ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مٺي ۾ وڻ سُڪائيندڙ مافيائون

Editorial

دنيا ۾ ماحول جي تحفظ لاءِ ضروري آهي ته وڻ وڌ کان وڌ پوکيا وڃن ته جيئن ماحول نه رڳو صاف سٿرو رهي ته جيئن ان سان گڏ جيڪي ٻيون آفتون آهن، اهي به ٽرنديون رهن پر جهنگلي جيوت لاءِ به ماحول سازگار رهندو اچي، پر اسان جي ملڪ ۾ صورتحال ان جي ابتڙ آهي. هتي نه رڳو عام ماڻهو توڙي ادارا ماحول دشمني پويان لڳل آهن بلڪه انهن اهو طئي ڪري ورتو آهي ته ڪهڙي ريت ماحوليات کي تباهه ڪري انسانن لاءِ وڏيڪ مصبيتون آڻڻيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾وڻن جي واڍي جو عمل به جاري آهي ته ان سان گڏ ٻيون ماحول دشمن سرگرميون به زورن آهن. ٿر سنڌ جو هڪ سهڻو علائقو آهي. جنهن جي فطري سونهن کان انڪار ناهي. پر ان فطري سونهن کي تباهه ڪندڙ به ڪي اهڙا ماڻهو آهن، جن کي وڻن جي اهميت جي به خبر ناهي. هڪ ڀيرو وري مٺي واري پاسي اڻلڀ وڻن کي سڪائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.
مٺيءَ جي رڻ ڪنڌي سان لڳندڙ وٽ واري علائقي ۾ بااثرن گگرال ۽ کونئر لاهڻ لا ڪيميڪل ذريعي هزارين ناياب وڻ سڪائي تباهه ڪري ڇڏيا. علائقي جي 10 کان وڌيڪ ڳوٺن جي رهواسين سخت احتجاج ڪيو. خبر موجب مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ڏيپلو تعلقن جي سرحدي بارڊر ۽ رڻ ڪنڌي سان لڳندڙ وٽ واري علائقي ۾ گگرال ۽ کونئر مافيا هزارين ناياب وڻن کي زهريلي ڪيميڪل سان ٽڪي سڪائي تباهه ڪري ڇڏيو آھي. مقامي آبادي جي چوپائي مال ۽ جهنگلي جيوت جي چراگاهن مان وڻن جي واڍي ۽ ڪيميڪل سان تباهي خلاف ڳوٺاڻان سراپا احتجاج بڻجي ويا آھن، پر سنڌ سرڪار توڙي ضلع انتظاميا نوٽيس وٺڻ جي زحمت ناهي ڪئي. ان ڏس ۾ مختلف ڳوٺن ڏينڻيون لنجا، ڪانگيڻي، تيراڙ نھرويرو، ڇڇي سمان، سانگ ڦاٽوڙ، ڳوڌيو، نيٻلو، نبي سر ۽ ڀرپاسي جي ڪيترن ڳوٺن جي مالوند ماڻھن علائقي جي ڳوٺ ڏئيڻيون ۾گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته ٿر جي فطر سونھن کي برباد ڪندڙ گُگرال کي ڪيميڪل لڳائي کوئنر حاصل ڪندڙ مافيائن ھتان جا ٻيلا تباهھ ۽ برباد ڪري ڇڏيا آھن، حد جُھن ٿاڻي جي پوليس ۽ ٻيلي کاتي جي ڪامورن منٿلي وٺي مافيائن کي ناياب وڻ ختم ڪرڻ جي سرعام ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي. ھن خطرناڪ ڪيميڪل جي وبا سبب نه رڳو گگرال جو وڻ تباھه ٿي رھيو آهي، پر ڪونڀٽ ڪنڊي، ڦوڳ روھيڙو ۽ ٻيا به وڻ ڪيميڪل لڳڻ سبب ختم ٿيندا وڃن. گئوچر سيمن مان زبردستي ڪونڀٽ ڪنڊي ڦوڳ جو ڪاٺ وڍي وڪرو ڪرڻ ۽ من پسند ماڻھن کي شھرن ڏانهن گاڏيون ڀري موڪلڻ جو سلسلو جاري آھي. اسان حد جي پوليس ۽ وائلڊ لائيف کاتي جي ضلعي آفيسرن کي شڪايتون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آھيون، پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي. هنن چتاءُ ڏنو ته وڻن کي ڪيميڪل ذريعي تباهه ۽ واڍي بند ڪرائي ملوث مافيائن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته عدالت ۾ وڃڻ سان گڏ مٺي ۾ چيف جسٽس جي دوري دوران کيس درخواست ڏينداسين.
اسين سمجهون ٿا ته هيءَ نه رڳو اتان جي مقامي ماڻهن سان ظلم آهي پر اتان جي ماحول لاءِ به هي بنهه خطرناڪ ڳالهه آهي، جنهن جي جيتري نندا ڪجي سا گهٽ آهي. ڇاڪاڻ ته اهي وڻ نه رڳو ٿر جي سونهن آهن پر انسان ۽ جانورن به گذر انهن وڻن تي آهي، تنهنڪري انهن کي ڪيميڪل وسيلي سڪائي ختم ڪرڻ جو مطلب اهو ئي آهي ته ٿر جي فطري ماحول سان هٿ چراند ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن جو احتجاج جائز آهي ۽ جيترو جلدي ٿي سگهي، وڻن کي سڪائڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان کانسواءِ ٿر واري پاسي جي ماحول کي بهتر ڪرڻ ضروري آهي ۽ اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسين اتان جي وڻن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪريون. جهنگلي جيوت لاءِ بهتر ماحول جوڙيون ۽ ڪنهن به قسم جي هٿ چراند نه ڪريون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button