پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ اسڪول زبون، استاد به مقرر نه ٿيو، مظاهرو

سرهاڙي: سرهاڙي لڳ ڳوٺ سعيد خان ٽالپر ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول زبون ٿيڻ، استاد مقرر نه ٿيڻ ۽ سهولتون نه ڏين خلاف ڳوٺاڻن الاهي بخش ٽالپر، الهداد بروهي، طيب ڪيريو، عباس جمالي، اعجاز مگسي، مولابخش ٽالپر، ڪريم بخش ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي نعربيازي ڪئي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پرائمري اسڪول ڪيترن ئي سالن کان زبون ٿي ويو آحي، ڪلاسن جي ڇتن جا چاپڙ ڪري رهيا آهن، اسڪول ۾ 2018ع کان ڪو استاد مقرر ناهي ڪيو ويو، اسان ڪيترا ڀيرا ٽي اي او شهدادپور ۽ چونڊيل نمائندن وٽ ويا آهيون، پر ڪير ٻڌڻ وارو ناهي، جنهن سبب 150 کان وڌيڪ شاگردن جي تعليم بند آهي. هنن گهر ڪئ.ي ته استاد مقرر ڪري اسڪول جي نئين عمارت ٺهرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button