پاڪستان

شاهه محمود قريشي جي آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملاقات، افغان معاملن تي ڳالهيون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي نيو يارڪ ۾ آمريڪي هم منصب انٽوني بلنڪن سان پهريون ڀيرو ملاقات ٿي آهي ۽ ان حوالي سان آمريڪي پرڏيهي کاتي پڌرائي به جاري ڪئي آهي. پڌرائي موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي نيو يارڪ ۾ آمريڪي هن منصب انٽوني بلنڪن سان ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ شاهه محمود قريشي افغانستان ۾ وسيع بنيادن واري حڪومت جي قيام تي زور ڏنو. هن چيو ته اميد آهي ته دنيا افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي نه ورجائيندي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ هڪ نئين سياسي حقيقت اسان جي اڳيان آهن جڏهن ته طالبان جي جنگ بندي، عام معافي، عورتن جي حقن جي تحفظ وارا بيان حوصلا افزائي آهن. هن چيو ته عالمي برادري افغانستان ۾ وڌندڙ انساني بحران سان منهن ڏيڻ جي لاءِ سخت اپاءَ وٺي. ان موقعي تي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن آمريڪي شهرين جي باحفاظت نيڪالي ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. انٽوني بلنڪن چيو ته شاهه محمود قريشي سان جنرل اسيمبلي اجلاس جي موقعي ملاقات ڪري خوشي ٿي جڏهن ته ڪيترائي ڀيرا شاهه محمود قريشي سان فون تي به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ملاقات ۾ افغانستان جي مستقبل ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي کُليل طور ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان کانسواءِ ملاقات ۾ معيشت ۽ گڏيل لاڳاپن سميت خطي جي بهتري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي به خيالن جو اظهار ڪيو ويو. شاهه محمود قريشي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت آمريڪي پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي ڪاغذي شاهديون به بلنڪن جي حوالي ڪيون. واضح رهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيو يارڪ ۾ ترڪ ۽ سعودي هم منصب سان به ملاقاتون ڪيون. شاهه محمود قريشي ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير جي ملاقات لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button