اسلام آبادپاڪستان

فوجداري ڪيسن بابت ترميم منظور،9 مهينن ۾ فيصلو ڪرڻ لازمي هوندو

اسلام آباد : وفاقي ڪابينا فوجداري ڪيسن بابت قانون ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، هاڻي ڪرمنل ڪيسز تي 9 مهينن ۾ فيصلو ڪرڻ لازمي هوندو. پراسيڪيوشن يا جج مان ڪنهن به ڪيس ۾ دير ڪئي ته اُن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ٿاڻي جو ايس ايڇ او ٿيڻ لاءِ بي اي جي ڊگري لازمي قرار ڏني وئي آهي. بي اي کان گهٽ اهليت رکندڙ کي ايس ايڇ او مقرر نه ڪيو ويندو. ڪالهه ڪابينا جي اجلاس بعد سڌ سماءَ جي وفاقي وزير چيو آهي ته ڪرمنل لا ۾ پلي بارگين جي تصور کي به آندو پيو وڃي. پلي بارگين سان کوڙ مسئلا حل ٿي ويندا، پوليس کي به ضمانت جا اختيار ڏنا پيا وڃن، چيڪ ڊس آنر ڪيس ۾ ضمانت لازمي قرار ڏنو ويو آھي. جڏھن تھ وفاقي ڪابينا نئين آدمشماري لاءِ 5 ارب رُپيا رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. هلندڙ ڊسمبر ۾ آدمشماري مڪمل ٿي ويندي، ايندڙ سال جي جنوري مهيني کان تڪبندين جو ڪم شروع ٿي سگهندو. حڪومت طرفان ايندڙ عام چونڊون نئين آدمشماري تحت ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪابينا جي اجلاس ۾ چلگوزي تي 45 سيڪڙو ڊيوٽي هٽائڻ جي به منظوري ڏني وئي، هاڻي چلگوزا به سستا ٿي ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button