ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ٽي آ سرڪار جون عوام دشمنيون

Editorial-Article-Yameen Jatoi

پي ٽي آ هن ملڪ جي تاريخ جي واحد حڪمران ڌر آهي، جنهن نه رڳو عوام دشمني ۾ ماضي جي سرڪارن جا رڪارڊ ٽوڙيا آهن، پر مڪر، دوکي، ٺڳي، بيشرمي ۽ نڪ جي پڪائي ۾ به پنهنجي هڪ ڌار سڃاڻپ ٺاهي اٿس. ان سرڪار جي سربراهه يعني عمران نيازي جو مڪاري، ڪوڙن ۽ بي حيائي ۾ ڪو به مٽ ڪونه اٿس. آئي ڏينهن عوام کي بيوقوف ٺاهڻ جا نت نوان ڍونگ ڪندو رهي ٿو، ۽ ان تي کيس ڪا به ندامت يا افسوس ڪونه ٿو ٿئي. اهو بيشرمي جو اعليٰ نمونو آهي. اهڙي ريت سندس وکن تي هلندڙ جيڪي به وزير مشير اٿس، اهي کانئس ٻه قدم اڳتي نڪتل آهن. “ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏي هڻي تيرنهن.”! مني بجيٽ ۾ ڏيڍ سئو شين تي سيلز ٽيڪس وڌائڻ جون سفارشون ڪيائون پر بي حيا ان درجي جا آهن جو ان بجيٽ کي به وڏي “انقلابي” قدم طور پيش ڪري رهيا آهن، چي: “مني بجيٽ جو عام ماڻهو تي ڪو به اثر نه پوندو.” هائو سائين، توهان اها بجيٽ مريخ تي پيش ڪئي آهي.
ملڪ جا معاشي پنڊت واضح لفظن ۾ چئي رهيا آهن ته وفاقي سرڪار پاران عالمي مالياتي سامراجي اداري (آءِ ايم ايف) جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل مني بجيٽ سان مهانگائي جو نئون طوفان اچڻ جو خدشو آهي، پر نيازي ٽولو مسلسل عوام سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته ان جو مٿس ڪو به بار نه پوندو. نئين مني بجيٽ ۾ تقريبن 150 شين تي سيلز ٽيڪس وڌائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. جنهن سان موبائيل فونز، امپورٽ ٿيندڙ گوشت، بيڪري آئٽمز، برانڊيڊ فوڊ آئيٽمز، ڊيري پراڊڪٽس، مصالحن، سوجيون، پنير، مکڻ، ديسي گيهه، کير، ڪريم، سلائي مشينون، دوائون ۽ ٻيون شيون مهانگيون ٿينديون. ناڻي جي وفاقي وزير شوڪت ترين طرفان پيش ڪيل فنانس ضمني بل 2021ع ۾ امپورٽيڊ موبائيل فونز تي 17 سيڪڙو اضافي ٽئڪس ۽ موبائيل ڪمپينز لاءِ سروسز ايڊوانس ٽئڪس 10 کان 15 سيڪڙو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. بيڪري ۽ برانڊيڊ فوڊ آئيٽمز تي جي ايس ٽي ڇوٽ واپس وٺڻ، دوا سازي لاءِ امپورٽ ٿيندڙ خام مال تي ٽئڪس ڇوٽ واپس وٺڻ ۽ گاڏين جي رجسٽريشن فيس تي ايڊوانس ٽئڪس ۾ 100 سيڪڙو واڌ جي سفارش ڪئي وئي. پولٽري سيڪٽر جي مشينن، ملٽي ميڊيا پراجيڪٽس، ليٿيم آئرن بيڪٽري، چاندي، سون، جوليري، سولر، ونڊ ۽ آبپاشي اوزارن، ٿرڪول لا درآمد ٿيندڙ اوزارن سميت ٻين شين تي ٽيڪس وڌايو ويو آهي. 350 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي ويندي، ٽيڪس وصولين جا هدف 271 ارب رپين مان وڌائي 6100 ارب رپين تائين ڪيا ويندا. جن شين تي سيلز ٽيڪس ڇوٽ وڌيڪ آهي، انهن تي سيلز ٽيڪس ريٽ 17 سيڪڙو لاڳو هوندو، ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ لاءِ شيڊيول 5، 6، 7، 8 ۽ 9 ۾ ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن. موبائل فون، اسٽيشنري ۽ پيڪ فوڊ آئٽمز تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو امڪان آهي، برآمدن کانسواءِ زيرو ريٽنگ مان به سيلز ٽيڪس ڇوٽ واپس ورتي ويندي. 800 سي سي وڏين گاڏين تي سيلز ٽيڪس جي شرح وڌائڻ ۽ لگزري گاڏين جي درآمد تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي تجويز ترميمي بل جو حصو آهي. درآمد خوراڪ تي ڊيوٽي وڌائڻ يا ان تي پابندي جي تجويز شامل آهي. ڪاسميٽڪس جي سامان تي ڊيوٽي وڌائڻ جي تجويز به ترميمي فنانس بل جو حصو آهي، ان کانسواءِ دٻن ۾ پيڪ کاڌي پيتي جي شين جي درآمد تي پابندي جي تجويز آهي. موبائل فونز تي سيلز ٽيڪس جي رعايت ختم ڪئي پئي وڃي، پرڏيهي ڊرامن جي درآمد تي به ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي. ڊيوٽي فري شاپس ۽ ماچيس تي به 17 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو. درآمد ٿيل سبزين تي به 7 ارب جو ٽيڪس هنيو ويندو. ملنگ انڊسٽري لا استعمال ٿيندڙ اناج ۽ ٻين شين تي 5 ارب جو ٽيڪس لڳندو. قدرتي آفتن ۾ استعمال ٿيڻ واريون درآمد ٿيندڙ شيون به ٽيڪس کان آجيون نه هونديون. ان سان گڏوگڏ ريئل اسٽيٽ جي شعبي کي ڏنل رعايت جاري رکڻ جي تجويز آهي. ترميمي فنانس بل ۾ ڪسٽمز، سيلز ٽيڪس ۽ انڪم ٽيڪس قانونن ۾ ترميمون ڪري ايف بي آر ڪليڪٽر جا اختيار گهٽ ڪيا پيا وڃن.
اهڙن قدمن باوجود عمران نيازي کان ويندي پي ٽي آ جي وزيرن مشيرن تائين لڳاتار عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته مني بجيٽ جا عوام تي ڪي به به هاڃيڪار اثر نه پوندا. جڏهن ته ساڍن سالن کان هي حڪمران اهي به ڪوڙ هڻي رهيا آهن ته نه رڳو معاشي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، پر ڪا به مهانگائي ڪونهي، چي: “عوام جي قوت خريد وڌي آهي.” شماريات جهڙا سندن پنهنجا ادارا ئي عوام دشمن پاليسين تان پردو کڻي رهيا آهن. تازو ئي شماريات کاتي جو بيان آيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 22 مهينن جي سڀ کان بلند سطح تي پهچي وئي آهي. پيٽروليم اسمن جي اگهن ۾ اضافي سان عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿيون جنهن سان پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 22 مهينن جي سڀ کان بلند سطح تي پهچي وئي. اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سال 2021ع دوران لڳاتار مهانگائي جي شدت وڌندي رهي، ڊسمبر 2021ع ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 12 ڏهائي 3 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ نومبر 2021ع ۾ مهانگائي 11 ڏهائي 55 سيڪڙو رهي جڏهن ته ڊسمبر 2020ع ۾ مهانگائي جي شرح 8 سيڪڙو رهي هئي ۽ سال 2020ع جي 6 مهينن دوران مهانگائي جي شرح 8 ڏهائي 63 سيڪڙو رهي.
عمران نيازي ڪنٽينر تي چڙهي ڪشتو ڀڃڻ جون جذباتي تقريرون ڪري عام ماڻهو بيوقوف ڪندو هو. قرض وٺڻ تي اڳوڻين سرڪارن تي تنقيد ڪندو هو، جڏهن ته اقتدار ۾ اچڻ کان پو سندس اهو ڪوڙ به پڌرو ٿي ويو، ان سان به سندس اصل عوام دشمن چهرو سامهون اچي ويو. هاڻي پاڻ اعتراف ڪري رهيا آهن ته هنن وڏي ۾ وڏو قرض کنيو آهي. ٻين لفظن ۾ هنن قرض کڻڻ ۾ به اڳوڻين سرڪارن کي مات ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ناڻي واري وزارت اسيمبلي ۾ جمع ڪيل تحريري جواب ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت گذريل ٽن سالن ۾ 37 ارب 85 ڪروڙ ڊالر جو پرڏيهي قرض ورتو آهي. اسيمبلي ۾ ناڻي واري وزارت حڪومت طرفان ورتل پرڏيهي قرضن جي حوالي سان لکت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. ناڻي واري وزارت چيو ته وفاقي حڪومت گذريل ٽن سالن ۾ 37 ارب 85 ڪروڙ ڊالر جو پرڏيهي قرض ورتو ۽ هڪ ارب ڊالر گرانٽس جي شڪل ۾ مليا. ناڻي واري وزارت چيو ته هن وقت پاڪستان جي ذمي مجموعي مقامي ۽ پرڏيهي قرض 414 کرب رپين تائين پهچي چڪو آهي. بيان مطابق سيپٽمبر 2021 تائين مجموعي مقامي قرضن جو حجم 264 کرب تائين پهچي چڪو هو ۽ پرڏيهي ڪل قرض 150 کرب رپين تائين پهچي چڪو آهي.
اصل ۾، پي ٽي آ سرڪار جي معاشي دائرن ۾ عوام خلاف ڪيل ڏوهن جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي. هي ته ان جو رڳو مختصر بيان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button