شوبز

هانيا عامر ۽ ڪبرا جو ڊرامو سنگ ماهه سينيما ۾ رليز

پاڪستاني اداڪارائن هانيا عامر ۽ ڪبرا خان جي ميگا بجيٽ ڊرامي سنگ ماهه کي سينيما ۾ رليز ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق سنگ ماهه جي رڳو پهرين قسط سينيما ۾ رليز ٿي آهي، جيڪا لاڳيتو ٻھ ڏينهن ڏيکاري وئي. جڏهن تھ ڊرامي جون باقي قسطون ٽي وي تي نشر ٿينديون.

ڪبرا خان تقريب ۾ شريڪ آهي

ان کان اڳ ڪراچي ۾ ڊرامي جو شاندار پريميئر ٿيو آهي، جنهن ۾ ڊرامي جي ڪاسٽ ۽ شوبز شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي آهي. ميگا بجيٽ واري هن ڊرامي جي ڪاسٽ ۾ نعمان اعجاز، سندس پٽ زاويار، ساميا، عاطف اسلم، ثانيا سعيد ۽ ٻيا اداڪار پڻ شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button