ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي: هئا اڳهين گڏ…

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

ڪجهه ڏينهن کان ڪراچيءَ تي قبِضو نامنظور جي مهم هلي رهي آهي. اها مهم نه رڳو ايم ڪيو ايم هلائي رهي آهي پر جماعت اسلاميءَ به مهم ۾ پيش پيش آهي. جماعت اسلاميءَ جي ڪردار کان ڪير واقف ناهي. سدائين آمرن کي ڪلها آڇيندڙ رهي آهي ۽ سياست ۾ مذهب جو ڪارد استعمال ڪندڙ پارٽيءَ کي هاڻ ڪراچيءَ جو ڏک کائي رهيو آهي. پاڪستان ٺهڻ جي سڀ کان وڏي مخالف به اها ئي پارٽي هئي پر جڏهن پاڪستان ٺهي ويو ته ان جي ڌڻي به اها ساڳي پارٽي ٿي. هن وقت جماعت اسلامي نه رڳو اقتدار کان ٻاهر آهي پر ان کي ڪٿان به ڪو آسرو ڪونه پيو ملي ته اها هڪ ڀيرو وري اقتدار ۾ اچي پنهنجي وجود جو احساس ڏياري سگهي.
ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو شهر آهي، هڪ اهڙو شهر جيڪو ورهاڱي کان اڳ مڪمل طور سنڌين جو شهر رهيو هو، جتي سوين سنڌي اسڪول هئا، جتي نه رڳو سنڌين فلاحي ادارا ٺاهيا بلڪه تعليمي ادارا به سنڌين جي ڪوششن سبب ٺهي سگهيا، اهي ادارا اڄ به موجود آهن پر جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم اهو قبولڻ لاءِ تيار نه آهن ته انهن ادارن کي سنڌين ٺاهيو، جن مان انهن جا ڪيترائي نسل لاڀ ماڻي چڪا آهن. ڪراچيءَ تي ڪنهن جو قبضو آهي يا ڪراچيءَ تي ڪنهن جي قبضي جي خواهش رهي آهي. ان جي شاهدي ته ماضي به ڏيندو رهيو آهي ته حال به ڏئي رهيو آهي. آمر پرويز مشرف واري دور ۾ ڪراچيءَ جي گهٽي گهٽيءَ تي راڄ ڪندڙ ايم ڪيو ايم نه رڳو ڪراچيءَ جي شڪل صورت بگاڙي ڇڏي بلڪه سنڌين لاءِ ڪراچيءَ کي نو گو ايريا بڻائي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ جڏهن پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آئي ته هڪ ڀيرو وري ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي اچ وڃ ٿي. ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو اچڻ اتي روزگار ڪرڻ ڪو اوچتو ناهي ٿيو، بلڪه ان جي پويان ڪئين سبب به آهن. اهي سبب معاشي به آهن ته سياسي ۽ جاگرافيائي به آهن. سنڌي ماڻهو عام طور زراعت سان واڳيل آهي. سنڌ ڪو صنعتي صوبو ته ناهي جتي وچون طبقو گهڻي انگ ۾ رهندو هجي، هتي يا ته امير ماڻهو آهن يا وري صفا غريب ماڻهو آهن. ائين ئي جڏهن سنڌ جي زراعت تباهه ٿي، سنڌو درياهه تي ڊيم ۽ ڪئنال اڏي پنجاب سنڌ جو پاڻي روڪي ورتو ته سنڌ جي ماڻهن شهرن ڏانهن منهن ڪيو، ظاهر آهي ته حيدرآباد ۽ ڪراچي روزگار جي حوالي سان ٻه وڏا شهر آهن، ان ڪري سنڌي ماڻهن جي رسائي وڌ کان وڌ انهن شهرن تائين ٿي، جتي اهي جيئڻ ڪاڻ وس ڪري رهيا آهن.
ايم ڪيو ايم گذريل ٽن ڏهاڪن کان جيڪا گولي ۽ بندوق واري سياست ڪندي رهي، ان نه رڳو اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جا ٽي نسل کاري ڇڏيا بلڪه انهن کان تعليم جو حق کسي ورتو ته اهي ڪنهن ڪم جا ڪين رهيا ۽ ان دوران سنڌي ماڻهو پڙهائي کي لڳو رهو، هو چٽا ڀيٽيءَ جي امتحانن ۾ ويٺو ۽ سرڪاري ادارن ۾ اچي ويو. هاڻ جڏهن اهي انگ ۾ وڌي ويا آهن ته ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلاميءَ کي ڪراچيءَ تي قبضي جي سازش نظر اچي رهي آهي. ڇا ڪو ڌرتي ڌڻي پنهنجي ڌرتيءَ تي قبضو ڪري سگهي ٿو. قبضو ته اهو ڪندو آهي جيڪو حملي آور هوندو آهي يا وري ڌاريو هوندو آهي. اردو ڳالهائيندڙ اهو ڀلي جماعت اسلامي هجي يا ايم ڪيو ايم ۾ هجي، ان کي ائين لڳندو آهي ته ڪراچي شهر اهي پنهنجن ڪلهن تي کڻي آيا هجن. پر ان کان به اهم سوال اهو آهي ته هندستان جي ورهاڱي وقت جيڪو نسل يو پي ۽ سي پيءَ مان پاڪستان آيو، ان جي ٻولي ڇا اردو هئي. جڏهن ته اردو پاڻ هڪ اهڙي ٻولي آهي، جيڪا هندي ئي آهي. جيڪڏهن ان نسل جي ٻولي اردو به ناهي ته پوءِ اهو اها ڪيئن ٿو دعويٰ ڪري ته اردو هڪ اُتم ٻولي آهي ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ جاهل آهن. هاڻ اهي پنهنجو پاڻ کي ڪراچيءَ جا والي وارث ٿا سمجهن.
هن وقت ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي اچڻ توڙي ان کي قبضي سان ڀيٽڻ نه رڳو سنڌ ۾ نئين فساد کي جنم ڏيڻ برابر آهي بلڪه ان سان اڳيان هلي ڪئين مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. ڪراچي سدائين لساني فسادن جي وڪڙ ۾رهيو آهي. اهي لساني فساد ايم ڪيو ايم جي جنم کان پوءِ تيزيءَ سان ٿيندا رهيا آهن. ايم ڪيو ايم جا ڪيترائي اڳواڻ اڄ به ڪراچيءَ کي هڪ الڳ رياست سمجهن ٿا ۽ اهي اهو پڻ سمجهن ٿا ته ڪراچي سنڌ کان هڪ الڳ شهر آهي جنهن تي حڪمرانيءَ جو حق رڳو ايم ڪيو ايم جو آهي.
پنجاب ۾ هن وقت اتان جو وڏو وزير سرائيڪي پٽيءَ سان تعلق رکندڙ عثمان بوزدار آهي، ان لاءِ ڪڏهن به ڪنهن پنجاب واسي اهو ناهي چيو ته پنجاب تي غير مقامي ماڻهو حڪمران ٿي ويٺو آهي. چونڊون ٿيڻ کا اڳ ۾ هر نمائندي کي ڪو نه ڪو تڪ هوندو آهي، جتان هو چونڊون کٽيندو آهي، ڪراچيءَ مان به پيپلز پارٽي چونڊون کٽيندي رهندي آهي. جيڪڏهن سعيد غني کي به سنڌ جو وڏو وزير بڻايو وڃي، جيڪو ڪراچي جو آهي، تڏهن به ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي اهو ئي چونديون ته سنڌ تي قبضو ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم کي پرويز مشرف جي دور ۾ ارباب غلام رحيم وڏي وزير طور قبول هو، پر کين پيپلز پارٽي جو وڏو وزير قبول ناهي، هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو ڌاريو آهي يا غير مقامي آهي. سنڌ جي ڪنهن به شهر يا تڪ ۾ رهندڙ ماڻهو اصلوڪو سنڌي ڪنهن به ريت غيرمقامي نٿو ٿي سگهي.
ڇا ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلاميءَ کي اها خبر ناهي ته ڪراچي ۾ بنگالي، برمي، افغاني ۽ پنجابي غير مقامي آهن. جن لاءِ ڪڏهن به ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي ٻڙڪ به ٻاهر ناهي ڪڍي. ان ڪري جو انهن سڀني جو مفاد هڪ آهي، اهي اصل ۾ سنڌ جي اصلوڪن ماڻهن کي ئي ڌاريو سمجهن ٿا. تنهنڪري اهي گذريل ڪيتري عرصي کان ان مهم ۾ لڳل آهن ته سنڌين خلاف اهڙو نفرت ڀريو ماحول جوڙيو وڃي، جنهن سان اڳيان هلي سنڌين جو ڪراچي اچڻ جو سلسلو ئي بند ٿي وڃي.
ان سڄي سازش جو اصل سبب وسيلن ۽ اختيار تائين رسائي آهي. هن وقت ٻئي پارٽُيون اقتدار کان ٻاهر آهن ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي حڪمران جماعت آهي، جنهن کي سمورين خامين هوندي به سنڌي ماڻهو ووٽ به ڏين ٿا ته ان کي گاريون به ڏين ٿا پر جيڪڏهن سنڌ جي حڪمراني ايم ڪيو ايم يا جماعت اسلامي وٽ هلي ٿي وڃي ته پوءِ اها اهڙي ئي حڪمراني هوندي، جهڙي اسان کي اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ نظر آئي هئي، جڏهن يوسي ناظم به ايم ڪيو ايم جو هوندو هو. جن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آمر پرويز مشرف هر قسم جون ڪوششون ڪيون ۽ انهن ۾ هو ڪامياب به ٿي ويو پر جيئن هڪ آمر جا ڏينهن پورا ٿي ويا ته ايم ڪيو ايم جي دهشتگرديءَ جو سلسلو به نواز شريف جي دور ۾ پورو ٿيو ۽ اها دهشتگردي وسيلي حڪمراني ڪرڻ کان محروم ٿي وئي.
پر ڇا جماعت اسلاميءَ کي ان ڳالهه جو اندازو ناهي ته اها ڪراچيءَ تي قبضي جون ڳالهيون ڪري پاڻ کي وائکو ڪري رهي آهي ۽ ان سان کيس ڪجهه به ڪونه ورندو بلڪه اها پنهنجي اڳوڻي لساني ڪردار کي هوا ڏئي رهي آهي. ان کان پوءِ اهو چٽو ٿي ويو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي، هئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button