اسلام آبادپاڪستان

مريم نواز ۽ پرويز رشيد جي ٻي آڊيو ٽيپ منظرعام تي اچي وئي

اسلام آباد :مريم نواز ۽ پرويز رشيد جي هڪ ٻي آڊيو ٽيپ منظرعام تي اچي وئي آهي. رپورٽ موجب نوازليگ جي نائب صدر مريم نواز ۽ پرويز رشيد جي هڪ ٻي آڊيو ٽيپ منظرعام تي اچڻ تي مملڪتي وزير فرخ حبيب نوازليگ تي سخت تنقيد ڪئي آهي ۽ چيو ته نوازليگ ميڊيا کي دٻا ۾ رکڻ لا ايئن ڪندي آهي. نوازليگ ميڊيا کي بليڪ ميل ڪرڻ جو وسيع تجربو رکي ٿي.آڊيو ۾ ٻئي ڄڻا ڪجهه صحافين جي جانبداري بابت ڳالهائي رهيا آهن. پرويز رشيد چئي رهيو آهي ته حسن نثار جيڪو نوازليگ کي گاريون ڏيندو آهي، ان کي پروگرام اسڪور ڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان تي مريم چوندي آهي ته اينڪر ارشاد ڀٽي به ان ۾ شامل آهي. پرويز رشيد به چوندو آهي ته ارشاد ڀٽي به نوازليگ لا گندي ٻولي استعمال ڪندو آهي. هو صحافي مظهر عباس بابت به ڳالهائيندو آهي. ان شو ۾ ڪو به اسان جو ترجمان ناهي، بابر ستار به آزاد را رکي ٿو. حفيظ نيازي اسان سان به اهو رويو رکي ٿو جيڪو عمران خان لا آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button