الهه بخش راٺوڙ
خبرن جي مارڪيٽ ايتري ته گرم آهي، جو ڪنهن هڪ موضوع تي لکڻ لاءِ قلم بيهي نٿو سگهي، ملڪ ۾ ڀلي روزگار نه هجي، بک ۽ بدحالي واڪا ڪندي هجي، پر خبرون جام آهن. عمران خان جي حڪومت ڪهڙيون به دعوائون ڪري، ان جو هڪڙو ئي جواب آهي ته ان جي پنهنجي ڪارڪردگي ڪهڙي ۽ سٺي حڪمراني ڪٿي آهي؟ جيڪڏهن هو سٺو حڪمران يا ايڊمنسٽريٽر ناهي ته ان کي ڪيئن عوام دوست ڪامياب حڪمران مڃي سگهجي ٿو. هينئر تائين جيڪو ڪجهه حڪمرانن جو پاڇِي آهي، اهو ئي ان جو جواب به آهي. مستقبل جي نيب جي چيئرمين جي مقرري لاءِ حڪومتي ڌر جون گوٿناٿون ڏسڻ وٽان آهن، سياسي انداز سان ٻيا به ڊنگ عملدار ۽ اهلڪار گهر ڀيڙا ٿيڻ وارا آهن يا جلد ٿي ويندا، انهن مان هڪ اڌ جو معاملو ته settle آهي، باقي نوراڪشتي جاري آهي. ارڙهين ترميم کانپوءِ آئين ۾ جيڪي ابهام هئا، انهن مان ڪيترائي بهتر ڪيا ويا، ان جي باوجود حڪمرانن جا سياسي مفاد هميشه آئين تي عمل جي رستي ۾ رنڊڪ بڻجي رهيا آهن. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته آئين ۾ جن عهدن لاءِ لازمي آهي، وزير اعظم، مخالف ڌر جي اڳواڻ سان صلاح مشورا ڪري معاملن کي هڪ پاسي ڪري ڇڏي ها، سياسي ۽ پارٽين جي اختلافن کي پاسي تي رکيو وڃي ها، پر اهڙو سياسي ڪلچر ڪو آئيڊيل ئي ٿي سگهي ٿو. جيڪو معاشرو ايترن سارن بالغ سياستدان جي وچ ۾ ورهايل هجي ۽ انهن کي پنهنجي نڪ کان اڳتي ڪجهه نظر نه اچي، انهن تي ڪهڙي ميار ڏئي سگهجي ٿي!
ٻه اهم اشور جيڪي انتهائي Hot نوعيت جا آهن، انهن تي سوچڻ ضروري آهي. هڪ طرف ملڪ جي اعليٰ عدالت جي جج ڪراچي رجسٽري ۾ جيڪو ڪجهه چيو، ان مان هي ڳالهه ته قبول ڪرڻ جهڙي آهي ته سنڌ ۾ سٺي حڪمراني جو مسئلو آهي، پر سنڌ جي وڪيل جي جواب ۾ جيڪو ڪجهه عدليا جو ردعمل آيو، اهو افسوسناڪ آهي. هڪ عام شهري جي حيثيت ۾ چيف جسٽس اڳيان پنهنجي افسوس کي بيان ڪرڻ ضروري آهي. گجر نالي جو اشو اڪيلو ناهي، نه ئي اتان جي متاثرن جي آبادڪاري ڪو آخري اشو آهي. جيڪڏهن سنڌ جي وڪيل عدالت جي اڪائونٽ مان سنڌ جي زمين جا پئسا رکيل هجن ۽ ان مان ڪجهه ارب رپيا گهريا ويا هجن، جيڪي گجر نالي جي متاثرن جي آبادڪاري تي خرچ ڪيا وڃن ته ان ۾ ڪهڙي اربعا خطا ٿي سگهي ٿي. هينئر تائين تربيلا ۽ منگلا جي متاثرن کي آباد نه ڪيو ويو آهي ۽ انهن مان ڪيترائي سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا، انهن جي باري ۾ ته ڪنهن سوچيو ئي ناهي. گجر نالو اڪيلو ناهي، جنهن جي ري ماڊلنگ ڪئي وئي يا ان نوعيت جي نالن تان حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو هجي. ڊفينس ڇهه سان گڏ ڪيتريون ئي اهڙيون آباديون ۽ اڏاوتون آهن جن تي سواليا نشان لڳل آهن. هي اعتراف اعليٰ عدالت جا جج وقت بوقت ڪندا به رهيا آهن. جيڪڏهن احتساب ڪرڻو آهي ته سڀني جو ٿيڻ گهرجي. غريبن جي گهرن کي ڊاهڻ جا حڪم ڏيڻ سان ڪيتريون بددعائون نڪرنديون، ان جو ته سوچيو ئي نه ويو.
هي اوپن سيڪريٽ آهي ته 2010 جي ٻوڏ ۾ جيڪي سنڌ واسي متاثر ٿيا، اهي هينئر به ڪراچي جي روڊن ۽ رستن تي پني رهيا آهن، پر اهي جيڪي اترين علائقن کان آپريشن دوران متاثر ٿي آيا هئا، اهي پنهنجن گهرن تائين پهچي ويا، يا وري انهن کي گهربل رقم فراهم ڪئي وئي. جيڪڏهن ڪو سنڌ جو اشو سامهون اچي ٿو ته وفاق کان وٺي سمورا ادارا خاموشي جي چادر اوڍي سمهي پون ٿا، پر جنهن قسم جون فرمائشون سامهون اينديون رهيون آهن، انهن تي عمل لاءِ باقاعدگي سان اصرار ڪيو وڃي ٿو. هن ڀيري نيسلا ٽاور جو معاملو به سامهون آيو، جنهن کي ڪيرائڻ لاءِ حڪم ته موجود آهن، پر جنهن سنڌي مسلم سوسائٽي ٽاور لاءِ زمين فراهم ڪئي هئي، ان جو ڪيس 1986 کان پينڊنگ ۾ آهي، ڪابه عدالت ان کي حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هزارين ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ جا هي سمورا بهانا يقينن ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏيندا رهندا.
اڄڪلهه سياسي افق تي وري ”گناهن ۾ شامل هجڻ يا نه هجڻ“ جون ڳالهيون به سامهون آيون آهن. پنهنجو پلئو آجو ڪرائڻ ڪيترو سولو آهي، جيڪڏهن مان ڪنهن پارٽي ۾ شامل هجان ۽ ان جي چڱاين کي رڳو پنهنجو ڪريان ۽ لڱاين تي اکيون ٻوٽيان ته اها ڪنهن به صورت ۾ حقيقت پسندي ٿي نٿي سگهي. جنهن وقت مريم نواز هي چيو پئي ته آرمي چيف کي گذريل ڀيري جيڪا ايڪسٽينشن ڏني وئي، مان ان گناهه ۾ شامل نه هيس.! سوشل توڙي عام ميڊيا تي پهريون سوال هي پڇيو ويو ته ن ليگ سميت ڪنهن به سياسي پارٽي کان پهريون ڀيرو ڪو گناهه ٿيو آهي، جنهن کان هو پرڀرا ٿي رهيا آهن؟ آرمي چيف کي ايڪسٽينشن ڏيڻ وارو گناهه پهريون ڀيرو ته ٿيو ڪونه، اهڙا گناهه پ پ هجي يا ن ليگ ٻئي ڪنديون رهيون آهن، ساڳيو گناهه ڊنڪي ڪي چوٽ پر عمران خان جي پارٽي به ڪيو، ها هي الڳ ڳالهه آهي ته عمران خان جي حڪومت اهو گناهه ڀريل بازار ۾ ڪيو ۽ ان تي فخر به ڪيو. جيڪا نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي. پيپلز پارٽي جنرل ڪياني کي ايڪسٽينشن ڏني، ان کان اڳ جنرل وحيد ڪاڪڙ جي مقرري دوران ڇا ٿيو. ان کي به آڇ ڪئي وئي، پر هن انڪار ڪيو. جنرل راحيل شريف به ساڳي ايڪسٽنيشن گهري، پر هن کي نه ملي ان کانپوءِ جيڪڏهن موجوده چيف کي ايڪسٽينشن ڏني وئي ته اها به ڪا نئين ڳالهه نه هئي، پر ماضي ۽ موجوده ايڪٽينشن ۾ هڪڙو ٻيو فرق به آهي، اهو هي پهريان ته اهڙو ڪو قانون ئي نه هو، جنهن کي استعمال ڪجي ها، هن ڀيري باقاعدگي سان عدليا جي نگراني ۾ نئون قانون يا ايڪٽ آف پارليامينٽ جوڙيو ويو، ان جي حق ۾ سمورين سياسي پارٽين ووٽ ڏنو. جڏهن پارليامينٽ ۾ پ پ معاملي کي شفاف بنائڻ لاءِ بحث ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته ن ليگ جي خواجا آصف، جنهن جو سافٽ ويئر هاڻ تبديل ٿيو آهي، ان وڏي سرڪار جي وڪيل جي حيثيت ۾ حمايت ۾ ڊگهي تقرير ڪئي! ايترو ئي نه ٿيو، نواز شريف ۽ شهباز شريف ان ”گناهه“ ۾ بنفس نفيس شامل ٿيڻ جي هام هنئي، ان جي باوجود چيو پيو وڃي ته مريم نواز ان ”گناهه“ ۾ شامل نه هئي. ڪجهه حلقا ته هي چون پيا ته ن ليگ کي هي ”گناهه“ انڪري ياد آيو آهي ته وڏي سرڪار تي وڌيڪ دٻاءُ وجهڻو آهي ته جيئن اها عمران خان کي ڌڪو ڏئي اقتدار کان ٻاهر ڪري يا ان جو مدو مختصر ڪري.
جيڪڏهن ملڪ جون سياسي پارٽيون سمجهن ٿيون ته انهن کان تاريخي ”گناهه“ ٿيا آهن ته انهن کي سڀ کان پهريان اعتراف ڪرڻ لاءِ عوام کان معافي وٺڻ گهرجي، هو واضح طور چون ته انهن کي استعمال ڪيو ويو، جيڪا حقيقت آهي، هاڻ اسان نئون ميثاق ڪريون ٿا ته مستقبل ۾ اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪنداسين، جنهن سان شرمساري کي منهن ڏيڻو پئي. هي ڪم آسان به ناهي، جن پارٽين جي مڪس پليٽ هجي، وڻ وڻ جي ڪاٺي هجي، هر پارٽي اسٽيبلشمنٽ جي اليڪٽيبلز کي پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏيڻ لاءِ آتي هجي، اهڙي صورتحال ۾ موجوده هائبرڊ نظام ئي هلندو، رڳو چهرا تبديل ٿيندا ۽ هي عمل ستر سالن کان جاري آهي. جيڪڏهن ڪو ادارو به پاڻ کي اتم سمجهي ٿو ۽ غلطين کان پاڪ سمجهي ٿو ته ان کي به Glasnost جو اعلان ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ ۾ اهڙا ادارا قائم ٿين جيڪي صاف ۽ شفاف هجن. انهن ادارن جي هٿن تي معصوم انسانن جي خون جا نشان موجود آهن، عوام انهن کي ڪنهن به صورت ۾ وساري ۽ معاف ڪري نٿو سگهي. باقي هي Might is Right جو راڄ ڪيستائين هلي ٿو؟ ان تي اعتبار نه ڪرڻ گهرجي.