ڊسمبر جي مهيني ۾ ڪيترائي ڏک اچن ٿا، بينظير ڀٽو جو ڏک، جنهن جي ذات سان اسان ماڻهن ڪهڙيون ڪهڙيون اميدون رکيون. هڪ ڏتڙيل قوم اميدون ئي رکي سگهي ٿي. پنهنجي ايندڙ نسل لا، پر هڪ ٽولو سڀني ڪروڙين ماڻهن جون خواهشون ڦري ويو ۽ فاطمه مرنيسي سڄي مسلم دنيا جي هڪ بي مثال دانشور جيڪا صدين ۾ پيدا ٿي هئي، پر موت هن کي اک ڇنڀ ۾ پاڻ سان کڻي ويو. هن پاڪستان ۽ مسلم عورت جي حڪمرانيءَ جو ڪيس ڪهڙي پرزور انداز ۾ وڙهيو هو، پر موت کيس مهلت نه ڏني.
30 نومبر 2015ع تي اسان جي وچ مان اها هستي هلي وئي، جنهن جو 20هين صديءَ جي مسلم دنيا ۾ ڪو مٽ ڪونهي. فاطمه مرنيسي گذاري وئي، پر اسان مان ڪيترن کي اها خبر ڪانه پئي ته اسين ڪهڙي ماڻڪ کان محروم ٿي ويا آهيون. فاطمه مرنيسي جو پاڪستان جي سياسي معاملن سان به تعلق هو. 16 نومبر 1988ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ بينظير ڀٽو پاڪستان جي وزيراعظم بڻجي وئي ته قدامت پسندن ان عمل کي قطع غير اسلامي قرار ڏنو. انهن جو چوڻ هو ته پهرين صدي هجريءَ کان اڄ تائين مسلم دنيا ۾ ڪا عورت حڪمران ناهي ٿي ته پو بينظير ڪيئن وزيراعظم بڻجي وئي. فاطمه بينظير ڀٽو جي مخالفن کي چڱي ريت جواب ڏنو ۽ هڪ اهڙو ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو ئي هن “مسلم دنيا جون وساريل راڻيون” رکيو. انهي ۾ هن سلطانه رضيه، شجرت الدر، ترڪان خاتون، ملڪه نور العالم ۽ ٻين ڪيترن ئي عورتن جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪي تخت تي ويٺيون، جن سياسي زندگي گذاري. جنگ جي ميدان ۾ پنهنجن فوجن جي اڳواڻي ڪئي ۽ جن مان ڪيترن کي زهر ڏئي ماريو ويو، يا زهريلن خنجرن سان قتل ٿي ويون. بينظير ڀٽو جي نصيب ۾ شيهي جي گولي آئي، اڄ پاڪستان ۾ لکين، ڪروڙين ماڻهو بينظير جو ماتم ڪندا پر دل چوي ٿي ته آئون فاطمه جو غم ڪريان.
فاطمه مرنيسي 1940ع ۾ مراڪش جي شهر فيض ۾ پيدا ٿي ۽ 30 نومبر تي جڏهن هن دنيا مان گذاري وئي ته هوءَ هڪ اهم مسلم دانشور ۽ هڪ مورخ جي شهرت رکندي هئي. ڪئين سال اڳ قاهره ٽائيمز هن جي باري ۾ لکيو هو ته اسان عربن لا هاڻوڪي دور جي شهرزاد آهي ۽ علم ۽ ادب جي شعبي تي ڪنهن داستاني راڻي وانگر حڪومت ڪري ٿي.
فاطمه کي تحقيق ۽ تخليق کي گڏائڻ جو هنر ايندو هو، هوءَ مراڪش جي ان خوشنصيب نسل سان تعلق رکندي هئي، جيڪو سياسي ڇڪتاڻ ۽ احتجاج جي دور ۾ پيدا ٿيو. سندس ما، نانين ۽ ڏاڏين لا گهران پير ٻاهر رکڻ ناممڪن هو. پر فاطمه پهرين فيض پو رباط ۾ تعليم پرائي. سندس ذهانت ان لا بند دروازا کولي چڪي هئي. هن فرانس جي سوربون يونيورسٽيءَ مان پوليٽڪل سائنس ۽ پو آمريڪا جي برانڊ يونيورسٽي مان سوشيالاجيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ماڻي. سندس علمي ڪم تي هن کي پرنس آف آسٽريا ايوارڊ ۽ سوسان سونتاگ ايوارڊ به ڏنو ويو. ان کانسوا ايراسمس پرائيز به سندس حصي ۾ آيو. سندس پهريون ڪتاب “بيونڊ دي ويل” يعني حجاب کان اڳتي 1975ع ۾ شايع ٿيو. مسلم عورتون خاص طور عرب دنيا جي مسلم عورتن جي باري ۾ سندس اهو ڪتاب هڪ ڪلاسڪ جو درجو رکي ٿو. گذريل 35 سالن ۾ هن “اسلامي دنيا جي وساريل راڻيون”، “اسلام ۽ جمهوريت: جديد دنيا جو خوف”، حدون ٽوڙڻ جا خواب”، “باغي عورتون ۽ مسلمان حافظه” ۽ “شهرزاد مغرب ۾”، ڪتاب لکيا. هوءَ هڪ اهڙي دور ۾ پنهنجي باغياڻن خيالن سان عرب دنيا ۾ نروار ٿي، جڏهن سڄي دنيا مسلمانن ۽ خاص طور تي عربن ڏانهن متوجهه هئي. هن عربي، فرانسيسي ۽ انگريزيءَ کي اظهار جو ذريعو بڻايو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هن جو ڳاڻيٽو عرب دنيا جي اهم دانشورن ۾ ٿيڻ لڳو.
فاطمه درجن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، تحقيقي ۽ تخليقي ڪاوشن جي شاهڪار انهن ڪتابن عرب ۽ مسلم دنيا کان وڌيڪ اولهه کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ هوءَ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ليڪچر لا سڏائي ويندي هئي. وارث مير صاحب پنهنجي ڪتاب “ڪيا عورت آڌي هي” ۾ هڪ اهڙي ڪانفرنس جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا ملائيشيا ۾ ٿي رهي هئي، جنهن ۾ پاڪستاني صاحب جو فاطمه مرنيسي سان تکو بحث ٿيو هو. فاطمه سڌي ڳالهه ڪندڙ عورت دانشور هئي ۽ عرب دنيا ۾ جمهوريت نه هجڻ کي مسلمان عورتن تي لاڳو پابندين سان ڳنڍيندي هئي. نيويارڪ ٽائيمز هن جي گذاري وڃڻ کانپو تعزيتي نوٽ لکيو، جنهن ۾ هن کي مسلم نسائيت جو بنياد رکندڙ قرار ڏنو.
هوءَ مراڪش جي هڪ هوشيار ۽ ذهين گهراڻي ۾ پيدا ٿي هئي ۽ هن جي شروعاتي زندگي ان ئي حويلي ۾ گذري، جيڪا اتي رهندڙ عورتن لا هڪ قيدخانو ئي هئي. 1993ع ۾ هن ريڊيو انٽرويو ڏيندي چيو هو ته منهنجي ما ان گهر کي هڪ قيدخانو چوندي هئي ۽ انهي کان نفرت ڪندي هئي. هو ريڊيو قاهره ٻڌندي هئي ۽ پنهنجي ان آزاديءَ مان مزو ماڻيندي هئي. فاطمه پنهنجي ڏاڏي ياسمينه جو ذڪر شهرزاد مغرب ۾ ۽ پنهنجي يادگيرين “حدود شڪني ڪي خواب ۾” وڏي تفصيل سان ڪيو آهي. انهن يادگيرين ۾ سندس ڏاڏي ياسمينه جي بنيادي اهميت آهي. جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته اها هيرو آهي ته غلط نه ٿيندو.
هن لکيو آهي ته ياسمينه منهنجي ڏاڏي جيڪا اڻ پڙهيل هئي، سندس چوڻ هو ته سفر هڪ وسيلو آهي. سکڻ جو ان کان وڌيڪ ڪو بهتر طريقو ڪونهي، اهو اوهان کي آزاد بڻائي ٿو ۽ هو هڪ حرم ۾ رهندي هئي ۽ هڪ روايتي گهر، جنهن جي دروازن تي تالا لڳل هوندا هئا ۽ عورتون انهن کي کولي نه سگهنديون هيون. ڏاڏي ياسمينه لا حرم هڪ ظالماڻو ادارو هو، جنهن سندس حقن کي ڦٻائي ڇڏيو هو. سندس چوڻ هو ته الله جي خلقيل ان خوبصورت ۽ پيچيده سياري تي سفر ڪرڻ ۽ ان کي دريافت ڪرڻ جي حق کان هوءَ محروم ڪئي وئي هئي.
فاطمه لکيو آهي ته منهنجو ننڍپڻ ڏاڏي ياسمينه کان اهو ٻڌندي گذريو ته هڪ عورت لا اها عام ڳالهه آهي ته سمنڊن يا دريائن کي پار ڪندي، هن تي غشي طاري ٿي ويندي آهي ۽ پو ان ۾ واڌارو ڪري ٿي ته ان جي ابتڙ جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي مرضي استعمال نه ڪري ته اها ڳالهه ان لا صدمي جو سبب ٿئي ٿي. جڏهن ڏاڏي ياسمينه گذاري وئي ته آئون 13 سالن جي هئي، هن جي موت تي مون کي ماتم ڪرڻ گهرجي ها پر منهنجي اکين ۾ لڙڪ نه آيا. هن مرڻ وقت چيو هو ته پنهنجي ڏاڏيءَ کي ياد ڪرڻ جو بهترين انداز اهو آهي ته اوهين شهرزاد جي منهنجي پسند واري ڪهاڻي ٻڌائڻ واري روايت کي زنده رکجو. اها پرين جي لباس واري عورت جي ڪهاڻي آهي، اهو ئي سبب هو جو مون الف ليلا جي هيروئن شهرزاد جي ٻڌايل اها ڪهاڻي برزبان ياد ڪئي. ان ڪهاڻيءَ جو بنيادي خيال اهو آهي ته هڪ عورت کي پنهنجي زندگي خانه بدوشن وانگر گذارڻ کپي. هن کي هر لمحو چست ۽ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه وڃڻ لا تيار رهڻ گهرجي، ڀلي ان سان محبت ئي ڇو نه ٿيندي هجي. اهي اهي داستان آهن، جيڪي اسان کي اهو سيکارين ٿا ته عشق اوهان کي پنهنجي دائري ۾ ڇڪي وٺندو آهي ۽ هڪ قيد بڻجي ويندو آهي.
فاطمه جي ڪئين ڪتابن ۾ عورتون بحث جو مرڪز آهن، اهي چون ٿيون ته بنهه جوشيلا انتهاپسند به اهو نٿا چئي سگهن ته عورت گهٽ آهي، اهو ئي سبب آهي جو سموري انتهاپسندي باوجود به ڪئين مسلمان ملڪن ۾ عورتون سياسي اڳواڻ طور اڀريون آهن. پاڪستان ۾ بينظير ڀٽو، ترڪيءَ ۾ تانسوشلر ۽ انڊونيشيا ۾ ميگاوتي، ان جو اظهار ان ڳالهه مان به ٿئي ٿو ته يونيورسٽيون ۽ پيشوراڻي ميدان ۾ ڪئين اهڙا شعبا آهن، جن کي رڳو مردن لا سمجهيو وڃي ٿو. مثال طور انجنيئرنگ ۽ ان ۾ مسلمان عورتون جوش خروش سان شامل ٿيون آهن، جڏهن ته انهن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو به هاڻ ئي ميسر ٿيو آهي. 1990ع جي ڏهاڪي ۾ يونيورسٽين يا ان جي ٻين شعبن ۾ پڙهائيندڙ مصري عورتن جو تناسب فرانس ۽ ڪينيڊا کان وڌيڪ هو. اهڙي ريت ترڪي ۽ شام ۾ انجنيئرنگ جي شعبي ۾ داخلا وٺندڙ ڇوڪرين جو انگ انگلستان ۽ نيدرلينڊ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو هو. الجزائر ۽ مصر ۾ پڙهندڙ ڇوڪريون ڪينيڊا ۽ اسپين جي ڇوڪرين کان وڌيڪ هيون.
ڪيڏي دلچسپ ڳالهه آهي جو سندس اڻ پڙهيل ڏاڏيءَ کيس اهو رستو ڏيکاريو، جنهن تي هوءَ هلي، مسلم دنيا جي اهم ترين دانشورن ۾ شامل ٿي. مسلمان اڄ جنهن سياسي ۽ ذهني انتشار جو شڪار آهن، ان ۾ فاطمه مرنيسي جهڙين دانشورن ۽ بينظير ڀٽو جهڙين تري تي سر رکي هلندڙ مسلمان عورتن جي ضرورت آهي. جيڪي اوڀر ۽ اولهه جي تڪرار کي تهذيبي ۽ ثقافتي سطح تي مڪالمي ۽ بحث ذريعي گهٽ يا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. افسوس ته موت انهن ٻنهي ڪمال ۽ بيمثال عورتن کي اسان کان کسي ورتو.