اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف جي چوري پڪڙجي چڪي آهي:احسن اقبال

اسلام آباد: مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چوري پڪڙجي چڪي آهي، فارن فنڊنگ ڪيس پي ٽي آئي جي شفافيت جو ميڪ اپ ڌوئي ڇڏيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته عمران خان سڄي ملڪ ۾ شفافيت جو چئمپين بڻجي ٿو پر اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ ڪيس کي روڪرائڻ لاءِ هيلا بهانا ڪري ٿو. هن چيو ته پي ٽي آئي ڪهڙِي ڳالهه کي لڪائڻ گهري ٿي. ڪهڙي ڳالهه کي راز ۾ رکڻ گهري ٿي. هن چيو ته پي ٽي آئي اليڪشن ڪميشن ۾ (ن) ليگ جي بدعنواني جو هڪ ثبوت پيش ناهي ڪيو. احسن اقبال چيو ته هي ڪوڙ ڳالهائي ڪراس ايف آئي آر داخل ڪرائي پنهنجي چوري بچائڻ گهرن ٿا. پي ٽي آئي پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ ٻين تي الزام مڙهي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button