ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

خوشبوءِ جھڙو شخص

Editorial-Article-Amanat Ali Shaikh

سترنهن جنوري 1904ع تي ھن ڌرتيءَ تي انساني صورت ۾ ھڪ خوشبوءِ جو جنم ٿيو هو، جنهن پنهنجي همعصر دور تي تمام گھڻا اثر ڇڏيا ۽ ايندڙ ڪيترين ئي صدين تائين ان جي فڪر جي خوشبو سنڌ جي نوجوانن جي فڪري رهنمائي ڪندي رهندي. ھي سنڌ جي واحد شخصيت آهي جنهن سان سڄي سنڌ کوڙ سارا اختلاف ھجڻ جي باوجود به محبت ڪري ٿي جڏهن ھن جا نظرياتي مخالف ھن سان اختلاف رکن ٿا تڏهن اھي اھو به لکندا آهن ته ھي سنڌ جي غير معمولي شخصيت ھو.
سنڌ جو ھي واحد سياسي رھنما ھو جنھن لاءِ چيو ويندو آهي ته ھن جي پوئلڳن جو گھڻو تعداد نوجوانن جو ھو، سنڌ ۾ ھڪ دور اھڙو به رهيو آهي جڏهن نوجوانن جي ڌڙڪن ھي شخص ھوندو ھو ۽ اھو دور سياسي طور تي تمام خوبصورت دور ھو. اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته ماڻهو جڏهن پوڙهو ٿيندو آهي ته ھو پنھنجي لاءِ آرام جو سوچيندو آهي ھو چاھيندو آھي ته بقايا عمر آرام ڪندي سڪون سان گذاري پر سنڌ جي ھن عاشق عمر جي آخري حصي ۾ جيڪو رستو ورتو ھو ان رستي تي ماڻھو نوجوانيءَ ۾ به ھلندي ڪيٻائيندا آهن. ھن ملڪ ۾ قومي ۽ مزاحمتي سياست ڪرڻ تمام مشڪل ڪم آهي جنهن لاءِ نوجوان به تيار نه ھوندا آھن پر ھن شخص اھڙي عمر ۾ قومي ۽ مزاحمتي سياست ڪري ثابت ڪيو ته وطن ۽ قوم سان محبت جي ڪا مخصوص عمر نه ھوندي آھي وطن دوستي عمر جي محتاج نه هوندي آهي جيڪڏهن اوهان جي دل ۾ قومي غيرت آهي ته قوم سان عمر جي ڪھڙي به حصي ۾ گڏ بيھي سگھو ٿا.
ھن جو خانداني بيڪ گرائونڊ وڏيرڪو ۽ پيراڻو رهيو آهي جيڪو پنهنجي جوھر ۾ قدامت پسند ۽ عورت دشمن ھوندو آھي. پر ھن ماڻھوءَ ۾ اھي ٻئي شيون نه ھيون ھو پنھنجي ذات ۾ عورت دوست به هو ته روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ جو مالڪ به ھو، ھن ھڪ ڪتاب لکيو هو، جنهن تي مذهبي ۽ ساڄي ڌُر جي ماڻهن تمام شدت سان اعتراض ڪيو، جنهن تي بعد ۾ پابندي به لڳي ھئي. عام طور تي جيئن وڏيرڪي ۽ پيراڻي گھرن ۾ عورت جي ٻاھر نڪرڻ، تعليم حاصل ڪرڻ، سياست ڪرڻ، نوڪري ڪرڻ يا ٻين سماجي سرگرمين جو حصو ٿيڻ تي پابندي ھوندي آھي ۽ اھڙي پابندي ھن جي پنھنجي خاندان ۾ به رهي آهي پر ھن ان روايت کي بلڪل به ٿڏي ڇڏيو ۽ ھن پنھنجي نياڻيءَ کي نه صرف اسڪول پڙھڻ لاءِ موڪليو پر پي ايڇ ڊي ڪرڻ ملڪ کان پري لنڊن به موڪليو، سندس اھڙو قدم سنڌ جھڙي معاشري ۾ وڏو انقلابي قدم ھو.
ھو ملڪ جو جيڏو وڏو سياسي ليڊر هو، پنهنجي ذات ۾ اوترو ئي نرم مزاج، ماٺيڻو ۽ مھمان نواز ھو، ھن جي اوطاق ھر ڏينهن مھمانن سان ڀريل ھوندي ھئي، جيڪي الائي ڪٿان ڪٿان اچي اتي گڏ ٿيندا هئا، پر انھن سان ملندو ايئن ھو، ڄڻ انھن سان سندس تعلق عالم ارواح کان ھجي سندس اھڙي شفقت ٻڌي لطيف جو اھو شعر ايئن لڳندو آهي ته لطيف ڄڻ ان لاءِ لکيو ھجي:
“الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم
قالو بليٰ قلب سين تڏهن تت چيوم
تنھن وير ڪيوم وچن ويڙھيچن سين”
منهنجي ڳوٺ جا ڪجهه ماڻهو ھن جي عشق ۾ اڪثر ھن جا مھمان بڻبا هئا، جيڪي اڄ به سندس معصوميت، نرم مزاجي ۽ مھمان نوازي کي ياد ڪري لڙڪ ھاري ان وقت کي ياد ڪندا آهن. ھن جي مھمان نوازي ھونئن به کوڙ سارن ماڻهن لکي آهي جيڪي اسان پڙھندا رھندا آھيون، ان سلسلي ۾ ذوالفقار قادريءَ به پنهنجي يادگيري لکي آهي جنهن کي پڙهي دل ايئن چوندي آهي ڪاش اسان به ان وقت ھجون ھا ۽ سندس شفقت جي پاڇي ۾ ڪجهه گهڙيون گذاريون ھا.
ھو پھريون ماڻهو ھو جنھن تاريخ جو تمام گهڻو مطالعو ڪري سنڌي قوم کي ان جا اصل ھيرو ڏنا، ۽ ڪوڙن ھيرن (جن کي سنڌ جو سادو عوام پنھنجو ھيرو سمجھندو پئي رهيو آهي) کي تاريخي طور تي ولين ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ اھڙو ڪم ھن بغير ڪنهن لالچ جي صرف قومي عشق ۾ ڪيو. ھي ماڻھو ئي ھيو جنهن ٻڌايو سنڌي ھڪ الڳ قوم آهي جنهن کي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت آهي جنهن وٽ پنھنجو ڌار ادب جاگرافي به آهي ۽ ان سلسلي ۾ ھن کوڙ سارا ڪتاب به لکيا جيڪي اڄ به نوجوانن جي قومي تربيت ڪندا رھن ٿا. ھن لطيف تي به شاندار ڪم ڪيو آهي جامي چانڊيو ھڪ جاءِ تي چيو ھو ته سنڌ ۾ ٻه ماڻهو ھئا جن لطيف جي جديد دور جي تقاضائن مطابق تشريح ڪئي انھن منجھان ھڪ ھي به ھو. لطيف جيڪو اسان وٽ ھڪ پير ۽ درويش جي حيثيت ۾ مقبول ھو، جنھن جو ھن دنيا، قوم، وطن، ٻوليءَ ۽ معاملن سان ڪو به ڏيڻ وٺڻ نه ھو، اھڙي وقت ھي ماڻھو ئي ھو جنھن لطيف کي قومي شاعر طور عوام آڏو پيش ڪيو ۽ لطيفيات جي سلسلي ۾ ھي وڏو انقلاب ھو.
ھن جو همعصر دور جي سياسي قيادت قدر نه ڪيو پر تاريخ ثابت ڪيو ته ھو غلط نه ھو، اھي ئي ماڻهو جيڪي ڪالهه لالچي بڻجي ھن مٿان اجايا الزام ھڻندا ھئا اڄ اھي ئي ماڻهو جڏهن پاڻ تڪليف ۾ آهن ته ان ڳالهه جو اعتراف ڪن ٿا ته ھو ھن ملڪ جو تمام وڏو ۽ سچو سياسي اڳواڻ ھو، ھن پنھنجي فڪر جي خوشبو جيڪا سنڌي سماج ۾ پکيڙي ھئي ان اڄ گھڻن ماڻهن جي دلين کي واسي ڇڏيو آهي ھو اڄ به سنڌ جي نوجوانن جي آئيڊيل شخصيت آهي. ھن جھڙا ماڻهو صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن جيڪي صدين تائين ماڻھن جي دلين ۾ زنده رھندا آھن ھي ماڻھو مرڻ جا نه ھوندا آھن، اڄ ان عظيم ماڻھوءَ جو جنم ڏينهن آهي جنهن نالو جي ايم سيد آهي سندس جنم ڏھاڙي جي سموري قوم کي مبارڪ.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button