ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻيو ڪير سڏائيندو فاضل!

Editorial-Article-Abdul Majeed Mallah

            شهيد عوام محمد فاضل راهو پنهنجي سڄي زندگي هارين جي حقن خاطر پنهنجي عملي جدوجهد ڪئي، هو هارين کي حق ڏيارڻ جو هڪ اهڙو مثال آهي جنهن کان ڪوبه باشعور ماڻهو چاهي اهو سياستدان هجي يا ڪو ٻيو، اهو بنهه انڪار نه ڪري سگهندو. فاضل راهو جي جدوجهد ڪيتري عظيم ۽ اهميت واري هئي ان جو مثال سندس شهادت جي رتبي مان ملي ٿو. شهيد محمد فاضل راهو، جنهن جو ٻانگ جو نالو ناٿو هو، جڏهن بٺوري مان سندس ڪٽنب پڊ ڇڏي اچي راهوڪي ۾ آباد ٿيو، تڏهن کان وٺي هن جي رت ۾ ظلم، جبر، ڏاڍ خلاف هو هميشه عملي صورت ۾ جدوجهد ڪندي نظر آيو. هن کي ايتري گهڻي تعليم ڪونه هئي پر هن جو جيڪو عمل هو، هن جيڪا سنڌ جي هارين ۽ مظلوم عوام لا جدوجهد ڪئي، اها اڄ به عظيم ڪردار جي مثل آهي. محمد فاضل راهو ترائي مان جڏهن ايوب جي زماني ۾ بي ڊي واري اليڪشن ۾ ترائي جو چيئرمين ٿيو، ان وقت به سندس ڏات، ڏاهپ انصاف پسندانه رهي. هن هارين کي زمينون ڏيارڻ لاءِ عملي جدوجهد ڪري سيٽلر جيڪي ماڻهو هئا، جن کي ان وقت ماڻهن ڀڳڙن جي مٺ تي زمينون نيلام پئي ڪيون، ته هن ”نيلام بند ڪريو“ تحريڪ هلائي ۽ غريب بي زمين مقامي ماڻهن کي زمينون کڻت ڪرائي، انهن کي زمينن جو حقدار بنايو. ان ۾ فاضل راهو حيدرآباد جي بورڊ آف روينيو تائين پهچي ڪري انهن آفيسن اڳيان احتجاج ڪري عملي طور مفت مسڪين ماڻهن کي بنا ڪنهن ذات ۽ پات، هندو توڙي مسلم هارين جي، زمينون کڻت ڪرائي ڏنيون ۽ جڏهن به اهڙيون ڪچهريون ٿينديون هيون ته پاڻ ڪرسي لڳائي روينيو آفيسر جي اڳيان انهن مسڪين ماڻهن جي پٺڀرائي ڪري پاڻ سڃاڻپ ڪري آر او کان زمينون ڏياريندو هو.

هن ڪافي جاگيرن، جيڪي خاص ڪري ميرن جون هيون، انهن مان به مقامي ماڻهن کي زمينون ڏياري انهن کي زميندار بنايو. سنڌ پرست هئڻ جي ڪري هن ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪندي پنهنجي ڪردار کي هميشه سرخرو رکيو ۽ بنا ڪنهن لالچ جي غريب ماڻهن مان احساس محرومي ختم ڪرائي. سنڌي ۾ ريلوي اسٽيشن تي نالا ۽ صحافين جي جدوجهد ۾ پڻ شهيد عوام محمد فاضل راهو سينه سپر ٿي بيٺو رهيو هو ۽ ووٽر لسٽون سنڌي ۾ شايع ڪرائڻ ۽ پنهنجي سنڌي ٻولي کي سنڌي ادب جو محور بنايو. شهيد عوام محمد فاضل راهو هميشه وڏيرن ۽ جابرن سان مهاڏو اٽڪائي حقيقي ماڻهن کي پنهنجو حق وٺي ڏيڻ ۽ فيصلن جو امين ٿي بيٺو. فاضل راهو ضيا دور ۾ مارشل لا خلاف راهوڪي ۾ هڪ وڏي هاري ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ 10 هزار کان مٿي انهن غريب هارين مسڪين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ فاضل راهو کي بغاوت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن ۾ سندس وڏو پٽ محمد صديق راهو به پنهنجي والد سان گڏ گرفتار هيو، ان وقت هي تحريڪ وڌيڪ زور وٺڻ لڳي جنهن ۾ محترم رسول بخش پليجو صاحب ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ گرفتار ٿيا، هن حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد جون تڪليفون برداشت ڪيون، پر سامراجي قوتن جي آڻ قبول نه ڪئي ۽ هو جڏهن بدين جي ملٽري ڪورٽ ۾ حاضري لاءِ ايندو هو ته بدين شهر جي ماڻهن کي هٿن جي وڪٽري جا نشان ڏيکاريندي ڪورٽ جي حاضري ۾ ويندا هو وري واپس ٿيندا هو تڏهن به ساڳي منهن تي مرڪ ۽ انقلابي قدم کي قدم قدم سان ملائي هلڻ سندس محبوب قائد جيئن عوام، هارين مسڪين ماڻهن جي حقيقي روپ جو ڏيک ڏيندو هو. محمد فاضل راهو جي اڄ 17 جنوري 2022ع تي 35هين ورسي راهوڪي ۾ ملهائي پئي وڃي جنهن ۾ اڄ هزارن جي تعداد ۾ شهيد محمد فاصل راهو جا شيدائي هر هڪ هٿ ۾ گلن جون چادرون کڻي ڪري پنهنجي محبوب اڳواڻ جي مزار تي نڇاور ڪندا ۽ دعائون گهرندا. فاضل راهو جهڙا محبوب اڳواڻ ڪيترين صدين تائين عوام جي دلين تي راڄ ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button