ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تيل اگهن ۾ واڌ

Editorial

ملڪ ۾ مهانگائي جي ماريل عوام جي مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر وفاقي سرڪار پيٽرول جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت ستايل عوام جي اهنجن ۾ اضافو ڪندي ايندڙ 15 ڏينهن جي لا تيل جي قيمتن ۾ 3 رپيا 33 پئسا في لٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي. پيٽرول جي اگهه ۾ في لٽر تي 3 رپيا هڪ پئسي جو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپو نئين قيمت 147 رپيا 83 پئسا في لٽر ٿي وئي آهي. ناڻي وزارت جو چوڻ آهي ته ها اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپين جي واڌ کانپو في لٽر 144 رپيا 62 پئسا ٿي ويو آهي. اهڙي ريت گاسليٽ جي قيمت ۾ پڻ 3 رپيا واڌ ڪرڻ کانپو نئين قيمت 116 رپيا 48 پئسا في لٽر هوندي. واضح رهي ته موجوده حڪومت طرفان مهيني ۾ هر 15 ڏينهن تي تيل جي قيمتن ۾ هيرڦير ڪئي ويندي آهي، جنهن ڪري تيل جو قيمتون اڪثر ڪري وڌي وينديون آهن ۽ ان سان عوام جي تڪليفن ۾ اضافو ٿيندو آهي. جڏهن ته ٽرانسپورٽرن طرفان پڻ هر واري ٻيڻ تي ڀاڙا وڌايا ويندا آهن، جنهن سبب عوام ٻيهر عذاب هيٺ اچي ويندو آهي.
ان کان هڪ ڏينهن اڳ وفاقي ڳڻپ واري کاتي مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي، جنهن موجب هڪ هفتي ۾ 16 شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، بصر 5 رپيا 37 پيسا في ڪلو، ڪيلا هڪ رپيو 24 پيسا في ڊزن مهانگا ٿيا، جڏهن ته ماچيس جي دٻي جي اگهه ۾ 4 پيسا واڌ ٿي. انگ اکرن موجب مٽر 10 رپيا 19 پيسا ۽ وڏو گوشت 2 رپيا 89 پيسا مهانگو ٿيو، جڏهن ته هڪ هفتي دوران مڱن جي دال، چڻن جي دال، دال ماش، مسور، کير، چانور، ڳڙ ۽ سرنهن جو تيل به مهانگو ٿيو.
ملڪ ۾ هر روز مهانگائي ۾ ايڏي واڌ مان اهو واضح ٿي ويو آهي ته هي حڪومت عوام جي مفادن بدران آ ايم ايف جي مفادن ۾ ڪم ڪري رهي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ مني بجيٽ جي منظوري به ان جو ثبوت آهي. جنهن ملڪ جو وزيراعظم چوي ته “آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻ لاءِ عوام تي بار وجهڻو پيو.” جڏهن هر شئي آ ايم جي شرطن تي مهانگي ٿيندي ته پو ان مان اهو ئي ثابت ٿئي ٿو ته ملڪ تي هن وقت آ ايم ايف حڪومت ڪري رهي آهي. مخالف ڌر مني بجيٽ تي تنقيدي آهي ته “بل آئي ايم ايف جي حق ۾ ٿي سگهي ٿو پاڪستان جي نه، پاڪستان جي عوام تي 700 ارب رپين کان وڌيڪ بار وڌو پيو وڃي. عمران خان پهريان غريبن جو ڳلو ڪٽيو هاڻي سرنج سان رت ڪڍيو پيو وڃي، بل واپس ورتا ويندا، خانگي محفلن ۾ وزير چون ٿا ته اسان آئي ايم ايف هٿان مجبور آهيون، اوهان مجبور آهيو ته اهڙي بل جو دفاع ڇو ڪري رهيا آهيو؟ ثاقب نثار کي مبارڪ اوهان جو صادق ۽ امين ملڪ کي 100 ارب رپين جو پيو آهي. 13 جنوري تي ڪوئي رولز، آئين ۽ روايتن جي پرواهه نه ڪئي وئي. عددي سرسي ته ٽيليفونز پوري ڪري ڇڏي، گهٽ ۾ گهٽ بحث ته ٿئي ها اسپيڪر ۽ حڪومت کي چيو ته حقيقتون ته سامهون رکو.” نواز ليگ جي اڳواڻن مني بجيٽ جي منظوري تي ردعمل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته “گذريل ڏينهن پارليامينٽ جو سڀ کان ڪارو ڏينهن هو پاڪستان جي عوام کي 700 ارب رپين کان وڌيڪ بار وڌو پيو وڃي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ڪوشش ڪئي ايوان ۾ ووٽنگ به نه ٿي سگهي ان جو ڪوئي تاريخ ۾ مثال نه آهي ته ايوان ۾ بحث به نه ٿي سگهي. تڪڙ ۾ بل پاس ڪرڻ ويا ته اها تڪڙ ڇا جي هئي ٻڌائڻ کان قاصر هئا. سڀ کان خطرناڪ بل آهي ته پنهنجي معيشت جي چاٻي اسان آئي ايم ايف جي حوالي ڪري رهيا آهيون. رات اونداهي ۾ بنا ڪنهن بحث جي ان کي پاس ڪرايو ويو. اسپيڪر کي چيو ته حڪومت کي چيو حقيقتون ته سامهون رکو اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪي رولز آئين ۽ روايتن جي پرواهه نه ڪئي وئي اهو سڀ ڪجهه ٿيو جڏهن وزيراعظم ايوان ۾ موجود هو ڪروڙين پاڪستان جو استحقاق مجروح ٿيو جن اسان کي چونڊيو آهي عوام جو پڇڻ جو حق به ڦٻايو ويو آهي سالياني حساب سان 700 ارب رپين جو بار وڌو ويو آهي 348 ارب رپيا ڪٿان اچي رهيا آهن ڪهڙي ضرورت پئي آئي ايم ايف ته چوي ٿو ته بجيٽ خساري کي گهٽ ڪريو اوهان خرچ گهٽايو ها اوهان ٽيڪس هڻي ڇڏي.”
مسلسل مهانگائي، تيل اگهن ۾ واڌ، مني بجيٽ جي منظوري ۽ وزيراعظم پاران اعتراف ته “آ ايم ايف جا شرط مڃڻ لا عوام تي بار وجهڻو پيو” مان اهو ئي ثابت ٿئي ٿو ته عملي طور هي ملڪ آ ايم ايف حوالي ڪيو ويو آهي. هاڻي جيڪڏهن ملڪ جون معاشي پاليسيون آ ايم ايف جهڙي مالياتي سامراجي اداري حوالي ڪيون وينديون ته پو عوام لا مصيبتن ۾ اضافي کان سوا ٻيو ڇا ملندو؟ اسان سمجهون ٿا ته اها انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. مهانگائي کڻي ڪيڏي به وڌي، ان جو بار حڪمرانن تي ته پوڻو ڪونهي، تنهنڪري، انهن کي ان جو احساس به نه ٿو ٿي سگهي، مسئلو عام ماڻهو جو آهي، جنهن لا ٻه ويلا ماني کائڻ وڏو عذاب بڻجي ويو آهي، تيل اگهن ۾ مسلسل واڌ ان جي مصيبتن ۾ اڃا به واڌ آڻيندي، حڪمرانن کي ٿورو ان جو تدارڪ ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button