ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سرحد جو گانڌي – II

انهيءَ صورتحال کي ڏسندي ڪانگريس ولڀ ڀائي پٽيل جي قيادت ۾ تحقيقات لاءِ هڪ وفد موڪليو، پر انگريز فوجين انهن کي اٽڪ وٽ روڪي ڇڏيو، گانڌي باچا خان جي آزادي لاءِ وائسرا هند سان ڳالهايو، پر سرحد جي چيف ڪمشنر سر اسٽورت وائسرا کي لکيو ته” سرحد ۾ ٻه ماڻهو هڪ ئي وقت نه رهي سگهندا يا غفار خان رهندو يا مان” پر پوءِ ڪافي وقت کان پوءِ باچا خان کي آزاد ڪيو ويو، پر انگريز وري باچا خان کي گرفتار ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڏنيون، اهڙي صورتحال جي پيش نظر گانڌي باچا خان کي بمبئي گهرائي ورتو، جتي ڪيئي مهينا گانڌي سان گڏ گذاريا وري جڏهن واپس سرحد آيو ته ان وقت جي چيف ڪمشنر سرحد باچا خان کي ملڻ لاءِ گهرايو، پر باچا خان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڪمشنر پوليس موڪلي جنهن باچا خان کي گرفتار ڪري ڪمشنر وٽ پيش ڪيو جتي ڪمشنر هن کان مدد جي گهر ڪئي ته قبائلين، افغانستان ۽ روس کان خطرو آهي، باچا خان ڪمشنر کي چيو ته اسان کي پنهنجو ملڪ ڏيو توهان کي ڪوبه خطرو نه ٿيندو ۽ نه ئي اسانجي هوندي ڪو حملي جي جرئت ڪندو. ڪمشنر باچا خان کي چيو ته اوهان جو مطالبو وائسرا وٽ رکندس، باچا خان کي اميد هئي ته ڪو بهتر نتيجو ملندو، پر ڪجهه ڏينهن اندر ئي باچا خان کي گرفتار ڪري وري ٽن سالن جي سزا ٻڌائي هزاري باغ جيل اماڻيو ويو، انھن ٽن سالن ۾ حڪومت باچا خان جي زرعي زمين کي تباھه ڪري ڇڏيو، اتي فصل پوکڻ کان هارين کي روڪيو ويو ۽ اتان انهن کي بيدخل ڪيو ويو. ٽن سالن جي جيل ڪاٽڻ کانپوءِ باچا خان کي آزاد ڪيو ويو، پر سرحد ۽ پنجاب ۾ اچڻ تي پابندي لڳائي وئي، باچا خان گانڌي وٽ ڪلڪتي هليو ويو، جتي گانڌي هن کي ڪانگريس جو صدر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، پر باچا خان اهو چئي انڪار ڪيو ته” مان هڪ خدائي خدمتگار آهيان، منهنجو ڪم خدائي خدمت آهي” باچا خان هتي آسام بھار جي انهن علائقن جا دورا ڪرڻ شروع ڪيا، جتي زبردست هندو مسلم فساد ٿيا هيا ۽ اتان بنگال طرف وڃڻ جو به پلان ٺاهيو، پر پوليس کي اڳواٽ خبر پئجي چڪي هئي سو هن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ٻن سالن جي سخت پورهيي سان سزا ٻڌائي بمبئي جيل موڪليو ويو، جتي هن کي بند وارڊ رکيو ويو ۽ هن ٻن سالن جي سزا جو مدو پورو ڪري آزادي حاصل ڪئي ۽ سرحد واپس موٽي آيو.
1937 جي اليڪشن ۾ خدائي خدمتگارن کي شاندار فتح حاصل ٿي انگريز سرڪار جي ڪيترن ئي رنڊڪن وجهڻ ڪري اليڪشن جي ڇهن مهينن کانپوءِ ڊاڪٽر خان صاحب خدائي خدمتگارن جي مدد سان وزارت ٺاهي، پر باچا خان پنهجي ئي ٺاهيل وزارت کي تحريڪ لاءِ نقصانڪار قرار ڏيئي ٿو ڇو جو اختيار سڀ گورنر وٽ هيا ۽ وزارتون صرف نالي ماتر 1939 ۾ ڪانگريس سان گڏ هنن به وزارتن تان استعيفا ڏني، 1942 ۾ ڪانگريس طرفان سول نافرماني جي تحريڪ هلائي ويئي هئي سرحد ۾ به سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪئي وئي، جنھن ۾ خدائي خدمتگار عدالتن ۽ ڪچهري تي ڇاپا هڻي انھن جي عدالتي ڪارونهوار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا هيا، اهو سلسلو بنون، ٽانڪ، ۽ پشاور تائين ڦهلجي چڪو هيو، انگريز ته سخت رد عمل ڏيکاريو پر ان کان وڌيڪ پشاور جي ڊپٽي ڪمشنر اسڪندر مرزا انگريز سان وڌيڪ وفاداري ڏيکاري اسڪندر مرزا بذات خود لٺ کڻي خدائي خدمتگارن تي تشدد ڪندو هيو، جنھن سبب ڪيئي خدائي خدمتگار زخمي به ٿيا ۽ هڪ خدائي خدمتگار هن جي بي تحاشا تشدد سبب فوت به ٿي ويو (هي صاحب اڳتي هلي پاڪستان جو صدر به بڻيو) ۽ پشاور جي ملن وري ڪاميٽيون ٺاهي پشاور جي بازار حسن تي ڇاپا هڻڻ شروع ڪيا ته جيئن ماڻهن جو سول نافرماني جي هلندڙ تحريڪ تان ڌيان هٽجي، انهيءَ تحريڪ دوران ئي باچا خان کي وري گرفتار ڪيو ويو.
1946 جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي باچا خان قطعي آماده ڪونه هيو پر جڏهن انگريز ميڊمن کي مسلم ليگ جي مهم ۾ ڏٺائين ته هن اليڪشن ۾ ڀرپور طرح سان حصو ورتو ۽ مسلم علائقن ۾ واحد سرحد صوبو هيو جتي مسلم ليگ کي شڪست ملي، جڏهن ته سنڌ، پنجاب ۽ بنگال مان مسلم ليگ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي ۽ مسلم ليگ جو سرحد ۾ اليڪشن مهم دوران اهو نعرو هيو ته “ووٽ مسجد کي ڏيندا يا مندر کي” انهيءَ دوران ڪيبنيٽ مشن جو وفد به هندستان جي سياسي تصفيي لاءِ آيل هو، ان وقت گانڌي باچا خان کي هندستان گهرائي ڪيبنيٽ مشن سان ڳالھين لاءِ وفد جوڙيو، جنهن ۾ باچا خان، مولانا ابوالڪلام آزاد،نهرو ۽ ولڀ ڀائي پٽيل شامل هيا، باچا خان جي چواڻي ڳالهين جا ٽي دور هليا، ڪافي ڳالهيون طئي ٿيڻ طرف وڃي رهيون هيون، پر ٽئين دور ۾ جناح طئي ٿيل ڳالهين کان هٿ کڻي ويو ۽ برطانيا جي پارليامينٽ هندستان کي ڇھن مھينن ۾ خالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
تقسيم وقت صوبي سرحد ۾ ريفرينڊم ڪرايو ويو، باچا خان هن ريفرينڊم جو سخت خلاف هيو، هن جو موقف اهو هيو ته جڏهن سرحد اسيمبلي موجود آهي ته ريفرينڊم ڪرائڻ جي قانوني حيثيت ڪابه ناهي ۽ اسيمبلي کي ئي فيصلي ڪرڻ جو اختيار آهي، پر انگريز، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ريفرينڊم ڪرائڻ جي فيصلي تي هڪ پيج تي هيا ۽ ڪانگريس به ريفرينڊم جي منظوري ڏيئي چڪي هئي ۽ ريفرينڊم ٿيو ۽ سرحد صوبو پاڪستان جو حصو ٿي ويو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پاڪستان حڪومت انگريز سرڪار جي پاليسي کي جاري رکندي باچا خان کي گرفتار ڪيو ۽ ٽن سالن جي سزا ٻڌائي جيل اماڻي ڇڏيو، باچا خان ٽي سال جي سزا ڪاٽي پوري ڪئي ته هن کي ڊپٽي ڪمشنر ڪوهاٽ وٽ پيش ڪيو ويو، جنھن ھن کان نيڪ چلن ٿي هلڻ جي ضمانت گهري باچا خان انڪار ڪيو ۽ وري ٽي سال قيد بامشقت جي سزا ٻڌائي ويئي ۽ باچا خان سان اهو سلسلو سندس وفات تائين هلندو رهيو ۽ ائين هن اسلامڪ ريپبلڪ آف پاڪستان جي جيلن ۾ پندرهن سال قيد تنهائي ۽ با مشقت جا گذاريا.
ٻاچا خان 1988 ۾ وفات ڪئي سندس آخري آرام گاهه جلال آباد ۾ آهي.
(پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button