ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان کي ريسڪيو ڪندڙ طاقت پاسيري ٿيل!

Editorial-Article- Allahbus Rathore

حڪومت جي صفن ۾ جيڪا ڇڙواڳي موجود آهي، اها ٻڌائي ٿي ته مڙني دعوائن ۽ مني بجيٽ منظور ڪرائڻ باوجود سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي، مني بجيٽ جي منظوري جي ڪهاڻي ٻڌائيندڙ چون ٿا ته هفتو اڳ پارليامينٽ جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي ويٺل پارٽين کي اشارو ڪيو ويو هو ته اهي ان جي مخالفت نه ڪن، ڇاڪاڻ ته هي عمران خان جي حڪومت جو معاملو ناهي، پر ملڪي سلامتي جو اشو آهي! هاڻ ڪجهه ٻي نوعيت جا اشارا ملي رهيا آهن، هي پيغام واضح طور تي سامهون آيو آهي ته ملڪ جي طاقتور قوت، جيڪا هر ڀيري ۽ هر موڙ تي عمران خان جي حڪومت کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ ايندي هئي، ان ۾ آيل تبديلين جي نتيجي ۾ اهم ادارو نيوٽرل ٿي ويو آهي ۽ ان اداري جي سربراهه اجلاسن ۾ پنهنجا فوٽيجز ڏيکارڻ کان ته روڪي ڇڏيو هو،پر هاڻ سمورن سياسي معاملن کان به پاڻ کي پرڀرو ڪري لو پروفائل ۾ هليو ويو آهي. ان سان گڏ هي خبرون به عام آهن ته ان اهم اداري واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان جي خلاف پارليامينٽ ۾ بي اعتمادي جي رٿ پيش ٿئي ٿي ته ان کي بچائڻ لاءِ هو اڳڀرو نه ٿيندو! هي ڳالهه سامهون اچڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ حڪومت ۽ پارٽي جي اندر عجيب غريب سرگرميون شروع ٿي ويون آهن ۽ چيو پيو وڃي ته شايد عمران خان جي متبادل جي ڳولا شروع ٿي وئي آهي. عمران خان جو متبادل پرويز خٽڪ آهي، يا اسد عمر يا وري شاهه محمود قريشي؟ ڪٿي نئين وزيراعظم جي ڊوڙ دوران پي ٽي آءِ پنهنجو رهيل مدو نه وڃائي ويهي ۽ مخالف ڌر، جيڪا پڻ ڪيترن ئي حلقن ۾ لابنگ ڪري رهي آهي، اها اقتدار جي ايوانن ۾ پهچي وڃي ۽ عمران خان سميت سندس حامي توڙي مخالف هٿ مليندا رهجي وڃن.
هي سڀني کي خبر آهي ته حڪومتي ڌر جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ جيڪڏهن سڀني کان پهريان عمران خان جي اڳيان ڳالهائڻ جي جرئت ڪئي ته اهو پرويز خٽڪ ئي هو، جيڪو پارٽي کي غير معمولي طور تي ٻه ڀيرا ڪي پي ڪي ۾ حڪومت ۾ وٺي آيو، پر هن کي گهربل عزت ۽ احترام نه مليو ۽ کيس پاسيري ڪرڻ جا سمورا بندوبست ڪيا ويا. هي پهريون ڀيرو ناهي ته پرويز خٽڪ پارٽي قيادت جي خلاف ڳالهايو هجي. هينئر به پرويز خٽڪ، عمران خان جي خلاف ڳالهائڻ جو نه صرف دفاع ڪري ٿو، پر پنهنجي سياسي تجربي جي بنياد تي ان نتيجي تي پهچي چڪو آهي ته موجوده حڪومت عمران خان جي قيادت ۾ ڪابه ڪاميابي حاصل ڪري نٿي سگهي. هن ڪائونسلر شپ کان وٺي، دفاع جي وزارت تائين گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ هن جو ڪيترين ئي اهم شخصيتن سان به پالو پيو آهي، هن جا لڳ لاڳاپا، جيئن جو تيئن برقرار آهن. پاڻ کي قبول ڪرائڻ لاءِ پرويز خٽڪ ۽ شاهه محمود قريشي جيڪو لاڳاتار خاموش آهي، انهن ٻنهي لاءِ خطرو اسد عمر سمجهيو وڃي ٿو. اسد عمر کي جنهن انداز سان ناڻي جي وزارت کان الڳ ڪيو ويو هو، ان کانپوءِ گهٽ امڪان هئا ته هو پي ٽي آءِ حڪومت ڏانهن موٽي ويندو، پر واڳ ڌڻين کيس اشارو ڏيندي چيو ته واپس هليو وڃي. چوڻ وارا چون ٿا ته اسد عمر کي جيڪا وزارت ملي، اها به ڪنهن جي مهرباني هئي. هن جا لڳ لاڳاپا ساڳيا ئي برقرار آهن، جن مان سندس ڀاءَ محمد زبير فائدا حاصل ڪندو رهيو ۽ ساڳي طاقت جي مرڪز کان هو به رهنمائي وٺي رهيو آهي. اسد عمر ۽ محمد زبير Butcher of Bengal جي نالي سان بدنام جنرل جا پٽ آهن. هن اڳوڻي اوڀر پاڪستان کي الڳ ڪرڻ لاءِ جيڪي خدمتون ڪيون، انهن جو سلو کين ڪيترن ئي نسلن تائين ملڻو آهي.
شاهه محمود قريشي، جيڪو شروع کان وٺي، پاڻ کي عمران خان جو متبادل سمجهندو رهيو آهي، هن جو خيال آهي ته جيئن ذوالفقار علي ڀٽو پرڏيهي وزارت تان استعيفا ڏئي اڳوڻي فوجي آمر جنرل ايوب خان کي گهر ڀيڙو ڪيو هو، ساڳي انداز سان هو پهريان پ پ حڪومت ۾ ريمنڊ ڊيوس واري معاملي تي غيرت برگيڊ جو باني بڻيو، ساڳي انداز سان هو عمران خان جي ڪابينا ۾ ورتاءَ ڪري رهيو آهي. هو سمجهي ٿو ته کيس واڳ ڌڻين جي ڊگهي عرصي کان خدمت عيوض انعام ته هڪ ڏينهن ملڻو آهي. پر اهڙا ڏينهن ڪڏهن ايندا، ان جو ئي کيس انتظار آهي. هينئر توڙي جو پي ٽي آءِ اندر انتهائي ڏڦيڙ واري صورتحال آهي، پر شاهه محمود قريشي خاموش آهي. ڪي حلقا چون ٿا ته هو خاموشي سان واڳ ڌڻين کي ٻڌائي رهيو آهي ته خادم ڪو خادم حسين چون ٿا، پر ان جي باوجود هن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ جي اندر جيڪو ڪجهه ٿئي پيو، ان جو فائدو مخالف ڌر کي ٿي رهيو آهي، جيڪا مارچ ۾ ڊبل مارچ جي انتظار ۾ آهي. ڪي حلقا چون ٿا ته اپوزيشن مارچ لاءِ ڪنهن به سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪري رهي آهي، پر رڳو عمران خان کي ڊيڄاريو پيو وڃي. اهي حلقا جيڪي پهريان واڳ ڌڻين ۽ عمران خان جي مخالفن ۾ ڊيل جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا، هاڻ چون ٿا ته سڀني لاءِ ميدن کليل آهي، جيڪو طاقتور هوندو، اهو ئي اقتدار جي مسند تي ويهندو. انڪري هاڻ سڀني ڌرين لاءِ ميدان کليل آهي.
پي ٽي آءِ جي اندر جنهن بحران ڪر کنيو آهي، ان بابت چيو پيو وڃي ته صرف ٻه چار اڳواڻ پنهنجي ئي قيادت جي خلاف اٿي کڙا نه ٿيا آهن، پر عمران خان جي مخالفن جو هي چوڻ ته ان سان ٽي وزير به گڏ نه بيهندا، ايستائين جو زرتاج گل جهڙي ماحوليات بابت وزير، جيڪا ڪپتان جي مسڪراهٽن جي واکاڻ ڪندي نه ٿڪبي آهي، اها به اک ڇنڀ ۾ غائب ٿي ويندي، مراد سعيد، جنهن جا قصا ۽ ڪهاڻيون گهڻيون مشهور آهن، ان لاءِ به چيو پيو وڃي ته اوکي ويل ۾ هو به عمران خان جي ساڄي يا کاٻي پاسي نظر نه ايندو. نور عالم خان جهڙا اڳواڻ، جيڪي پ پ مان تربيت وٺي، پي ٽي آءِ جي صفن ۾ شامل ٿيا، اهي ته کلي عام چون ٿا ته قومي اسيمبلي جي شروعاتي ٽنهي سيٽن تي ويٺل اڳواڻن جا نالا اِي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن ته ڪٿي هو ملڪ ڇڏي فرار نه ٿي وڃن!
مخالف ڌر جون سموريون پارٽيون ته عمران خان جون مخالف آهن، پر اهي هڪ پليٽ فارم تي به گڏ ناهن، انڪري انهن ۾ رساما ختم ڪرڻ لاءِ پارٽين جي ٻي جنريشن ويجهڙائپ جو مظاهرو ڪيو آهي. ان حوالي سان بلاول جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات کي ته اهميت ڏني پئي وڃي، پر هاڻ مولانا فضل الرحمان جي پٽ بلاول جي مان ۾ دعوت ڪئي آهي، جنهن سان پارٽنرشپ جي نئين شروعات جا اشارا ملي رهيا آهن. مولانا ۽ آصف زرداري يا پ پ قيادت ۾ جيڪي اختلاف هئا، انهن کي ختم ڪرائڻ لاءِ شهباز شريف پل جو ڪردار ادا ڪري پيو، جيڪڏهن مخالف ڌر کير کنڊ ٿي وئي ته حڪومت خلاف لانگ مارچ به ساڳي پليٽ فارم تان ٿيندو ۽ ان جا امڪان وڌيڪ آهن.
مخالف ڌر جي لانگ مارچ، خاص ڪري پيپلز پارٽي جي 27 فيبروري تي رٿيل لانگ مارچ ۽ پي ٽي آءِ جي علي زيدي پاران جوابي مارچ،نئين ڊيولپمنٽ آهي، پر ان کي ڪا خاص اهميت نه پئي ڏني وڃي. پ پ قيادت ته علي زيدي کي ڇٽل ڪارتوس قرار ڏنو آهي، پر هن جي اعلان کي گهڻي اهميت انڪري نه پئي ملي ته پي ٽي آءِ جي اندران ان جي مخالفت ڪئي پئي وڃي. پي ٽي آءِ جا هڪ نه پر ڪيترائي گروپ آهن، جن جا الڳ الڳ مفاد سامهون ايندا رهيا آهن. هينئر علي زيدي جي حامين جو ڪو گهڻو تعداد ناهي، نه ئي پي ٽي آءِ جي گهوٽڪي کان نڪرندڙ مارچ ۾ عوام جو وڏو انگ شامل ٿي سگهي ٿو، ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. مارچ گهوٽڪي کان ٿيندو ته ڪيترو نظر ايندو، هي ڳالهه به سوچڻ جهڙي آهي. پي ٽي آءِ ڪا عوامي پارٽي ناهي، جنهن ۾ ماڻهن جو وڏو انبوهه شامل ٿئي. سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي قيادت اڳ ۾ ئي Rootless آهي. ڪي حلقا ته هي به چون ٿا ته جيڪڏهن آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿين ته علي زيدي جهڙن وزيرن جي ضمانت ضبط ٿي سگهي ٿي. هنن جون سنڌ ۾ پاڙون به ناهن، پر جنهن قوت جي ڪلهي تي چڙهي آيا آهن، اها ئي انهن لاءِ رستو صاف ڪندي رهي آهي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا اهي اڳواڻ، جيڪي سنڌ سان واسطو رکن ٿا، انهن جا الڳ الڳ پروفائل لکجن ته حيرت ناڪ ڳالهيون سامهون اچي سگهن ٿيون. هاڻ جيڪڏهن پ پ ۽ پي ڊي ايم جي قيادت جي وچ ۾ معاملا طئي ٿي وڃن ٿا ته سنڌ مان پ پ جي مارچ جي تاريخ به تبديل ٿي ويندي، ان سان گڏ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ مان هوا نڪري ويندي. پ پ حڪومت هجڻ ۽ لانگ مارچ جو وڏو تجربو رکڻ ڪري اها ڪافي ماڻهو گڏ ڪري سگهي ٿي. هن ملڪ ۾ هميشه لانگ مارچ calculated رهيا آهن، گهٽ ۾ گهٽ ماضي جون ڪهاڻيون آهن ته لانگ مارچ حڪمرانن جي ڪلائيمڪس جي پڄاڻي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button