ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

“واريءَ منجهه وکون” هڪ اتساهيندڙ آتم ڪٿا

Editorial- Article- Azeem Roonjho

ڪنهن به ماڻهوءَ جي ذاتي زندگيءَ جي ڪٿا، اهو ماڻهو پاڻ لکي يا ڪو ٻيو لکي ان جي وڏي تاريخي ۽ ادبي اهميت هوندي آهي. ڇو ته آتم ڪٿا ۾ اهڙن واقعن ۽ حالتن جو ذڪر هوندو آهي، جن جو اکين ڏٺو شاهد اهو ماڻهو هوندو آهي، جيڪو آتم ڪٿا لکي رهيو هوندو آهي. سنڌي ادب ۾ ڪيترن ئي سياسي، سماجي، ادبي، ڪاروباري ۽ آرٽ سان لاڳاپيل شخصيتن جون جيون ڪهاڻيون پڙهندڙن لاءِ موجود آهن ۽ هر پڙهندڙ انهن مان پنهنجي حساب سان ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪري ٿو، ڪجهه پرائي ٿو. تازو ئي ٿر جي زرخيز مٽيءَ مان جنم وٺندڙ شخصيت نورمحمد بجير جنهن سماجي دنيا ۾ نه فقط ذاتي حيثيت ۾ مٿانهون مقام حاصل ڪيو ۽ نالو ڪمايو پر هو جن ادارن ۾ جن نوجوانن جو اڳواڻ ٿي رهيو يا بحيثيت هڪ تربيتڪار جي جن ماڻهن جي هن تربيت ڪئي، اهي به پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ ضرور ڪنهن نه ڪنهن مقام تي پهتا هوندا.
ٿرپارڪر جتي زندگيءَ جي سهولتن جي هن جديد دور ۾ به اڻاٺ آهي، پر اتي ايترو ٽيلينٽ آهي جو اتان جا نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون جڏهن به انهن کي ڪنهن ميدان ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، اهي خوب پاڻ ملهائيندي نظر اچن ٿا. نور محمد بجير جي آتم ڪٿا “واريءَ منجهه وکون” ان حوالي سان نوجوانن توڙي انهن عام پڙهندڙن لاءِ به اهم آهي، جيڪي سماجي تبديليءَ جا خواب ڏسن ٿا، ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پاڻ کي، پنهنجي آسپاس جي ماحول يا علائقي کي تبديل ڪرڻ چاهين ٿا. جيئن ته ليکڪ جي سموري شعوري زندگي هڪ تربيتڪار جي حيثيت ۾ گذري آهي، استاد جي حيثيت ۾ شاگردن کي پڙهائڻ ۽ سکيا ڏيڻ، ان کانپوءِ اين جي اوز جي دنيا ۾ مختلف ادارن ۾ رهي اداري جي ڪارڪنن جي تربيت ڪرڻ، جن ڳوٺاڻن لاءِ ڪم ڪيو وڃي ٿو، انهن جي تربيت، سکيا ۽ انهن ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ، ان ڪري هي آتم ڪٿا به هڪ تربيتي مينوئل جي انداز ۾ لکي ويئي آهي. جنهن سان پڙهندڙ هڪ ماڻهوءَ جي هڪ ڳوٺاڻي زندگيءَ جي سفر کان وٺي انٽرنيشنل ليول جي فورمس تي پنهنجي ماڻهن جي نمائندگي ڪرڻ جون ڪيس اسٽڊيز شامل آهن.
هن ڪتاب کي مختلف عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي، جيئن شروعاتي حصي ۾ “منهنجي ڪهاڻي” جي عنوان سان جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي، اهو ليکڪ جو پنهنجي سموري زندگيءَ جو هڪ جائزو آهي، جنهن ۾ هن ڪتاب لکڻ جي مقصد کي به بيان ڪيو ويو آهي ته “زندگيءَ ۾ جيڪي تجربا ڪيا آهن، جيڪي حوصلا افزا سبق مليا آهن ۽ جن غلطين مان پرايو آهي، انهن کي لکت ۾ آڻيان.”
هن ئي حصي ۾ اڄڪلهه جا جيڪي نوجوان شارٽ ڪٽ ذريعي مختلف ذاتي لاڳاپا استعمال ڪندي سفارش تي ڪنهن عهدي تي اچي اڳتي نڪرڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ به سبق آهي ته سفارش يا ذاتي لاڳاپن جي بنياد تي وقتي فائدو ته ضرور وٺي سگهجي ٿو، پر اهڙو ماڻهو ڪنهن به ميدان ۾ ڪا مستقل ڪاميابي نه ٿو ماڻي سگهي. ان لاءِ محنت، سچائي، ايمانداري ۽ حوصلي سان اڳتي وڌندو رهڻ ضروري آهي. ان سان گڏ سياسي تربيت جي ضرورت ۽ اهميت تي به ڳالهايو ويو آهي، ته نوجوانن ۾ سياسي شعور هجڻ ۽ انهن جي سياسي تربيت ٿيڻ ضروري آهي، ماضيءَ ۾ جيئن اسان ڏسون ٿا ته مختلف سياسي پارٽين جي ماتحت جيڪي تنظيمون هونديون هيون، انهن ۾ اسٽڊي سرڪلس، مطالعي جو لاڙو تمام گهڻو هوندو هو، انهن جا مختلف پروگرام منعقد ٿيندا هئا، جن ذريعي نوجوانن جي ڪافي سکيا ٿيندي هئي، اهي ماڻهو اڳتي هلي جڏهن عملي سياسي ۽ سماجي تحريڪ جو حصو ٿين ٿا ته ڪافي ڪارائتا ثابت ٿيندا آهن. ڪتاب جي ان ئي حصي ۾ ليکڪ پنهنجي ڪاميابين، ڪارائتن مشورن سان گڏ پنهنجي ناڪامين، خامين جو اعتراف به کلي دل سان ڪيو آهي، ان سان گڏ مختلف سماجي رڪاوٽن جو جائزو به ورتو ويو آهي.
“منهنجي جنم ڀومي” واري باب ۾ ليکڪ ٿرپارڪر جي سماجي، سياسي، معاشي حالتن سان گڏ اتان جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، مذهبي ۽ سماجي ڀائيچاري، ڏک سک ۾ هڪٻئي جي مدد ڪرڻ، عورتن جي زندگي، برادرين جي هڪٻئي سان لاڳاپن ۽ ڳوٺاڻي سطح تي فيصلا سازيءَ جي عمل، شادين ۽ غمين جي رسمن، ٿري ماڻهن لاءِ مال جي اهميت، انهن جي سنڀال، ڏڪار جي وقت لاءِ تيارين کي ڏاڍي سهڻي ۽ سادي انداز سان بيان ڪيو آهي، جنهن سان ان سموري خطي جي سماجي، ثقافتي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.
“منهنجو ننڍپڻ” جي عنوان واري باب ۾ ليکڪ جي ننڍپڻ جا ڪجهه اهڙا واقعا جيڪي سندس شعور ۾ نقش ٿي ويا، انهن جو بيان آهي، جنهن ۾ سندن ڳوٺ کي باهه لڳڻ، سن 71ع واري جنگ ۾ اتان جي ماڻهن جي ڪيفيت، ننڍپڻ جون رانديون ۽ بيماريءَ جي تڪليف ۽ ڀوڳنائون شامل آهن. “منهنجو تعليمي سفر” ۾ سموري تعليمي سفر جو احوال آهي، جنهن ۾ ڳوٺ ۾ حاصل ڪيل پرائمري تعليم دوران ان وقت جي اسڪولن کي مليل سهولتون، استادن جي پڙهائڻ جو انداز، امتحاني طريقه ڪار، غريب شاگردن کي پيش ايندڙ مشڪلاتون، ان کانپوءِ اڳتي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ڇڏي ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ شاگردن کي پيش ايندڙ مشڪلاتون بيان ڪيل آهي. هي سمورو احوال ڪافي اتساهه ڀريو آهي ته جنهن به ماڻهوءَ ۾ تعليم پرائڻ جو چاهه آهي، دلچسپي آهي ته ان کي ڪهڙو به ڏکيو وقت ۽ ڏکيون حالتون هجن روڪي نه ٿيون سگهن.
“روزگار ۽ اجهي جي تلاش” ۾ ان وقت جي ٿرپارڪر جتي سواءِ مال ۽ ٻنيءَ جي ماڻهن وٽ گذر سفر جو ٻيو ذريعو نه هجي، سفري سهولتون نه هجڻ برابر هجن، اهڙي وقت ۾ اتان جي نوجوانن ۾ اتان نڪري وڏن شهرن ۾ اچڻ ۽ روزگار جي تلاش، روزگار حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون يا گهٽ آمدنيءَ تي وڏن شهرن ۾ رهڻ، محنت، جدوجهد جي هڪ ڪهاڻي آهي. ان وقت ۾ به ليکڪ نه رڳو انهن ڏينهن جو احوال لکيو آهي پر ان دوران هن اهڙو ڇا سکيو جيڪو سندس اڳتي جي زندگيءَ ۾ سندس مددگار ثابت ٿيو، اهو نوجوانن جي رهنمائي لاءِ ڪافي اهم آهي. ان سان گڏ والدين، ڀيڻ، ڀاءُ، پنهنجي اولاد ۽ علائقي جي ٻين وڏڙن بابت به لکيو ويو آهي، جن جو ليکڪ جي زندگيءَ ۾ ڪو نه ڪو ڪردار رهيو آهي.
عملي زندگيءَ ۾ هڪ استاد طور مختلف اسڪولن ۾ پڙهائڻ جي تجربي بيان ڪرڻ کان پوءِ سماجي شعبي ۾ اچي عام ماڻهن جي زندگي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪم جي خواهش طور سرڪاري نوڪري ڇڏي سماجي شعبي ۾ اين جي او جي نوڪري ڪرڻ، مختلف ادارن سان شروعات ۾ رضاڪاراڻي طور بعد ۾ مختلف عهدن تي رهي ڪم ڪرڻ، ان دوران ڪم لاءِ حاصل ڪيل ڪهڙين تربيتن يا ڪهڙن تربيتڪارن يا سينيئر ماڻهن جو سندس سکيا جي عمل ۾ حصو رهيو، کانئن ڪيترو پرايو ۽ اهو سکيا جو عمل هڪ سماجي ڪارڪن لاءِ ڪيترو ضروري ۽ لاڀائتو آهي، ان حوالي سان ليکڪ پنهنجي زندگيءَ جا واقعا ۽ تجربا بيان آهن. جنهن ۾ سياسي ۽ سماجي تربيت شامل آهي. ان سان گڏ ئي ٿرپارڪر جي سياست جو پسمنظر اتان جي سياستدانن جي اندازِ سياست ۽ حڪمراني جو احوال به شامل آهي. ملڪ جي مخلتف علائقن ۾ مختلف ادارن سان الڳ الڳ قسم جي ماحول ۽ ماڻهن سان گڏ ڪم ڪرڻ جا واقعا، ان دوران حاصل ڪيل تجربا ۽ سکيا به بيان ڪيا ويا آهن.
نورمحمد بجير جي سماجي شعبي ۾ ٻين ڪمن سان گڏ آئون جن ڪمن کان وڌيڪ متاثر رهيو آهيان، اهو آهي نوجوانن جي آواز کي سگهارو ڪرڻ، انهن لاءِ پاليسي سازيءَ جي حوالي سان ڪوششون وٺڻ، ان حوالي سان پاڻ پنهنجي رٿابندي، پاليسي ساز ادارن تائين نوجوانن جي آواز کي پهچائڻ، نوجوانن کي پنهنجيون صلاحيتون بهتر انداز ۾ استعمال ڪرڻ، ڪا اهڙي پاليسي جنهن ۾ نوجوانن جي تعليم، تربيت، صحت توڙي روزگار جي حوالي سان سڀني مسئلن جو حل موجود هجي. ان جو ڊرافٽ ٺاهڻ، ان جي منظوريءَ لاءِ ڪوششون وٺڻ ۽ عام ماڻهن ۾ مذهبي، ثقافتي توڙي سماجي متڀيد جي خاتمي لاءِ ڪوششن جي حوالي سان احوال به هن ڪتاب جو حصو آهي.
ڪورونا جي تڪليف، دل جي بيماري دوران ذاتي ڪيفيتون، مختلف تنظيمن جو قومي سطح جو نيشنل هيومينيٽيرين نيٽورڪ کي سنڌ ۾ متعارف ڪرائڻ ۽ ان جي تنظيم سازي ڪري ان کي فعال ڪرڻ، اندرون توڙي بيرون ملڪ ڪيل سفرن جو احوال انهن مان حاصل ڪيل تجربا ۽ سکيا به پڙهندڙن سان ونڊيا ويا آهن.
ڪتاب جو مهاڳ ميرحسن آريسر جو لکيل آهي، جڏهن ته ناليواري دانشور جامي چانڊيي جي ليکڪ بابت تاثر سان گڏ، ليکڪ جي ڪجهه ٻين دوستن جا تاثر به ڪتاب ۾ شامل آهن. هي ڪتاب خاص طور سماجي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ اهم آهي. هن مان سکي سگهجي ٿو ته زندگيءَ کي بامقصد بڻائي ڪيئن اڳتي وڌجي جو انسان جي زندگيءَ نه رڳو پنهنجي لاءِ پر پنهنجي خاندان توڙي علائقي يا ڌرتيءَ لاءِ ڪارائتي بڻجي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button