر سنڌ کي معاشي طور ڪمزور ڪيو پيو وڃي. ڀاڻ نه ملڻ سبب فصل سڙي رھيا آھن پر انتظاميه ڪوبه نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌ اندر ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن جو معاشي استحصال ڪيو پيو وڃي، واپاري توڙي بروڪر مافيا وڏن آبادگارن کي ڀاڻ ڏين پيا، ننڍن آبادگارن کي سرڪاري اگهه کان ٻيڻي رقم تي مجبورن ڪلر وٺڻو پوي ٿو. سرڪاري اگهه 1765 رپيا آهي پر واپاري ٽي هزار رپين ۾ وڪرو ڪن پيا. اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته سنڌ جي آبادگارن جو معاشي قتل بند ڪري آبادگارن کي ڀاڻ جي سرڪاري اگهه تي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. ايترن ڏينهن کان احتجاج جاري آهي پر حڪومت ان جو ڪو به تدارڪ ڪرڻ لا تيار ناهي. حڪمرانن کي هاڻي اک پٽڻ گهرجي. سنڌ ۾ وڏي وقت کان آبادگارن ۽ هارين سان اهڙي روش جاري آهي. ڪڏهن کين پاڻي نٿو ملي، ڪڏهن کين فصلن جا اگهه صحيح ڪونه ٿا ملن ۽ ڪڏهن کين نقلي ڀاڻ ۽ ٻج ڏنو وڃي ٿو، هاڻي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. حڪمرانن کي آبادگارن جو اهو مسئلو فوري طور حل ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button