ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو
ڪتاب “هومو ڊيئس:سڀاڻي جي مختصر تاريخ” (Homo Deus: A Brief History of Tomorrow) پروفيسر ڊاڪٽر يُووال نوح هراري جو لکيل آهي، جيڪو سندس ٻين ٻن ڪتابن وانگر دنيا ۾ گهڻو وڪامجندڙ ڪتاب آهي. هي ڪتاب چارلس ڊارون جي ارتقائي ۽ صلاحيتن جي فطري چونڊ واري نظريي تحت لکيل آهي. سندس مواد 11 بابن تي ٻڌل آهي، جيڪي ٽن حصن ۾ ورهايل آهن: هومو سيپينز (ماڻهو) دنيا کي فتح ڪن ٿا؛ هومو سيپينز دنيا کي معنيٰ ڏين ٿا؛ ۽ هوموسيپينز بيوس بڻجي وڃن ٿا.
ڊاڪٽر هراري موجب جانورن جي دنيا ٻن سچائين (معروضي ۽ موضوعي) تي مشتمل آهي، جڏهن ته انسانن جي دنيا ٽن سچائين (معروضي، موضوعي ۽ بين الافرادي) تي ٻڌل آهي. ڪتاب جو ليکڪ ان ڳالهه تي ڏکارو آهي ته انسانن جانورن کي پالتو بڻائڻ جي چڪر ۾ انهن تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي چڏيا هئا ۽ اهو سلسلو هن دور ۾ وري وڌيڪ تيز ٿيو آهي. هن ڪتاب جو مرڪز ۽ محور هڪ اهڙو سفر رهيو آهي جنهن ۾ هڪ عام دنيائي مخلوق يعني هومو سيپينز (اسان پارو عام انسان) ارتقا ڪندي غير اهم ۽ فاني مخلوق منجھان لافاني ۽ خدا بڻجندڙ مخلوق (هومو-ڊيئس: هومو معني انسان، ڊيئس معني خدا) تائين پهچڻ وارو آهي. هي ڪتاب سندس ان تاريخي سفر بابت سڀني اهم انقلابن ۽ تاريخي واقعن تان پردو کڻي ٿو.
هو اهو واضح ڪري ٿو ته هن ڌرتيءَ تي سڀئي جاندار ڪنهن وقت ۾ هڪ ئي جنس منجھان ارتقا ڪندي ڦٽا آهن. ارتقائي عمل ۽ گھربل صلاحيتن جي فطري چونڊ وسيلي انسانن توڙي سڀني جانورن ۾ سوچ ۽ مختلف جذبا جهڙوڪ ڪاوڙ (ٻئي جي ڳالهه يا عمل سان سهمت نه هئڻ)، همت (مقابلي ڪرڻ جو حوصلو)، خوف ( مقابلي جي ڊپ جو غالب اچڻ)، فرار (مقابلي کان پوئتي هٽڻ)، پيار (پنهنجي نسل کي جاري رکڻ ۽ جِين منتقل ڪرڻ)، نفرت (نقصانڪار شيءِ کان پاسو ڪرڻ) ۽ خوشي (پنهنجون جسماني، ذهني، جذباتي ۽ سماجي گھرجون پوريون ڪرڻ) وغيره پيدا ٿيا آهن. انهن جذبن جي ڪري جاندار پنهنجو نسل ڪاميابيءَ سان جاري رکندا ٿا اچن. اڄوڪو انسان لکين ۽ ڪروڙين سالن جي ارتقائي عمل جي ڪري ڀولڙن جي هڪ جنس مان ارتقا جا مختلف مرحلا طئي ڪندي هن صورت ۾ پهتو آهي. سندس جذبن جي حوالي سان جديد معتبر دماغي/نيورالاجي معلومات اسان تي واضح ڪري ٿي ته اهي جذبا جاندارن جي دماغن ۾ ٿيندڙ کربين نِيورانز جي فائرنگ، لاڳاپن ۽ جوڙجڪ جو حساب ڪتاب ڪندڙ بايو ڪيميڪل الگورٿمز آهن.
مٿيان جذبا سڀني جاندارن ۾ هڪجهڙا آهن، جيڪي اسان توڙي جانورن جي دماغن ۾ 80 ارب نيوران گھرڙن جي فائرنگ ۽ انهن جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ پيچيده لاڳاپن جا نتيجا آهن. شعور ۽ روح جي حوالي سان 7 جولاءِ 2012ع ۾ دنيا جي دماغي سائنسدانن “شعور متعلق ڪيمبرج اعلان” ۾ يڪراءِ طور تي اهو واضح ڪيو آهي ته نه رڳو انسانن پر ٻين جانورن ۽ مخلوقات ۾ پڻ انسان وانگر پيچيده نيوراني، ڪيميائي ۽ دماغي رابطن جا عمل سندن دماغن ۾ ٿيندا آهن، جيڪي انهن ۾ انسانن وانگر مٿيان احساس ۽ جذبا پيدا ڪندا آهن. مطلب ته انسان حياتياتي ۽ روحاني طرح سان جانورن کان وڌيڪ بهتر ۽ برتر نه آهي.
سچائي جي حوالي سان هرارِي چوي ٿو ته جانورن جي دنيا ٻن قسمن جي سچائين تي ٻڌل هوندي آهي: انهن لاءِ هڪ سچائي ته اها آهي جيڪا سندن چوڌاري انهن کي ڏسڻ ۾ ايندي آهي يا حواسن ذريعي محسوس ٿيندي آهي يعني “معروضي سچائي” (Objective Reality) وڻ ٽڻ، ٻوٽا، جبل، درياءَ وغيره ۽ ٻِي سچائي ۾ وري انهن جا پنهنجا جذبات، محسوسات ۽ سوچون يعني موضوعي سچائي (Subjective Reality) يعني ذاتي پسند، ناپسند، پيار، نفرت وغيره شامل آهن. انسان ٻنهي سچائين کانسواءِ ٽين سچائي تي پڻ اوترو ئي بلڪه انهن کان وڌيڪ ويساهه رکندو آهي، اها آهي بين الافرادي سچائي (Inter-subjective Reality). هي سچائي دنيا ۾ مادِي طور ڪٿي به موجود نه هوندي آهي پر انسانن جي گھڙيل ڪهاڻين ۾ سندن ويساهه جي ڪري انهن جي گڏيل سوچ ۾ موجود هوندي آهي. چوندا آهن ته هڪ ماڻهو ڪا ڪهاڻي ٻڌائيندو ته ان تي ڪير به اعتبار نه ڪندو؛ ڏهه ماڻهو يا سئو ماڻهو اها ڪهاڻي ٻڌائيندا تڏهن به اها ڪُوڙ ئي رهندي؛ پر جڏهن اها ساڳي ڪهاڻي لکين ۽ ڪروڙين ماڻهو بيان ڪندا ته اها ڪوڙ مان ڦري سچ ٿي ويندي يا ايئن کڻي چئجي ته سچ سمجھي ويندي! هن قسم جي سچائي جا ڪجھ مثال ناڻو يا ڪرنسي نوٽ، ملڪ، ادارا يا ڪارپوريشنون وغيره آهن.
انسان بنيادي طور تي معروضي سچائيءَ جي ڀيٽ ۾ خيالن ۽ تصورن کي وڌيڪ پسند ڪندڙ رهيو آهي. تصوراتي ڪهاڻيون گھڙڻ ۽ انهن تي ويساهه رکڻ جي نتيجي ۾ اجنبي انسانن هڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ شروع ڪيو. علمي انقلاب (Cognitive Revolution) انسانن کي ڪهاڻين گھڙڻ ۽ ٻڌائڻ جي قابل بڻايو. نتيجي ۾ انسان گڏيل تعاون جي ڪري ٻين مخلوقات تي قابض ٿي ويو. مثال طور سوئر هڪ اهڙو جانور آهي جيڪو پنهنجي سُنگھڻ ۽ نڪ وسيلي کاڌي ۽ پاڻيءَ جا ٿاڪ ڳوليندو آهي. ان ڪري ماڻهو انهن کي پالتو بڻائڻ لاءِ انهن جا نڪ ڪٽيندا هئا. (هن وقت وري جينياتي انجنيئرنگ وسيلي انسان ڪيترن ئي جانورن تي هيڪاندو ظلم ڪري رهيو آهي). اهڙي ريت انسانن دنيا کي فتح ڪيو ۽ ڌرتي جيڪا پراڻي وقت ۾ شينهن، هاٿين، بگھڙن ۽ جهنگلي مينهن ۽ پهاڙي هرڻن سان ڀريل هئي، اها انسانن سان ڀرجڻ لڳي ۽ جانور ختم ٿيڻ لڳا.
زرعي انقلاب دوران انسانن لاءِ پاڪ ڪتابن جي لکت ۽ خدا جا قانون اهم هئا ۽ ماڻهو انهن جي هدايتن موجب زندگي گذاريندا هئا. ان دور ۾ مذهبي ڪهاڻين جي اثر هيٺ هزارين ۽ لکين اوپرا ماڻهو هڪ ٻئي سان سهڪار ڪرڻ لڳا. هڪ طرف ماڻهن آسمانن ۾ اڻ ڏٺل جنت ماڻڻ لاءِ پئي پتوڙيو ته ٻئي طرف وري انهن گڏيل افرادي قوت جي ڪري انهن معجزا ڪري ڏيکاريا. زرعي دور ۾ قبيلا ۽ ڳوٺ شهرن ۽ سلطنتن ۾ تبديل ٿي ويا. ماڻهن هڪ هنڌ تي هڪ ٻئي سان گڏجي رهڻ سکيو ۽ ڪينال کوٽيا، ڊيم ٺاهيا ۽ اهرامِ مصر جهڙا حيرت انگيز عجوبا ٺاهيا. انهن مختلف پيشا جهڙوڪ هاري، لوهار، واڍا، پادري وغيره ٺاهيا ۽ ڪيترائي سماجي نظام متعارف ڪرايا جن ۾ لکت، ناڻي ۽ فوج جا نظام شامل هئا. پر ان دور ۾ هڪ سلطنت جو ٻين سلطنتن سان رابطو ڪٽيل رهيو.
يُووال نوح هراري مطابق وسيلا ٻه نه پر ٽي آهن: مادِي وسيلا، توانائي ۽ تحقيق. ڌرتيءَ تي مادي وسيلا يا خام مال ۽ توانائي جا ذخيرا ڀلي محدود مقدار ۾ هجن پر تحقيق وسيلي انسانن اڄ تائين اڻڏٺل ۽ اڻ سوچيل نت نوان وسيلا پئي ڳوليا آهن. صنعتي طور ترقي يافته ملڪن خاص طور آمريڪا صنعتي دور جي اضافي ناڻي ۽ نفعي کي وڌيڪ تحقيق ۾ لڳايو ۽ دنيا ۾ “سليڪان انقلاب” (Silicon Revolution) برپا ڪيو.
ايندڙ دور انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجيءَ جي ميلاپ وارو دور هوندو. ان دور ۾ انسان نه رڳو موت جنهن کي هن وقت تائين دنيا جي اڻٽر حقيقت سمجھيو ويندو آهي، تي ضابطو ۽ فتح حاصل ڪري سگھندو، پر سڀني شين جي عظيم رابطي (Internet of All Things) جو انقلاب پڻ برپا ڪري سگھندو. هن دور ۾، جيڪو گھڻو پري نه آهي (هڪ يا ٻه ڏهاڪا کن لڳندا). انسان انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي وسيلي ڊي اين اي جي خرابين کي دُور ڪري سگھندو، توڙي ٻين پيدا ٿيندڙ بيمارين کي رت جي نالين ۾ گھمندڙ نينو روبوٽن وسيلي ان مهل ئي ختم ڪري سگھندو، نتيجي ۾ انسان فاني منجھان لافاني بڻجي ويندو ۽ ابدي حسن، ابدي جواني ۽ ابدي خوشي ماڻڻ جي خواب کي حقيقت بڻائي سگھندو. اهي نعمتون هر ڪنهن لاءِ عام نه هونديون، پر فقط انفارميشن ٽيڪنالاجي، بايو ٽيڪنالاجي ۽ هٿراڌو ذهانت ۾ ترقي يافته ملڪن جا حڪمران ۽ سائنسدان طبقا هن ئي دنيا ۾ حاصل ڪري سگھندا. مطلب ته انهن کي جنت لاءِ اڳئين جهان جو انتظار نه ڪرڻو پوندو. ان وقت جا اسان پارا عام انسان “بيڪار بڻيل انسانن جو وڏو ٽولو” ٺاهيندا، جيڪي خدا بڻيل حڪمران طبقي جي رحم ڪرم تي هوندا. ان دور ۾ انسان پسنديت واري ڪهاڻي به پراڻي ٿي ويندي. يعني هڪ نئين ڪهاڻي جنم وٺندي جنهن ۾ انساني جذبات نه پر بگ ڊيٽا ئي وڏو مذهب هوندو، ڇو ته هٿرادو ذهانت ۽ بگ ڊيٽا تي هلندڙ روبوٽ ۽ ڪمپيوٽر انسانن کان ڪيترائي ڀيرا بهتر ۽ تيز فيصلا ڪندڙ هوندا. ان دور ۾ ڊيٽا جي آزاد وهڪري جي ڪري سڀ انسان ۽ دنيا جون سڀ شيون جهڙوڪ جانور، وڻ ٻوٽا، ريفريجريٽر، ايئر ڪنڊيشنر وغيره هر وقت انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سان جڙيل هجڻ ئي ڄڻ ته مذهب هوندو. ان وقت جي خدائي صفتن سان هٿياربند حڪمرانن وٽ بگ ڊيٽا جي لامحدود نعمتن، تجزين ۽ طاقت جي ڪري عوام يا عام ماڻهو اهم نه رهي سگھندا ۽ دنيا جا اربين ماڻهو “بيڪار ماڻهن جو هڪ وڏو ٽولو” ٺاهيندا. اهو ان ڪري جو حڪمران نه رڳو پنهنجا سڀ ڪم هٿرادو ذهانت تي هلندڙ روبوٽن ۽ بگ ڊيٽا استعمال ڪندڙ سپر ڪمپيوٽرن وسيلي ڪندا پر اسان پارن عام ماڻهن جي جسمن، دماغن، سوچن ۽ جذبن تي پڻ اثر انداز ٿي سگھندا. نتيجي ۾ اسان پارو عام انسان گمناميءَ جي اونداهين ۾ ڪٿي گم ٿي ويندو!
ڪتاب مان جيڪڏهن سبق جي ڳالهه ڪجي ته مون کي عام انسان (Homo Sapiens) جي فاني هجڻ کان لافاني (Homo Deus) بڻجڻ تائين جو سفر پڙهندي اهو ٿو محسوس ٿئي ته هر دور ۾ انسانن جون ڪهاڻيون ۽ ويساهه سندن مفادن آهر مٽبا پئي رهيا آهن. قدر ۽ اخلاقيات جي سڄي راند طاقت جي چوڌاري پئي گھمندي رهي آهي. جنهن به ٽولي وٽ طاقت اچي ٿي ته اهو پنهنجن مفادن تحت نين ڪهاڻين ۽ ويساهن جو پرچار ڪري ٿو ۽ پنهنجي طاقت جو استعمال ڪمزورن (جانورن، ماڻهن، ويساهن توڙي شين) تي ڪري ٿو. مطلب ته ٿامس مين (Thomas Mann) بلڪل صحيح فرمايو هو ته “هر شيءِ سياسي آهي.”