رانديون

اداڪار سهيل احمد، شعيب اختر جي ما سان محبت جو قصو ٻڌائي ڇڏيو

لاهور: مشهور اداڪار سهيل احمد قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر بابت دلچسپ ڳالهه ٻڌائي ڇڏي. شعيب اختر جي ماءُ 26 ڊسمبر 2021 تي لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن جي خبر ڪرڪيٽر سوشل ميڊيا اڪائونٽس ذريعي ڏني. شعيب اختر جي ماءُ جي لاڏاڻي بعد سهيل احمد هڪ نجي ٽي وي شو ۾ ڪرڪيٽر جي پنهنجي ماءُ سان لازوال محبت بابت ٻڌايو.

سهيل احمد چيو ته مان شعيب اختر کي ذاتي طور تي سڃاڻان ٿو، ٻه ٽي ڀيرا سندس گهر آيو آهيان، نوجوان نسل کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته شعيب اختر جنهن طرح پنهنجي ماءُ سان پيار ۽ خدمت ڪئي آهي، اهو منفرد آهي. هن چيو ته اچو ته ماءُ جي خدمت جو مثال ڏيون جيڪو هڪ ڀيرو ثقلين مشتاق ٻڌايو هو. ثقلين مشتاق ٻڌايو ته انگلينڊ ۾ ميچ هلي رهيو هو ۽ شعيب اختر پنهنجي ما کي اٽو ڏيڻ هليو ويو. هنن چيو ته فون تي ڳالهائڻ دوران شعيب اختر کي ما چيو ته اٽو ختم ٿي ويو آهي ۽ هو ما کي اٽو ڏيڻ هليو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button