پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ انسپيڪٽر پاران ناري سان مبينا زيادتي، پوليس کان رپورٽ طلب

مٺي (ن، سنڌ ايڪسپريس) مٺي ۾ پوليس اسپيڪٽر پاران ساٿين جي مدد سان نوجوان ناري کي مبينا اغوا ڪري ٽن ڏينهن تائين لڄالٽ جو نشانو بنائڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. ڪلوئي تعلقي جي ڳوٺ کاڙڪ جي رهواسڻ نوجوان ناري گهرڀاتين سان گڏ مٺي جي عدالت پهچي وئي. نوجوان ناري ايس ايس پي آفيس مٺي ۾ ڪم ڪندڙ پي ڊي ايس پي انسپيڪٽر تي زبردستي اغوا ڪرڻ ۽ قيد ڪري ڏاڍائي ڪرڻ جو الزام هنيو آھي. ناري پنهنجي وڪيل معرفت ايڊيشنل سيشن جج مٺي جي عدالت ۾ 22 اي جي درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته مون کي پوليس انسپيڪٽر ڳوٺ مان 2 ساٿين جي مدد سان اغوا ڪري مٺي ويجهو نامعلوم هنڌ تي قيد ڪيو ۽ مسلسل جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو. مون کي جهنگ ۾ قيد رکيو ويو، جتان موقعي جو فائدو وٺي ڀڄي پڌريو اسٽاپ پهتيس، جتان روڊ تان گذرندڙ رڪشا واري مٺي شھر پهچايو. جوابدار بااثر پوليس آفيسر آھي، ان ڪري پوليس ڪيس نٿي وٺي. عدالت ڪيس داخل ڪرائي مون سان ٿيل ظلم تي انصاف ڪري، بااثر جوابدار ايس ايس پي آفيس ۾ پي ڊي ايس پي طور مقرر آھي، ان ڪري زندگي کي خطرو آھي. مون کي ۽ خاندان کي تحفظ ڏنو وڃي. ايڊيشنل سيشن جج مٺي جي عدالت 22 اي جي داخل درخواست تي مٺي پوليس کان 25 جنوري تي رپورٽ طلب ڪري ورتي. جڏهن ته ناري گهرڀاتين سوڌو عدالت ۾ پهتي ۽ خوفزده نظر آئي. ٻئي طرف مٺي پوليس جو چوڻ آھي ته ناري اغوا ۽ جنسي ڏاڍائي جي عدالت ۾ درخواست ڏني آهي، عدالت پوليس کان رپورٽ گهري آھي، پر ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ناهي ڏنو، اسان شفاف رپورٽ عدالت کي ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button