ملڪ جو حال ۽ حساب سٺو ناهي. هتي خرابيءَ ۾ واڌارو ۽ سٺائيءَ ۾ مسلسل خسارو نوٽ ٿيندو رهي ٿو. هونءَ ته ملڪ جي معاشي ۽ معاشرتي پسمنظر ۾ ان جا ڪيترائي روپ سروپ آهن پر هن مهل پاڻ صرف ٻن شين کي فوڪس ڪريون ٿا. هڪ شيءَ اومي ڪرون ۾ واڌاري جي صورت سامهون آئي ۽ ٻي شيءَ يوريا جي حوالي سان خساري جو در کڙڪائي رهي آهي. جڏهن ته ملڪ جو ڀلو چاهيندڙ ۽ ملڪ جي باري ۾ فڪرمند رهندڙ ماڻهن کي تمام گهڻي تشويش وڪوڙي رهي آهي ته اهو سلسلو آخر ڪٿي رڪبو؟ آخر اسان جي ملڪ ۾ بهتري ڇو پئي گهٽبي وڃي ۽ بدتري ڇو پئي وڌندي وڃي؟
عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ۾ چوندو هو ته جيستائين ڪنهن معاشري ۾ سزا ۽ جزا جو موثر نظام نه هوندو، تيستائين اهو معاشرو پنهنجن پيرن تي بيهي نه سگهندو. ان سلسلي ۾ سوال آهي ته آخر جزا ۽ سزا جو سلسلو ڪڏهن شروع ٿيندو؟ هن مهل جيڪي ماڻهو حڪومت جي ڇپر ڇايا ۾ سک سان ويٺا آهن، انهن پنهنجي ماضيءَ ۾ اهڙو ڪو ڪارنامو نه ڪيو آهي، جنهن سبب انهن کي تمام گهڻا اختيار مليا آهن. جڏهن ته عمران خان جي حڪومت دوران هن مهل تائين ملڪ جي ڪنهن به مشهور چور کي سڳ سوڌو پڪڙي ان سان قانون مطابق سلوڪ به ڪيو ويو آهي. اهڙي صورت ۾ ڪوئي ڇا سمجهي ته آخر اهو سلسلو ڪڏهن شروع ٿيندو؟ اسان جڏهن به ڪو نئون ڪم شروع ڪندا آهيون ته ان کي پڪو پختو ٿيڻ ۾ به ڪجهه وقت لڳندو آهي. جڏهن عمران خان جي حڪومت ڪوئي بهتر ڪم شروع ڪندي ته ان کي پاڙون لڳائڻ ۾ وقت لڳندو. ڇا ان حوالي سان ٽي سال ڪافي ناهن؟
جيڪڏهن حڪومت هن مهل تائين ڪو بهتر ڪم ڪيو هجي ها ته ان جون نه رڳو پاڙون لڳي چڪيون هجن ها پر اسان ان جو ڦل به کائي رهيا هجون ها. ان حوالي سان افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هن مهل تائين اهڙو ڪو سلسلو شروع ٿي نه سگهيو آهي. ان جو مطلب اهو ته اسان کي ان جي لاءِ اڃان وڌيڪ وقت انتظار ڪرڻو پوندو پر اهو انتظار به تڏهن سڦل ٿي سگهي ٿو، جڏهن عوام جون اکيون ڏسن ته قانون ۽ انصاف جو ٻج ملڪ جي سرزمين ۾ پوکجي چڪو آهي.
حڪومت جو پويون اڌ تمام گهڻي تڪليف وارو هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ به اهو چوندا آهن ته ”جنهن اڀرندي تاءُ نه ڪيو، اهو لهندي ڪهڙو تاءُ ڪندو؟“ حڪومت پنهنجي اٿڪ ۾ جڏهن پوري جوش ۽ جذبي ۾ هوندي آهي ته ان ۾ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي سگهه به هوندي آهي ۽ هن سان حالتون به تعاون ڪنديون آهن. جڏهن ته ويندڙ حڪومت سان ته هيٺين درجي واري بيوروڪريسي به بهتر طرح سان تعاون نه ڪندي آهي. ڇو ته ان کي به ايندڙ حڪومت سان پنهنجا معاملا بهتر ڪرڻا هوندا آهن. عمران خان جي سرڪار سان هن مهل ڪير سهڪار ڪندو؟ حڪومت جي ٿڪاوٽ هن وقت شدت سان محسوس ٿي رهي آهي. اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ ايتري گهڻي اميد سان زيادتي نه ٿي وڻي. پر ڇا ڪجي؟ اسان کي ڪيترو به جذباتي هوندي وري به حقيقت پسند ٿيڻو پوي ٿو. اسان ڪجهه به چئون پر اسان پنهنجي ملڪ ۽ ماحول ۾ ٿيندڙ تباهيءَ کان اکيون چورائي نه ٿا سگهون.
عمران خان پاڻ بهتر انسان آهي ۽ هن جي ايمانداريءَ تي به جيڪڏهن شڪ نه ڪجي تڏهن به هن جي صلاحيت جي سلسلي ۾ تمام گهڻا سوال پيدا ٿين ٿا ۽ انهن سوالن جا جواب ڏيڻ بدران اسان پنهنجي وک اڳتي وڌائي نه ٿا سگهون. اسان کي پنهنجي مستقبل جو به خيال رکڻو پوي ٿو. جيڪڏهن اسان اهو ڪجهه نه ڪيو ته اسان جي مدد جي لاءِ ڪير ايندو؟ هن وقت اسان جي آڏو افغانستان جو مثال موجود آهي. افغانستان ۾ هن وقت ماڻهو بک تي آهن ۽ دوائون موجود نه هجڻ جي صورت ۾ ٻار ۽ بيمار تڙپي رهيا آهن. دنيا ۾ ايترا سارا ملڪ آهن پر انهن جي ان طرح سان ڪو به مدد نه ٿو ڪري، جنهن طرح سان انهن کي مدد جي ضرورت آهي.
هيءَ دنيا تمام گهڻي مفادپرست آهي. هن دنيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن ۾ ڪنهن جو ڪم آهي ته ٺيڪ آهي ۽ جيڪڏهن ناهي ته پوءِ کڻي ڪير ڪيترو به ويجهو هجڻ جو داعي هجي پر اهو وقت تي ڪم نه ايندو آهي. اهو تلخ تجربو دنيا ۾ سڀني کي آهي ۽ ان کان ڪوئي انڪار به نه ٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن اسان ۾ دنيا جو ڪم هوندو ته اسان کي دنيا اهميت به ڏيندي ۽ جيڪڏهن اسان ۾ دنيا جو ڪو مفاد نه هوندو آهي ته دنيا اسان جي مشهور ماڻهن کي پنهنجي ملڪ جو ويزا به نه ڏيندي. آمريڪا سان اسان جا ڪيترا نه مثالي تعلقات هئا پر جڏهن آمريڪا جو افغانستان وارو ڪم نڪتو ته پوءِ آمريڪا جو اسان سان اهڙو رويو هو، جنهن لاءِ سنڌي ۾ پهاڪو استعمال ڪيو ويندو آهي ته ”جوڳي نه ڪنهن جا مٽ“ افغانستان ۾ به ايئن ٿيو. هاڻي آمريڪا افغانستان جي عوام تي ڪنهن به قسم جي قياس ۽ رحم جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته افغان عوام پهريان جي مقابلي ۾ وڌيڪ عذاب هيٺ آهي پر آمريڪا انهن جون دائون به بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ انهن جا اثاثا به ضبط آهن. ان جو اثر عام افغان تي پئجي رهيو آهي ۽ هو جهڙي طرح تڪليف جو شڪار آهي، هن جي پيڙا جو ڪنهن کي احساس ئي ناهي. ڪيڏانهن وئي عالمي برادري ۽ انسانيت جو احساس؟ اهي سمورا کوکلا لفظ بڻجي وڃن ٿا، جڏهن به ڪنهن جو ڪنهن ۾ ڪو مفاد ناهي ته پوءِ اهو پنهنجي تمام گهڻي لفاظيءَ سان به ڪنهن کي پنهنجي طرف متوجهه ڪري نه ٿو سگهي.
عمران خان جي جدوجهد پنهنجي جاءِ تي! پر هن وقت سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته عمران خان جي حڪومت مان عوام کي ڇا مليو آهي؟ هن مهل به حڪومت جا ترجمان ايندڙ وقت جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ۽ اهي چئي رهيا آهن ته بهتر وقت اچڻ وارو آهي. ان قسم جون خوشفهميءَ واريون خوشخبريون ٻڌي ٻڌي اسان جا وار اڇا ٿي ويا آهن پر ڪنهن به اميد جي ٽاريءَ تي ڪوئي ڦل نه لڳو آهي.
عمران خان سان گڏ جيڪڏهن هڪ بهتر ٽيم هجي ها ته هو تمام بهتر طرح سان ملڪ هلائي سگهي ها، ان قسم جون ڳالهيون به هاڻي پراڻيون ٿي چڪيون آهن. ڇو ته حڪومت هلائڻ جو تجربو به عمران خان کي حاصل ٿي ويو ۽ هو ملڪ جي صورتحال به ڏسي ويٺو ۽ اها به حقيقت آهي ته جيترو وزير اعظم کي پتو هوندو آهي، ايترو ڪنهن کي به معلوم نه هوندو آهي. اهڙي صورت ۾ هن کي هن وقت تائين پنهنجي تمام بهتر ٽيم ته ٺاهڻ کپندي هئي. ڇو ته اسان ذوالفقار علي ڀٽو جي صورت ۾ ڏسي چڪا آهيون ته هن ساڳي ملڪ مان اهڙن ماڻهن جي چونڊ ڪئي، جيڪي ايماندار به هئا ۽ انهن ۾ تمام گهڻي صلاحيت به هئي. اها هڪ سچائي آهي ته اسان ان فرد مان تيستائين توقع نه ٿا رکي سگهون، جنهن فرد جو اسان کي پتو نه هجي ته هو ايماندار هجڻ سان گڏ باصلاحيت به آهي. جيڪڏهن ايمانداري ئي سڀ ڪجهه هجي ها ته هن وقت اسان کي صوفي ۽ ساڌو قسم جا ماڻهو اقتدار ۾ آڻڻ کپن ها. پر هيءَ دنيا آهي ۽ هن دنيا جا پنهنجا لوازمات آهن. اسان کي انهن للڪارن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جيڪي اسان جي آڏو تمام وڏي رڪاوٽ بڻجي کڙيون آهن. جيڪڏهن اسان انهن سان مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل نه ڪئي ته اسان اهو مقصد حاصل ڪري نه سگهنداسين، جنهن جي ڪري ڪا قوم سگهاري به ٿيندي آهي ۽ ان جي مقدر ۾ خوشحالي به ايندي آهي. عمران خان تمام بهتر ماڻهو آهي پر عمران خان جي ان بهتريءَ مان اسان کي جيڪو فائدو حاصل ٿيڻ گهرجي، اهو هن مهل تائين نه ٿي سگهيو آهي ته ان جا به ڪي ڪارڻ هوندا ۽ جيڪي به ڪارڻ هوندا، انهن کي ختم ڪرڻ جي ذميواري به ته حڪومت جي مٿان هوندي آهي.
ڪورونا نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا جي ملڪن کي پاڙن تائين لوڏي ڇڏيو پر جيڪي ملڪ تمام گهڻا مضبوط هئا ۽ جن وٽ تمام گهڻو ناڻو هو ۽ انهن جا اڪائونٽ ڀريل هئا، اهي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڪورونا جي طوفان مان گذري ويا، جڏهن ته پاڪستان جهڙا ڪمزور ملڪ پهريان کان وڌيڪ پيڙجي ويا. هن مهل جڏهن ڪورونا جو نئون قسم اومي ڪرون ملڪ ۾ ڦهلجي رهيو آهي، تڏهن ته اسان جا ڏوهه ڏڪي رهيا آهن ته ايندڙ وقت وٽ اسان جي لاءِ ڇا هوندو؟ جهڙي طرح چوندا آهن ته ڏٻري ڍور جي مٿان مڇر به گهڻا هوندا آهن. ساڳي طرح سان اسان جو ملڪ به اهڙو ڪمزور ڍور آهي، جنهن جي مٿان مسئلن جا مڇر تمام گهڻا لامارا ڏئي رهيا آهن ۽ اهي ڪنهن به طرح سان ڪنٽرول ۾ نه ٿا اچن. ان حالت ۾ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ڇا اسان کي هٿيار اڇلائڻ گهرجن يا حڪومت کي تمام گهڻي هوشياريءَ سان ملڪ جو ٻيڙو ڪنڌيءَ ڪرڻ گهرجي؟ ڇا اها حقيقت ناهي ته پاڪستان جو سرمائيدار ملڪ ناهي ۽ پاڪستان جو سمورو دارومدار گهڻو ڪري زراعت جي مٿان آهي ۽ جيڪڏهن ملڪ ۾ يوريا نه هوندو ته ملڪ جي زراعت جو ڇا حشر ٿيندو؟ اسان کي اها ڳالهه به ذهن نشين ڪرڻي پوندي ته اسان پنهنجي ملڪ معيشت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي زرعي اپت کي بهتر نه ڪنداسين ته هن مهل جهڙي طرح عوام کي هڪ يا ٻن ويلن جي ماني ملي ٿي پوءِ ته اها به مشڪل ٿي ويندي. جڏهن ته اسان کي پنهنجي ڀرپاسي وارن ملڪن مان ڪو اهڙو آسرو ناهي ته اهي اسان جي مدد ڪندا ۽ اسان کي مشڪل مان ٻاهر ڪڍندا. اسان جن شين ۾ بهتر هئاسين، هاڻي انهن شين ۾ به بدتر ٿي رهيا آهيون ته اسان کي تشويش ٿيڻ لازمي آهي. ان صورت ۾ صرف نه گهٻرائڻ جي صلاح ڏيڻ ڪارگر نه ٿي سگهندي.