پاڪستانسنڌ

شهيد ڀٽو جي 94 هين سالگرهه:سڄي سنڌ ۾ تقريبون، ڪيڪ ڪاٽيا ويا

حيدرآباد: پيپلزپارٽي جي باني قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 94 هين سالگرهه جي موقعي تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺائي سالگرهه جا ڪيڪ ڪاٽي شهيد ذوالفقار ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ نئون ديرو ۾ پيپلزپارٽي پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد ڀٽو جي مزار تي قرآن خواني ڪرائي وئي. ان موقعي تي خورشيد جوڻيجو، اعجاز لغاري، منصور سومرو، نثار مراد ڀٽو ۽ ٻين شهيد ذوالفقار ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري. لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي پاران شهيد ڀٽو جي سالگرهه تقريب آرٽ ڪائونسل ۾ منعقد ڪري سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. تقريب ۾ خورشيد احمد جوڻيجو، خير محمد شيخ، اعجاز احمد لغاري، انور علي نواز لهر، سردار محمد نواز شيخ، وقار ڀٽو، مير ماجد علي بروهي، ڪامران اوڍاڻو، طارق انور سيال، عبدالفتاح ڀٽو، اسد الله ڀٽو، غلام رسول ڇڄڙو، ظهير احمد ناريجو، عبدالرحمٰن موريو، آصف علي عباسي، فهيم گل شيخ، محمد صديق ڪوريجو، ايڊووڪيٽ راشد شيخ، آصف علي ڏاهاڻي، عرفان جتوئي، عطاء الرحمٰن مڱڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. أحيدرآباد ۾ پ پ ضلعي آفيس ۾ شهيد ڀٽو جي سالگرهه ملهائي وئي، جنهن دوران صلاحڪار صغير قريشي، ضلعي جنرل سيڪريٽري علي محمد سهتو ۽ پي ايس 66 جي صدر پاشا قاضي ڪارڪنن سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيو. تقريب کي صغير قريشي، علي محمد سهتو ۽ پاشا قاضي خطاب ڪندي چيو ته شهيد ڀٽو ملڪ کي ائٽمي طاقت بنائڻ سان گڏ ڪيترائي عوام جي ڀلائي وارا ڪم ڪيا. سنجهوري ۾ پ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ضلعي چيئرمين رئيس خادم حسين رند پاران رئيس الطاف حسين رند جي بنگلي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه ملهائي وئي. جنهن ۾ غازي سانگهڙ، ڏاڏو شير محمد ڏيرو، شير محمد رند، علي حيدر جٽ، ساجد جعفري، خادم خاصخيلي ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو. تلهار ۾ وڏي وزير جي صلاحڪار تنزيلا قمبراڻي، مير عرفان ٽالپر، پير محفوظ، غلام حيدر، نظير دلواڻي، فتح جتوئي، فرزانه جتوئي، شرف النسا جوڻيجو، مومل لنجواڻي ۽ ٻين شهيد ڀٽو جي سالگرهه تقريب ۾ شرڪت ڪئي. بدين ۾ پ پ اڳواڻ ڪامريڊ امير حسن کوسو، ڪامريڊ نور محمد ملاح، مير ساجدہ ٽالپور، حاجاڻي کوسو، ياسمين مشرف، تنوير احمد، عبدالمجيد ملاح، شوڪت ميمڻ، هارون گوپانگ ۽ ٻين پريس ڪلب هال ۾ ڪيڪ ڪٽيو. ٽنڊو محمد خان ۾ سالگرهه جي تقريب سومرا هائوس تي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شهيد ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ميرواهھ گورچاڻي ۾ پيپلزپارٽي پاران شهيد ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ڳڙهي ياسين ۾ آغا سراج دراني جي رهائشگاهه تي پ پ اڳواڻ دلشاد احمد ڀٽي . شفيق احمد ڪوريجو عبدالوحيد مغل شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. ميرپور بٺوري ۾ صوفي شاهه عنايت پريس ڪلب ۾ پ پ اڳواڻ علي مراد چانڊيو جي ميزباني ۾ سالگرهه تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ ذڪريا ميمڻ شفيع لغاري، ارشاد علي چانڊيو، گلاب کوڙ مراد چانڊيو، ربڏنو جت جنيد شورو ۽ ٻين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. دادو ۾ ايم اين اي رفيق احمد جمالي، شبير احمد ابڙو، بابن خان پنهور، رفيق ميراڻي، وفا چانڊيو ۽ ٻين شهيد ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. چوهڙ جمالي ۾ پ پ اڳواڻ يوسف جمالي، غلام نبي ٿهيم ۽ ٻين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. مٽياري ۾ پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ شازيا عطا چانگ، رابيعه ملاح، شبانا ڌماچ، شازيا ملاح، سڪينا ملاح، صغرا چنڊ، راشده ملاح، فاطمه خاصخيلي، ڪريما چنڊ، ثمينا ملاح ۽ ٻين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. شاهپور چاڪر ۾ ڄام سعيد خان ڏاهري، ملوڪ رند، ذوالفقار ڏاهري، رياض ڏاهري ۽ ٻين شهيد ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. ٽنڊو ڄام ۾ ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ ۽ راول شرجيل جي اڳواڻي ۾ شهيد ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ڄام نواز علي ۾ ڄام ظهير خان، حاڪم مري، معشوق لغاري، نياز مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ٽنڊوآدم ۾ پ پ اڳواڻ چوڌري اشرف آرائين، جهانگير جوڻيجو، جاويد شورو، سيد خيرشاهه ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button