ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حڪومت جو سج لھڻ تي، وري عمران خان ثاني جي ڳولا!

Editorial-Article- Allah Bux Rathor

عمران خان جي حڪومت ڪيتري سگھاري آھي؟ ان لاءِ وزير اعظم ڄڻ پنهنجي لاءِ پاڻ ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي. عمران خان جي ڏنل تازي انٽرويو ۾ ھن پاڻ واضح لفظن ۾ چيو آھي ته ايندڙ ٽي مھينا سندس حڪومت لاءِ انتهائي اھم ھوندا. ان سان گڏ پيرن ھيٺان تختا نڪري وڃڻ جي باوجود ھو چئي ٿو ته ھن جا اسٽيبلشمينٽ سان مثالي لاڳاپا آھن. ان کان اڳ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته “اسٽيبلشمنٽ جي نواز شريف سان ڊيل ۽ جنرل باجوه کي ايڪسٽينشن ڏيڻ وارا معاملا بي بنياد ۽ قياس آرائيون آهن، انهن تي ڌيان نه ڏنو وڃي.”
اھو به ممڪن آھي ته ڳالھين يا ڊيل جا معاملا ڪنهن ٿرڊ پارٽي ذريعي طئي ٿيندا ھجن ۽ ھي معاملو جڏھن عالمي سطح تي ٽن اھم ملڪن ۾ بحث ھيٺ ھجي، ته پوءِ جيڪو فارمولو طئي ٿيندو، اھو رڳو ٻڌائڻ جي دير آھي. انهن عالمي قوتن جي اڳيان جيڪڏھن پرويز مشرف جھڙو ھڪ ئي وقت صدر، آرمي چيف ۽ چيف ايگزيڪٽو جا عھدا رکندڙ بيھي نه سگھيو ھجي ته ھاڻ ته صورتحال ڪافي آسان آھي. ھاڻ ممڪن آھي ته ماضي کي ورجايو نه ويندو، پر جنهن قسم جون سرگرميون آھن ۽ عمران خان ويچارو نظر اچي ٿو، ان مان اندازو ٿئي ٿو ته اندر گھڻو ڪجھه ٿي چڪو آھي. رھيل ڪسر به ھاڻ پوري ٿي وئي آھي. ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ عمران خان جي حڪومت ۽ پارٽي ٻنهي کي ايڏي وڏي شڪست ملڻ باوجود چئي ٿو ته ھن جي ووٽ بينڪ ۾ گھٽتائي نه ٿي رھي آھي! جيڪڏھن واڳ ڌڻي يقين سان عمران خان جو پاسو نه کڻي رھيا آھن ۽ اھي اڻ ڌريا به ٿي ويا آھن، ان جي باوجود ھن جي اقتدار ۾ رھڻ تي ڪيترائي سوال اٿي رھيا آھن. عمران خان پنهنجي انٽرويو ۾ اھا ھام ته ھنئي ته ھو اتحادين سان گڏ پنج سال پورو ڪندو، پر مخالف ڌر کي ھاٿي کي ھندستان ڏيکارڻ جيان، ھي رستو به ڏيکاري ويو ته مخالف ڌر جيڪڏھن ھن جي خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ آڻڻ چاھي ٿي ته ڀلي شوق پورو ڪري. ھاڻ ھي به مخالف ڌر لاءِ ٽيسٽ ھوندو، ممڪن آھي ته مخالف ڌر بي اعتماديءَ وارو آپشن استعمال ڪري ته عمران خان پارليامينٽ کي ٽوڙڻ جو مشورو ڏئي! پر اھي جيڪي عمران خان کي گھر موڪلڻ گھرندا، اھي کيس ايتري فرصت ڏيندا ته ھو پنهنجو آئيني اختيار استعمال ڪري؟ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق ان حوالي سان اھم ڳالهھ ڪئي ته عمران خان کي رات پيٽ ۾ خبر پئجي ويندي ته ھن سان ڇا ٿي ويو!
عمران خان جي حڪومت جي خلاف يقينن ڊگھي چارج شيٽ آھي. رڳو ايترو نه ٿيو آھي ته ھن جي ڪابه سٺي حڪمراني نه رھي، ھن مھانگائي، بک ۽ بدحاليءَ کانسواءِ ڪجھه به نه ڏنو آھي. ھن جا واعدا وفا نه ٿيا، ھن کي جنهن ڪم لاءِ آندو ويو ھو، اھو به ڪري نه سگھيو. ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾ ملڪ کي آئسوليٽ الڳ ڪيو ويو ۽ ھاڻ ڪوبه پاڪستان جو دوست نظر نٿو اچي. اھو شخص، جيڪو ملڪ جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ھو، ان عمران خان کي “صادق ۽ امين” جو سرٽيفڪيٽ ته ڏنو ھو، پر ھو پاڻ پنهنجي ڳالهھ تي منهن مونن ۾ لڪائي گھمي رھيو آھي. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ رھيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جو پي ٽي آءِ جي فارين فنڊنگ ڪيس ۾ فيصلو ته اڃان رھيل آھي، پر ڪميٽي جي رپورٽ عمران خان جي حڪومت کي منهن ڏيکارڻ جھڙو نه ڇڏيو آھي. حيرت ته ان ڳالھه تي آھي ته وکا به پي ٽي آءِ جا ظاھر ٿيا آھن، اھا ئي نڪ جي پڪائي سان پ پ ۽ ن ليگ جي اڪائونٽس جي جاچ جو مطالبو ته ڪري ٿي، جيڪا درست ڳالهه به آھي، پر پاڻ سڄي حڪومت ڪاري آھي. ان رپورٽ پي ٽي آءِ جي رھيل ساک تي به منڌيئڙو ڏئي ڇڏيو آھي. چوڻ وارا چون ٿا ته جيستائين اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ايندو، ايستائين پارٽي جو ترو لڳي ويندو ۽ ايترا سوال اٿاريا ويندا، جو پارٽي جو ڪوبه وزير يا عھديدار دفاعي پوزيشن ۾ به نه رھندو. ھاڻ به پي ٽي آءِ جي اندران مطالبا اچي رھيا آھن، ته فارين اڪائونٽس جي حوالي سان جيڪي گھوٻيون سامھون آيون آھن، انهن جي درست جاچ نٿي ٿئي ته معاملو اعليٰ عدالتن تائين به پھچي ويندو. اھڙي صورتحال ۾ عمران خان جا “گناهھ” وائکا ٿي ويندا.
پھريان ته ھڪ اڌ نالو ايندو ھو ته اھو پي ٽي آءِ کي فنڊ ڏيندڙ ھو يا بني گالا جو بورچي خانو ھلائيندو ھو، جن جي عمران خان پاڻ به تصديق ڪري رھيو آھي، پر ھاڻ ھڪٻئي پٺيان اھڙا نالا سامھون اچي رھيا آھن، جيڪي پرڏيھي شھري آھن يا وري انهن جون ڪمپنيون آمريڪا، برطانيا سميت اھڙن ملڪن وٽ رجسٽرڊ ٿيل آھن، جن کان فنڊ يا چندو وٺڻ قانوني طور تي ڏوھه آھي. چندو ڏيندڙ پاڪستان جا شھري به ناھن. ھينئر تائين اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ ۾ جيڪي نالا سامھون آيا آھن، انهن ۾ ھڪ پرڏيھي ڪمپني جو اڳوڻو سي اِي او عارف نقوي به شامل آھي. ھي شخص آمريڪا جي جيل ۾ فراڊ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بند آھي. ان شخص کان پڇيو ويو ته ھو مدد لاءِ ڪھڙين شخصيتن جا نالا ڏيندو ته ھن صدر عارف علوي ۽ وزير اعظم عمران خان جا نالا کنيا ھئا. ھن شخص جي ڪمپني، جيڪا ڪي اليڪٽرڪ کي سنڀالي ٿي ۽ ڪمپني جا اڪثريتي شيئرز به ھن وٽ آھن، ان کي عمران خان جي حڪومت سوين ارب رپين جو فائدو ڏئي چڪي آھي. ھن شخص، بقول اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ جي ته اليڪشن فنڊ جي مد ۾ 20 لک ڊالر ڏنا ھئا. ھي جيئن ته پرڏيھي ڪمپني آھي، انڪري پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ 2002 جي سيڪشن 6(3) تحت رقم وٺڻ قانوني طور ڏوهھ آھي. عمران خان يا ان جي پارٽي ڪنهن ڏيھي شخص کان ته رقم وٺي سگھي ٿي، پر پرڏيھي ڪمپني کان رقم وٺي، ڏوھه ڪيو.
ڄاڻايل قانون تحت سڌي يا اڻ سڌي ريت، ڪنهن پرڏيھي حڪومت، ملٽي نيشنل يا علائقائي سطح تي انڪارپورٽيڊ پبلڪ يا پرائيويٽ ڪمپني، فرم، واپاري يا پروفيشنل ايسو سي ايشن کان ڪابه پارٽي فنڊ وٺي نٿي سگھي. ان سيڪشن تحت پارٽيون صرف ماڻھن کان رقم يا چندو وٺي سگھن ٿيون، جيڪي ملڪ جون آھن. سيڪشن ڇھه جي سب سيڪشن چار تحت منع ڪيل فنڊنگ حاصل ڪرڻ تي رقم ضبط ڪئي ويندي، پرڏيھين کان فنڊنگ وٺڻ جو الزام ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ سياسي جماعت کي ختم ڪري سگھجي ٿو. پوليٽيڪل پارٽيز جي آرٽيڪل ٻه تحت پرڏيھي مدد سان ھلندڙ پارٽي جي تشريح اھڙي انداز سان ڪئي وئي آھي جو اھڙي پارٽي جيڪا پرڏيھي مدد، مالي يا ڪنهن ٻئي طرح سان ھلائي ويندي ھجي ۽ ھي مدد غيرملڪي حڪومت يا ڪنهن پرڏيھي ملڪ جي سياسي جماعت ڪري رھي ھجي، يا ان جي فنڊنگ جو ڪجھه حصو غيرملڪي ماڻھن ادا ڪيو ھجي، ان کي ختم ڪري سگھجي ٿو.
اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ھو ته پي ٽي آءِ چندي جي مد ۾ مليل رقم مان 31 ڪروڙ رپيا ظاھر نه ڪيا، 26 مان رڳو 12 اڪائونٽ ظاھر ڪيا. اسٽيٽ بينڪ به تصديق ڪئي ته پي ٽي آءِ جيڪي اڪائونٽ ظاھر ڪيا، اھي درست نه ھئا. ان سان گڏ انهن پي ٽي آءِ جي عھديدارن جا نالا به سامھون آيا، جن جي ذاتي اڪائونٽس ۾ چندي جا پئسا ويا، انهن وڏا وڏا ڪاروبار ڪيا، ڪيترا پئسا ڪمايا، ان بابت ڪابه رپورٽ ناھي، پر ھو ان ڳري رقم مان امير ٿي ويا. اھي عھديدار جن پارٽي جا پئسا ھڙپ ڪيا، اھا رقم مني لانڊرنگ ۾ شامل ٿئي ٿي، جن خلاف اينٽي مني لانڊرنگ تحت ڪارروائي ڪري سگھجي ٿي. واڳ ڌڻي جيڪي انڪاري آھن ته اھي مخالف ڌر يا نواز شريف سان ڪا ڊيل ڪري رھيا آھن، انهن جا حامي صحافي ۽ نام نهاد دانشور ٻرن مان نڪري آيا آھن، انهن جو چوڻ آھي ته اسٽيبلشمنٽ ھاڻ لسٽ تيار ڪري رھي آھي ته ڪھڙن ماڻھن کي سياسي منظر تان ئي غائب ڪرڻو آھي! ھو عمران خان پروجيڪٽ جي ناڪامي کانپوءِ عمران خان ثاني جي ڳولا ۾ آھن. ھو اھڙو نظام متعارف ڪرائڻ گھرن ٿا، جنهن ۾ موجوده پاپولر سياسي پارٽين جي ڪابه گنجائش نه ھوندي. انهن کي ھڪ ڀيرو ٻيھر تاريخ جي ڪٻاڙ خاني ۾ اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ھاڻ انهن جي نئين جوڙ توڙ ڪيتري ڪامياب ٿيندي، تاريخ انهن کي ھڪ ڀيرو ٻيھر غلط ثابت ڪندي. ھي اڃا طئي ٿيڻو آھي ته نئين سياسي پروجيڪٽ کي ڪھڙي ريت لانچ ڪيو وڃي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button