ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٽنڊوباگو پوليس جا ڪيل ڪلور

Editorial-Article- Munawar Lashari

20 جنوري رات 8 وڳي ٽنڊو باگو پوليس تلھار جي حد ۾ ڪارروائي ڪري نورالدين دودي جت کي گٽڪو هلائڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ھئي پر دودي جت سان گڏ مقصود عرف وسيم ٽالپر جو ٽنڊو باگو پوليس ڪوبه ذڪر نه ڪيو ھو. جڏھن ته گرفتار نورالدين جت سان گڏ مقصود ٽالپر پڻ ان رات موجود ھو. ڪارروائي دوران پوليس گرديءَ جو نشانو بڻيل مقصود جي جبري گمشدگي ۽ چينل واهه مان وارثن پاران ڳولا ڪيترن ئي ماڻھن لاءِ سواليه نشان بڻيل رھي. نورالدين جي گرفتاري ۽ مقصود جو لاپتا ھجڻ مقامي ماڻھن ۾ وڏا وسوسا پيدا ڪري وڌا ھئا.
20 جنوري کان پوئواري ڪندڙ مقامي ماڻھو ۽ مقصود جا ڀائر ان رات چينل واهه تي پھچي مقصود جي ڳولا ڪرائي رھيا ھئا پر ايس ايس پي بدين شاھنوار چاچڙ بروقت ڪوئي نوٽيس نه وٺندي احتجاج ۾ ويٺل معززين ۽ ڳولا ڪندڙ وارثن کان فقط پڇاڻو پئي ڪيو. وڏي ڳالھه ڪنھن کي يقين پڻ نه پئي آيو ته چينل واهه ۾ مقصود ٻڏي فوت ٿيو ھوندو، ڇاڪاڻ ته بدين پوليس ترجمان پاران ٻئي ڏينھن ھڪ پريس رليز جاري ڪئي وئي. ان پريس رليز ۾ لکيو ويو ھو ته ٽنڊو باگو ايس ايڇ او منشيات خلاف زبردست ڪارروائي ڪئي آھي. پوليس جو ڪو ڏوهه نه آھي ۽ مقصود کي پوليس ٻوڙيو ناھي پر مقصود ھڪ سٺو تارو ھو. اھڙي پريس رليز جاري ٿيڻ کانپوءِ مختلف ماڻھو سوچن ۾ پئجي ويا ھئا ۽ سچ پڻ سمجھڻ لڳا ھئا ته واقعي نشيات فروشن خلاف ڪارروائي دوران نورالدين جت کي بچائڻ لاءِ مقامي ماڻھو مقصود جي گمشدگيءَ جو ڊرامو رچائي پوليس کي دٻاءُ ۾ آڻي رھيا آھن. ٻيو ته ٺھيو پوليس جي پريس رليز ۾ اھو به لکيل ھو ته مقصود جي گمشدگي وارين خبرن ۾ ڪا به صداقت ئي ناھي.
پوليس پاران پريس رليز جاري ٿيڻ کانپوءِ گھڻا ماڻھو پوليس تي اعتماد ڪري لاپتا مقصود جو معاملو ڊرامو سمجھڻ لڳا ھئا. اھا ڳالھه ڊي ايس پي محبوب لنڊ پڻ بيان ڪئي ھئي ته مختلف ماڻھن واتان مختلف بيان مليا پئي جنھن جي بنياد تي مجبورن مقصود جي گمشدگيءَ کي اھميت نه ڏني پئي وئي. جيتوڻيڪ 20 جنوريءَ تي ٽنڊوباگو پوليس جي ڪيل تلھار جي حد ۾ غلط ڪارروائيءَ کي به ساراھيو پئي ويو پر ھاڻي سوال اھو ٿو پيدائي ٿئي ته نورالدين جت سان گڏ مقصود ٽالپر جي ھجڻ جي باوجود پوليس جي لاتعلقي ڇو ھئي؟ جتي پوليس ھٿان نورالدين پڪڙيو ويو ھو، اتي مقصود به گڏ ھو. جيڪڏھن هو فرار ٿي ويو ھو ته پوليس نورالدين واري ڪيس ۾ روپوشيءَ ۾ مقصود کي ڇو نه ڄاڻايو ويو. ان مان صاف ظاهر آھي ۽ بقول پڪڙيل نورالدين جت جي ته پوليس کيس پڪڙيو ھو، ان وقت مقصود کي پوليس اھلڪار مارڪٽ ڪري رھيا ھئا. نورالدين جو به اهڙو ئي بيان ھو. پوءِ مقصود جي ٽنڊو باگو پوليس ڳولا ڇو نه ڪئي. ھي هڪ وڏو سانحو آھي ڪو معمولي مسئلو ناھي. ھي ھڪ ڪٽنب جو مسئلو نه بلڪه سماجي ۽ اجتماعي معاملو آھي. انساني زندگين جو سوال آھي ته ڇا ڪٿي اسان جي جان جا محافظ اسان جي نقصان جا به ذميوار ته ناھن. جيڪڏھن آھن ته انھن کي آزاد ڇو ڇڏيو ويو آھي.
گذريل ڏينھن مقصود جو لاش اڪرم واهه مان ھٿ آيو هو. مقصود پنجن ڏينھن کان لاپتا هو سندس لاش اڪرم واهه ۾ لڙھندو رھيو، جنھن کي 24 جنوري 2 وڳي ڏينهن جو ٽيل موري کاڏو ڀرسان اڪرم واهه مان ئي ڪڍيو ويو. مقامي ۽ سرڪاري سطح تي ناڪام ٿي ويل ٽوٻن لاءِ به سوال اُٿي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٽوٻن اڪرم واهه جي مين درن جي آس پاس پئي ڳوليو، مقامي ۽ سرڪاري سطح تي گھرايل ٽوٻن جي به اھا ئي ڳالهھ ھئي ته چينل واهه ۾ مقصود آھي ئي ڪونه پر ھاڻي پنجين ڏينھن پ پ پ ايم پي اي مير الھه بخش جي ورتل ڪوششن کان پوءِ چينل واهه جو پاڻي بند ڪرائڻ کانپوءِ مقصود جو لاش ھٿ ڪيو ويو آھي. لاش کي مقامي ماڻھن جن ۾ چانري واسي خاص ڪري تلھار جي جت برادريءَ جا ماڻھو، جن مقصود جو ڪيس سٺي نموني سان وڙھيو، انھن جي مدد ۽ جدوجھد سان مقصود زندهه ته ناھي مليو پر ان جو بي جان جسم کي سندس ڪٽنب هٿ ڪري ورتو آھي.
يقين نٿو اچي ته مقصود ٽالپر ھاڻي اسان ۾ ناھي رھيو ڇو ته هو کلڻو ملڻو انسان ھو. ٻه ڏينهن اڳ جڏھن ٽيل موري وٽان لاش ھٿ آيو ته اتان جا مقامي ماڻھو ماتم ڪرڻ لڳا. سندس مائٽن کي ماٺ وڪوڙي وئي هئي. ننڍي ڀاءُ عمران آلين اکين سان مقصود جو درد بي پناهه پڙھيو ۽ وڏي ريليءَ سان کڻائي تلھار پھتو، جتي چانري ۽ تلھار واسين مقصود جو لاش ڏٺو ته پنھنجا ڪاروباري مرڪز بروقت بند ڪرڻ لڳا ۽ مقصود جي جنازي پٺيان وڃڻ لڳا. مقصود جو جنازو، ٽيل موري وٽان کنيل مين بدين اسٽاپ تي پھتو، جتي مقصود جو لاش رکي مقامي ماڻھن احتجاج به جاري رکيو ۽ ايس ايس پي بدين کان قاتلن جي ترت گرفتاريءَ جو مطالبو ڪندي مقامي ماڻھو ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا.
ڌرڻي ۾ پ پ ايم پي اي جا پٽ مير عرفان ٽالپر مير عمران اڳوڻو پ پ ايم پي اي امجد صديقي، مرزا گروپ اڳواڻ دلبر سنڌي، ماما نواز جتوئي، اڳوڻو ايس ايڇ او ڌڻي بخش مري احتجاج ۾ پھچي مقصود جي گهرڀاتين سان ڏک ونڍيا ۽ ايس ايس پي بدين کي ٽيليفون تي مطالبن بابت بيان ڪيو، جنھن تي ايس ايس پي بدين متاثرن کي خاطري ڏياريندي ملوث ايس ايڇ او ٽنڊو باگو بشير چانڊيو ۽ 6 پوليس اھلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ اجازت پڻ ڏني.
ان کانپوءِ مقامي ماڻھن ڌرڻو ختم ڪري مقصود جو لاش مين بدين اسٽاپ تان کڻائي تلھار رورل ھيلٿ سينٽر آيا، جتي پوسٽ مارٽم پڻ ڪرايو ويو. پوسٽ مارٽم کانپوءِ مقصود جو مڙهه آخري ديدار لاءِ سندس گھر ۾ آندو ويو، جتي مقصود جا معصوم ٻار ۽ سندس گھرواري زارو زار روئڻ لڳا. جنهن کان پوءِ مقصود ٽالپر کي سوين آلين اکين سان مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو پر ھاڻي ڇا مقصود جا قاتل گرفتار ٿي سگھندا؟ سندس گهرڀاتين کي انصاف ملي سگھندو ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آھي ته ڇا قانون ۾ رڳو عام ماڻھن لاءِ سزائون آهن ۽ انهن لاءِ جيل قائم ڪيا ويا آھن يا ھر ڪنھن لاءِ قانون ھڪجھڙو آھي جيڪڏھن ھڪجھڙو آھي ته پوءِ ڇو اڄ تائين قاتل پوليس آفيسر گرفتاري کان پوءِ پوليس ڊپارٽمنٽ مان بي دخل نٿا ڪيا وڃن، ڇو سزا ۾ فقط جيل نه بلڪه اھڙي پوليس آفيسرن کان پوليس يونيفارم سدائين لاءِ کسي وڃي، جيئن وري عام زندگيون ۽ عام ماڻهو متاثر نه ٿين.
ان ڪري هن ڪيس کان پوءِ اهڙو عرض چيف جسٽس آف پاڪستان کي به ڪجي ٿو ته مقصود ٽالپر واقعي جو اوھان به نوٽيس وٺو. ملوث پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن کي سزا ڏيارڻ سميت انهن جون نوڪريون به ختم ڪري متاثر ماڻھن کي انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪرايو. ڇوته ڏوھي پوليس آفيسر وري ھڪ ٻه سال کان پوءِ ساڳي ٿاڻي تي مقرر ڪيا وڃن ٿا. اھي پوليس آفيسر وري مقامي ماڻهن جي تباھيءَ جو ڪارڻ بڻجن ٿا، جنھن جي روڪٿام لاءِ ڏوھن ۾ ملوث پوليس آفيسرن جو به صفايو ٿيڻ تمام گھڻو ضروري آھي، جيئن وري ڪو ٻيو پوليس آفيسر پنهنجي سرڪاري اختيار ۽ وردي جو غلط استعمال نه ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button