پاڪستانسنڌ

ڪنهن جي ذاتي خواهش تي سنڌ ۾ گورنر راڄ نٿو لڳي سگهي: وڏو وزير

مٺي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آھي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جون ڳالهيون ڪندڙ ملڪ جي آئين کان واقف ناهن، هن چيو ته اهڙيون ڳالهيون رڳو دل وندرائڻ لا ڪيون وڃن ٿيون، ڪنهن جي ذاتي خواهش تي سنڌ ۾ گورنر راڄ نٿو لڳي سگهي ۽ نه وري حڪومتون تبديل ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته ٿر جو ڪوئلو ملڪ جي تقدير بدلائي سگهي ٿو ۽ ڪوئلي جو اصل مالڪ ٿري عوام آھي، ان ڪري اسان کي ٿري عوام جي تقدير کي بدلائڻو پوندو، ٿر ڪول جي رائلٽي ٿر فائونڊيشن معرفت ٿر جي ترقي تي خرچ ڪري رهيا آھيون ۽ ڪول ايريا جي رهائشي آبادي کي بجلي مفت ڏيڻ کانپو ٿر جي 20 هزار گهرن کي سولر سسٽم ذريعي روشناس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، جنهن تي جلد عمل شروع ٿي ويندو، ٿر جهڙو سرسبز ۽ پرامن سحرا دنيا ۾ ڪٿي به موجود ناهي ٿر جي سياحت ۽ ثقافت توڙي معشيت کي هٿي وٺرائڻ لا انٽرنيشنل ليول جي تفريحي ۽ تاريخي پروگرام هر سال ڪرائي، سڄي دنيا جو ڌيان ٿر طرف ڇڪائينداسين، اسان هر سال نه رڳو ٿر اسپورٽس فيسٽيول ۽ ٿر ڊيزرٽ چيلينج جيپ ريلين کي مستقل بنيادن تي منعقد ڪرائينداسين پر وسڪاري ۽ سياري جي موسمن ۾ هر سال ٽي کان چار ميگا پروگرام ڪرائي ٿر کي سڄي دنيا جو تفريحي ماڳ بڻائينداسين، هن اهڙن خيالن جو اظھار راندين واري کاتي پاران صوبائي صلاحڪار ارباب لطف الله جي ميزباني هيٺ ھلندڙ 3 ڏينهن واري ٿر اسپورٽس فيسٽيول ۽ ٿر ڊيزرٽ چيلينج جيپ ريس مقابلن جي آخري ڏينهن فائنل مقابلن واري جيپ ريس ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ مٺي جي گڍي ڀٽ تي ڪوٺايل انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ٿر دنيا جو حسين ترين ۽ سرسبز ڊيزرٽ آھي، جنهن کي ترقي ڏيارڻ ۽ ھتان جي رهواسين کي معاشي طور اڳڀرو ڪري پيرن تي بيهارڻ اسانجي اولين ترجيحن ۾ شامل آھي اسان چاهيون ٿا ته جيڪڏهن ٿر ملڪ کي بدلائي ٿو ته ٿر کي به بدلائڻ جو عزم ڪريون، هن چيو ته ٿر اندر ترقي جو دور تيزي سان جاري آھي 20 سالن کانپو ترقي جي بنياد تي ٿر جو نقشو ئي بدلجي ويندو ۽ جيڪي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ مان اسپورٽس فيسٽيول ۽ جيپ ريس ۾ شرڪت لا جيڪي مهمان آيا آھن اهي ٻيهر ايندا ته اها خواهش ظاهر ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا ته اسان کي ٿر ۾ گهر وٺي ڏيو ته رهائش اختيار ڪريون. ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ٿر بدلي رھيو آهي ۽ ٿر ھاڻي دنيا جي نقشي ۾ اچي ويو آھي ۽ اڄ کان 10 يا 20 سال بعد مٺي شھر پاڪستان جي بھترين شھرن ۾ شمار ٿيندو، ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته مون کي وفاقي حڪومت جي ڳالهه سمجھه ناھي ايندي، جڏھن کان وفاقي حڪومت اقتدار ۾ آئي آھي ھر شي سان گڏ ڪڻڪ، کنڊ ۽ ڀاڻ جي کوٽ پيدا ٿي آھي. هن چيو ته وفاقي وزير خوراڪ ٻه سال اڳ اھو بيان ڏنو ته 66 لک ٽن ڪڻڪ خبر ناھي ڪاڏي وئي ظاھر آھي ته سستي ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪري مھانگي ڪڻڪ امپورٽ ڪنداسين ته کوٽ پيدا ٿيندي. هن چيو ته 2 ڏينهن پھرين خبر پئي ته لائيٽ ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌائي ڇڏيون آھن، جنھن جو وزن غريب عوام تي وجھي ڇڏيو آهي. ھڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جون ڳالهيون ڪندڙ ملڪ جي آئين کان واقف ناهن، هن چيو ته اهڙيون ڳالهيون رڳو دل وندرائڻ لا ڪيون وڃن ٿيوپن، ڪنهن جي ذاتي خواهش تي گورنر راڄ نٿو لڳي سگهي ۽ نه وري حڪومتون تبديل ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته ٽنڊوڄام ۾ ڪچي شراب سبب ٿيندڙ فوتگين جو نوٽيس ورتو ويو آھي، جلد رپورٽ وٺي ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي راندين بابت صوبائي صلاحڪار ارباب لطف الله، سيد ناصر حسين شاهه، امتياز شيخ، سيد سردار علي شاهه، مڪيش چاولا، سيد ضيا عباس شاهه، بلوچستان جو اڳوڻو وزيراعلي ڄام ڪمال، ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، سيد امير علي شاهه، سيد ذولفقار شاهه، اياز حسين شاهه شيرازي، ارباب امير امان الله، صوبائي صلاحڪار ڊاڪٽر کٽو مل، ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، دوست علي راهمون، ويرجي ڪولهي، پونجو مل ڀيل، انجنئير گيانچند، راڻا همير سنگهه، فقير شير محمد بلالاڻي، سريندر ولاسائي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چونڊيل نمائندن ۽ ضلع انتظاميه سان ترقياتي منصوبن بابت دربار هال مٺي ۾ ٿر جي آبادگارن، واپارين، وڪيلن سان ڌار ڌار گڏجاڻيون ڪيون. ان کان اڳ وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي جي رھائش گاهه مٺي پھچي ان جي وڏي ڀاءُ جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظھار ڪيو ۽ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي جي ڀائيٽي فقير صديق بلالاڻي جي وفات تي سندس رهائش گاهه بلالاڻي هائوس مٺي تي پهچي فاتحه ڪئي ۽ مغفرت جي دعا گهري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button