“اڄ صبح ننڊ مان جاڳيس ته منهنجي پاسي کان هڪ ناسي رنگ جو لوسي ڪتو به ستل هو، مان اٿي وکريل وارن ۾ هٿ وجهي مٿو کنهڻ لڳس ۽ ڀيٽ ان لوسي ڪتي سان ڪيم. منهنجي زندگيءَ به ان ڪتي جي زندگيءَ جيان ٿي وئي آهي.”
“وڏي ڀيڻ ماءُ برابر هوندي آهي…بڪواس…سڀ بڪواس…!”
مٿيان ٻيئي ڪوٽيشن ڪليم ٻُٽ جي نئين ناول “ريگل چوڪ” تان ورتل آهن، جيڪي ناول جي پهرين باب مان آهن. چوندا آهن ته ڪنهن به لکڻي يا ڪتاب جي پهريان پيراگراف سموري ڪتاب جي دري وانگر هوندا آهن جيڪي توهان کي ٻڌائيندا آهن ته اڳتي ڪهڙا دليل اسريل هوندا آهن. ايئن ساجن جي نالي سان شروع ٿيندڙ هن ناول جي پهرين باب ۾ نئريٽر به ساجن پاڻ آهي. طارق عالم ابڙي جي ناول “رهجي ويل منظر” جيان هن باب جو نه فقط نئريٽر پر ڪردار به ساجن آهن فرق رڳو اهو ئي ته طارق عالم ابڙو جو ناول سمورو هڪڙي ڪردار جي نئريٽو فارم ۾ لکيل آهي پر هن ناول ۾ ذري گهٽ هر باب ۾ ڪو ٻيو نئريٽر هوندو آهي، جيڪو ڪردار به هوندو آهي ته نئريٽر به هوندو آهي. نئريٽو ٽيڪنيڪ جي بنياد تي هي سنڌي ناول ۾ انوکو تجربو به آهي. نه فقط نئريٽو ٽيڪنيڪ تحت نئريٽر پر نئريٽي Narrator and Narratee ٻئي گهڻي ڀاڱي موجود آهن يعني ڪير پيو پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي ۽ ڪنهن کي پيو ٻڌائي. جيتوڻيڪ نئريٽي ڪڏهن ڪڏهن ريڊر کي به بڻايو وڃي ٿو پر نئريٽر پنهنجي ڪهاڻيءَ جي نئريٽي کي ذهن ۾ به رکي ٿو، جڏهن ته نئريٽو يعني ڪهاڻي هڪ ردتشڪيل نئريٽو آهي جيڪو نه فقط پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو پر پنهنجي ابتر نئريٽو بيان ڪري ٿو. ناول ۾ هيرو ۽ وليئن ته تخليق ڪيا وڃن ٿا ۽ ناول ۾ مک مرڪز هيرو کي بڻايو وڃي ٿو، جيڪو مثبت ۽ واقعي سٺو ماڻهو هوندو آهي جيڪو سماج کان الڳ ۽ آئيڊيل هوندو آهي. آئيڊيل ڪردار ضروري نه آهي ته سٺن ڪپڙن ۽ پئسي وارو هوندو آهي پر سماج ۾ موجود اندروني تضادن جي ور چڙهيل ۽ روايتي نئريٽو جي ابتڙ به موجود هوندا آهن جنهن کي ادب ۾ چٽڻ به اهم آهي. اهڙن ناولن ۾ رسول ميمڻ جو ناول “ڪتا” به ڳڻي سگهجي ٿو جيڪو روايتي سماجي ۽ اقتصادي نئريٽو کان هٽي ٻئي قسم جو نئريٽو آهي. جيڪو روايتي نئريٽو سان نه رڳو ٽڪراءُ ۾ اچي ٿو پر سماج ۾ ماحولياتي شموليت Ecological Inclusion جو ذريعو به ٿئي ٿو ته هن ايڪو سسٽم ۾ فقط اسان طاقتور انسان نه آهيون پر جيت جڻيا، جانور، ٻوٽا، وڻ ٽڻ به آهن. شبنم گل جو ناول “مکي کان موڪلاڻي” به ان ڏس ۾ پڙهي سگهجي ٿو. جارج آرويل جو “اينيمل فارم” جيتوڻيڪ هڪ نظام تي سٽاير آهي پر ان ۾ به ماحولياتي شموليت جو عنصر موجود آهي.
ڪليم ٻُٽ جي ناول ۾ ڪتي جي استعارو فقط استعارو يا تشبيهه نه آهن پر هڪڙي ڀڳل ٽٽل ايڪولاجيڪل استعارو پڻ آهي جتي انسان-مرڪزيت ۽ طاقت-مرڪزيت نظام حاوي آهي. ان ڪري لوسي ڪتي جو استعارو ڪتي جي تذليل بدران سماجي حقيقت نگاريءَ جو عڪس آهي.
ناول ريگل چوڪ ساجن جي ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي ساجن کان شروع ٿئي ٿي، ڇو ته ساجن کي پنهنجا رت گهريا رشتا گهران تڙي ڪڍندا آهن ۽ هو ريگل چوڪ جي فٽ پاٿ تي اچي ويندو آهي، جتي کيس هڪ پنڻ واري “سکي” پناهه ڏيندي آهي. سکيءَ جي وري هڪڙي ٻي ڪهاڻي آهي جيڪا ان ڪهاڻيءَ جي پيرالل هلي ٿي. جيتوڻيڪ مک ڪهاڻي جيتري سکيءَ جي ڪهاڻي نه آهي پر پوءِ به سکيءَ جي ڪهاڻي به ڪا گهٽ ڪهاڻي نه آهي. مطلب تي ڊيگهه ۽ ويڪر ٻنهي صورتن ۾ سکيءَ جي ڪهاڻي به اوتري ئي مک ڪهاڻي آهي، جيتري مرڪزي ڪهاڻي ساجن جي آهي.
ساجن سکيءَ سان ملي وري هڪڙي شيزوفرنيا ۾ هليو ويندو آهي، جتي هو مئٽرڪس فلم جي نيري يا ڳاڙهي ٽڪيءَ کي ڪهاڻيءَ ۾ کڻي ايندو آهي. جيتوڻيڪ هتي ساجن جو نئريٽو فلم کان الڳ بيٺو هوندو آهي پر فلم جو سهارو وٺي پنهنجي قسمت کي بيان ضرور ڪندو آهي. اڳتي هلي هو وري پنهنجي اسڪولي دور کي ياد ڪندو آهي، جنهن ۾ ننڍڙيون پر حقيقت سان واسطو رکندڙ ڪهاڻيون هونديون آهن. وري وچ ۾ سکيءَ جي نئريشن ۾ ڪهاڻي اچي ويندي آهي پر اڳين باب ۾ وري ساجن نئريٽر ٿي ريگل چوڪ جي ڪتابن وٽ ايندو جتي هڪڙو ڪتابن وارو هن کي ڪتابن تي ويهاري پاڻ ناشتو ڪرڻ وڃي ٿو ۽ ساجن مطالبو ٿو ڪري ته کيس چانهه پياريندو ته ڪتابن جو خيال رکندو. هتان ئي ڪهاڻيءَ جو اهم حصو شروع ٿئي ٿو. ساجن انهن پراڻن ڪتابن مان گوگول جي ڊائري “ڊائري آف اي ميڊ مئن Diary of a Mad Man ” کڻي پڙهي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته اهو ڪتاب هن جي اجڙيل زندگيءَ تي لکيل آهي، جيڪو مائٽن هن (گوگول) کي پئسا ڏئي لکرايو آهي ته جيئن کيس چريو ثابت ڪجي. هو انهي وچ ۾ ڪوشش ڪري ٿو ته اهو ڪتاب ترجمو ڪري ڪورٽ ۾ ثبوتن سان پيش ڪري ته هي سندن مائٽن جي سازش آهي. سگريٽن جي پاڪيٽ جو هڪڙو پنو ترجمي لاءِ ناڪافي آهي، تنهنڪري هو ريڙهي واري کان اهو پراڻو ڪتاب اڌار وٺي وڃي ٿو ۽ ترجمو ڪرڻ لڳي ٿو ته هڪڙو پوڙهو کيس اڳيان پويان هوندي نظر ايندو آهي ۽ هي سمجهندو آهي ته اهو پوڙهو کيس ڪورٽ ۾ ڪيس ڪرڻ لاءِ مدد ڪندو. ايئن اهو پوڙهو اهو ترجمو ٿيل مسودو کڻي ويندو آهي ۽ سمجهندو آهي ته هي چريو ان کي ڇا ڪندو ان ڪري آئون پنهنجي نالي سان ڇپائي ايوارڊ وٺان. اتي ناظم صاحب جي نئريٽو صورت ۾ هڪڙيون انوکيون ۽ تحليل النفسيءَ جو ننڍڙيون پر انتهائي جاندار ڪهاڻيون بيان ٿيل هونديون آهن، جتي هو ساجن کي ٻڌائيندو آهي ته اهو گوگول جو ڪتاب آهي جيڪو ٻه سئو سال اڳ مري ويو هو، ان ڪري هي ڪتاب ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي لائق ناهي. ايئن هو ڪتاب جي ترجمي جا پيسا وٺي ڀڄي وڃي ٿو. ڪهاڻي اڳتي وڌي ٿي. ساجن جا وري نوان خواب ۽ نيون ڪهاڻيون شروع ٿين ٿيون، جتي نوان سماجي لقاءُ ظاهر ٿين ٿا. انهن ۾ آخري باب جيڪو ساجن جي نئريٽو سان شروع ٿئي ٿو اهو “خواب؛ مها ڌماڪو” اچي ٿو وڃي. انهي باب ۾ سموري انسان ذات جي تباهڪارين کي پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ ميجڪ ريئلزم ذريعي هو وقت ۾ پٺيان سفر ڪري ٿو جنهن ۾ انساني ارتقا جو سفر پٺين طرف ويندي ڏيکاريو ويو آهي جن ۾ انتهائي اهم واقعا شامل آهن جنهن جو تت هن پيرگراف ۾ پڙهي سگهجي ٿو “ڪائنات سڪڙجي وئي آهي، هر شيءِ هڪ ٿي وئي آهي. هر پاسي اونداهه ئي اونداهه آهي… روشني جو ڪو آثار نظر نٿو اچي…هر پاسي موت جهڙي ماٺ آهي…” ايئن سموري ڪائنات جو اونداهو پاسو جيڪو ساجن جي زندگي جو اونداهو پاسو به آهي، اهو اچي ٿو وڃي ۽ هو اوچتو اکيون کولي سکي وٽ سجاڳ ٿي وڃي ٿو ۽ سکي جي اکين مان ڳوڙها ڪرن ٿا ۽ ساجن کي وري پنهنجو پهريون خواب نچندي نظر ايندو آهي. ايئن خوابن جو هي ڪردار پنهنجي ڪهاڻي جي پڄاڻي تي پهچي ٿو. اهڙي ريت سکيءَ جي ڪهاڻي به هڪ دردناڪ سماجي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ سکيءَ جي ماءُ جي ڪهاڻي جيڪا ڀڄي ويندي آهي ۽ پوءِ سکي وري پنهنجي اڻ ڄاتل ڀاءُ سان ڀڄي ويندي آهي ۽ پٺيان ماءُ خودڪشي ڪري ڇڏيندي آهي ۽ سکي جنهن سان ڀڄي ويندي آهي، اهو به پاڻ کي گاڏي جي اڳيان ڏيئي موت جي منهن ۾ هليو ويندو آهي ۽ سکي پنهنجي ئي ماٽيلي ڀاءُ جو ٻار کڻي سموري ڪهاڻي ۾ درد ۽ پيڙا ڀوڳي ٿي.
(هلندڙ(