پاڪستانسنڌ

خيرپور ۾ پوليس ۽ بااثرن خلاف عورتن جو مظاهرو

خيرپور: خيرپور ڀرسان ڳوٺ ڪيهر جي رهواسي عورتن نسيمان خاتون شيخ، امير زادي، عنايت خاتون شيخ، رابعه خاتون شيخ ۽ نياز حسين عباسي سيشن ڪورٽ ٻاهران مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته بااثر جوابدارن خادم شيخ، خالد حسين، منور علي، ارشاد، شان، راجو، صادق، نظر حسين شيخ ۽ ٻين مهينو اڳ گهرن تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي، جوابدارن عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو، شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري. رابعه خاتون ٻڌايو ته ڪجهه عرصو اڳ جوابدارن مون کي اغوا ڪري منهنجو زبردستي نڪاح نظر حسين شيخ سان ڪرايو هو، جنهن کان مون عدالتي طلاق وٺي نياز حسين عباسي سان ڪراچي جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو، جنهن تان جوابدار جان جا ويري بڻجي ويا آهن. هنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button