غربت جي حتمي وصف ڪهڙي ٿيندي؟ ان جو تعين غربت ۾ ورتل فرد ئي طئي ڪرڻ جو حق رکي ٿو. انسان جو وڏي ۾ وڏو مسئلو بنيادي شين جي اڻ هوند آهي ۽ اهي سڀ اهڙيون شيون آهن، جيڪي فرد کي بھتر زندگي گذارڻ ڏانهن مائل ڪن ٿيون. غربت ڇا آهي؟ غريب ڪير آهي؟ انھن سوالن جا ڪيترائي جواب ٿي سگهن ٿا. ڪي فلسفياڻه هوندا ته ڪي وري سياسي ته ڪجهه وري سماجي، ڪجهه وري فرد جي پنهنجن خيالن جي ڏي وٺ ھوندي. يقينن! غربت ان فرد لاءِ گار آهي جيڪو ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آهي. غربت ان فرد لاءِ وائرس هوندي. جيڪو بيمارين ۾ ورتل آهي ۽ انهيءَ وٽ علاج لاءِ ڏوڪڙ ڪونهي. غربت ان لاءِ ڏوهه هوندي جنهن وٽ ڄاڻ هوندي به ڪنهن روزگار جي کوٽ هوندي.
سنڌ جي ڪل آبادي 47 ڏهائي 89 ملين آهي. هونئن ته هر ماڻهو هڪ ڏينهن غريب ٿي ويندو آهي. جنهن ڏينهن هو پنهنجي صحت ۽ ذهني سالمي ڪيفيت کي وڃائي ڇڏيندو آهي. پر مالي لحاظ کان غريب ماڻهو جهنجهٽن جو شڪار هوندو آهي. سرمائيداري نظام جي اڀرڻ کان پوءِ هڪ ئي مفروضو ذهن تي سوار ٿي ويو ته “غريب ويتر غريب ٿيندو پيو وڃي ۽ امير ڏينهون ڏينهن امير”.
معيشت جي ماهرن موجب دنيا جي لڳ ڀڳ دولت 510 ٽرلين ڊالر آهي. فرض ڪريو اوهان جي هٿ ۾ موبائل يا ڪا اخبار ھوندي، اها دنيا جي دولت جو هڪ پتڪڙو حصو ٿي سگهي ٿي. ماهرن موجب 5ٽرلين ڊالرن دنيا جي 745 ماڻهن جا اثاثا آهن. جنهن 3 ٽرلين ڊالرن جي دولت رڳو آمريڪا جي سرمائيدارن وٽ آهي.
صنعتي انقلاب جي اچڻ کانپوءِ دنيا جو نقشو تبديل ٿي ويو. ماڻهو ڳوٺ ڇڏي شهرن ۾ آباد ٿيڻ لڳا. پراڻا شهر رنگن ۾ تبديل ٿي ويا. خالي پٽ وري ٻيهر نئين نموني سان نوان شهر ٿيڻ لڳا. اهڙي ريت دنيا جو سڄو معاشي نظام صدين کان وٺي جمود مان نڪري هڪ نئين شڪل اختيار ڪري ويو، جنهن جي ارتقا روز نئين ٽيڪنالاجيءَ جي شڪل ۾ ظاهر ٿئي پئي.
پاڪستان جي آبادي انگن اکرن موجب لڳ ڀڳ ٻاويهه ڪروڙ ٿيندي. بقول معاشي ماهرن جي پاڪستان جي GDP پوئين سال جي پڄاڻي تائين 280 بلين ڊالر ٿي وئي آهي. ڪنهن ملڪ جي معاشي مضبوطي ان جي GDP سان واڳيل هوندي آهي.
پاڪستان جو گهڻي آباديءَ جي لحاظ کان ٻيو وڏو صوبو سنڌ آهي ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال پڻ- تنهن کان پوءِ سنڌ جي غربت جي شرح جو لاٿو لڳائجي ته ٻھراڙي توڙي شهرن ۾ رهندڙ آبادي مهيني جو سيڌو سامان وٺڻ لاءِ به پريشان ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
اها صورتحال ڇو آهي؟ ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. ڪجهه سياسي هوندا ته ڪجهه سماجي ته ڪجهه علائقائي- پر ٿلهي ليکي اهو رياست جو بنيادي مقصد آهي ته اها وسيلن جي ورڇ ڪيئن ڪري ٿي.
غربت هڪ مسئلو گھٽ پر هڪ سماجي بيماري وڌيڪ آهي، جنهن جو ويڄ لڀي ئي نٿو. خاص طور تي سنڌ ۾ جتي هڪ ئي ڳوٺ ۾ چار ماڻهو لينڊ ڪروزر ۾ چڙهي هلن ٿا ته چار ماڻهن وٽ پيرن ۾ پائڻ لاءِ چپل به نٿي لڀي. ڪيئن گرم مٽيءَ کان پيرن جي ڪوس کي بچائين. اهو ساڳيو اصول سڄي رياست سان لاڳاپيل نظر اچي ٿو.
غربت جو تعلق ڄاڻ جي گھٽتائيءَ سان گڏ اڌ پڙهيل ماڻهن جي ذهنيت سان ضرور آهي.
جيئن ته استحصال سڄي دنيا ۾ موجود آهي. ان استحصال جا ڪيترا ئي پاسا آهن. هڪڙا ماڻهو آفيسن ۾ بند ڪوٺين ۾ صبح کان وٺي شام تائين ڪم ڪن ٿا. بظاهر ته اهي ماڻهو ٺيڪ لڳن ٿا، نوڪري آهي، ڏوڪڙ وقت تي ملن ٿا، گهڻو ڪجھه آهي پر نظام انهن جو به اڻ سڌي ريت استحصال ڪري ٿو. جنهن جي سروي پڻ ڪري سگهجي ٿي ته لڳاتار آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو ڪهڙو حشر ٿئي ٿو. جتي وقت جو رليف ئي ناهي. اهڙي ريت مزدور ۽ هاري طبقو جيڪو جسماني سرگرمين جو حصو آهي. ان سگهه جي پيٽ جو پورائو ڪندي گذري ويندي آهي. مجموعي طور سنڌ جو تعليمي معيار جي سيڪڙو 2018ع جي انگ اکرن موجب 62 ڏهائي 2 سيڪڙو آهي. پر سرسري نگاهه سان ڏٺو وڃي ته مالي طور تي انهن ماڻهن وٽ به گهڻي دولت آهي، جن جي تعليم بنهه گهٽ آهي. ان ئي حوالي سان هڪ ڏينهن آئون اين جي او پليٽ فارم تان ڪنهن گڏجاڻي ۾ ويو هئس جنهن ۾ ميڊم شيرين ناريجو هڪ ميچور موقف رکندي اها ڳالهه ڪئي ته “اسان وٽ تعليم ته آهي يعني ماڻهو لکي پڙهي ڄاڻن ٿا پر گهڻن ماڻهن وٽ self-education يعني پاڻمرادي تعليم ناهي.” ترقي يافته ملڪن ۾ ماڻهو تعليم کان وڏي پنهنجي پاڻ تحت ذاتي تربيت ڪري غربت جهڙي مرض مان نڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل ڏسڻ ۾ ايندا آهن. غربت کي مات ڏيڻ لاءِ جديد دور جي گهرجن تي پورو لهڻو پوندو. جنهن ملڪ وٽ جيتري بهتر ٽيڪنالاجي هوندي اها قوم ايتري ئي تيزيءَ سان معاشي ترقي ڪندي.
مثال طور دنيا تي آمريڪا جو راڄ ڇو آهي؟ گهڻا ئي ماڻهو چوندا ته اهو استحصالي قوت جو گهر آهي پر آزاد خيال هوندي اها راءِ رکي سگهجي ٿي ته آمريڪا جو معاشي طور مضبوط هجڻ، ان جي ترقي جو راز به ٽيڪنالاجي آهي، جنهن آمريڪا کي هڪ اهڙو ملڪ ٺاهي ڇڏيو، جيڪو هر ان فرد کي پنهنجي سڃاڻپ ڏيارڻ لاءِ تيار آهي. جيڪو آمريڪا کي ڪجهه نئون ۽ نڪور خيال ڏي.
دنيا جو سمورو نظام معيشت تي ٻڌل آهي. سموري معيشت هڪ مرڪزي نقطي يعني پيداوار تي ٻڌل آهي. توهان جيڪو پيدا ڪندا، ان جو اوهان کي ريٽ ملندو. هي هڪ مثال آهي ڪنهن شيءَ جو ڪهڙو اگهه آهي ۽ ان جي گهرج ڪٿي آهي.
جيئن ته ان خيال کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته سموري دنيا ڪمرشل ٿي چڪي آھي، يعني ماڻھوءَ جو ويساهه ۽ ڌرم نفعو ٿي چڪو آھي، تنھنڪري سنڌ واسين کي غربت جھڙي مرض مان نڪرڻ لاءِ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سيڙپڪاري ٿيڻو پوندو. اھا ھنر وسيلي ھجي يا ڪنھن ڪاروبار ذريعي پر ھنر اهميت رکي ٿو.
ھر فرد جي شخصيت جو معيار ان جي صلاحيتن ۾ ھوندو پوءِ ڀلي نه اھو ڪير به هجي. گھڻي ڀاڱي جيڪو متڀيد ماڻھو رکندا آهن، اھي مالي طور غريب ۽ مالي طور مضبوط فردن جي وچ ۾ رکڻ جا قائل ھوندا آھن.
تنهنڪري ھر سطح تي غربت کي هنر وسيلي توڙي ڪاروبار وسيلي مات ڏيڻي پوندي. انھي سان گڏ ھر ان عمل ذريعي جيڪو جديدت تي رستي تي عوام کي وٺي وڃي. ان ۾ نوان خيال نئين ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪو بھتر نتيجو ڏئي سگھي.
سنڌ سنواري سگھجي ٿي، جيڪڏهن سنڌ جي وسيلن جي ورڇ سنڌ واسين ۾ ٿئي. ان سان گڏ مالي تربيت جنھن غربت جا سبب غربت مان نڪرڻ جو حل سمجھيو وڃي. اچو ته غربت کي شڪست ڏيون. ان لاءِ اسان کي هلندڙ ۽ ايندڙ دور جي جدت کي ڀليڪار ڪري عملي طور حصو وٺڻو پوندو.