پاڪستانسنڌ

ورڪشاپ لڳ گم ٿيل نوجوان بيدردي سان قتل، لاش زمين مان مليو

ورڪشاپ: ورڪشاپ لڳ گم ٿيل نوجوان کي بيدردي سان قتل ڪري لاش دفنايو ويو. رپورٽ موجب منگلي ٿاڻي جي حد چڪ 10 ۾ نوجوان جو زرعي زمين مان لاش مليو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ويو. نوجوان جي چڪ واسي پورهيت 30 ورهين جي شان علي طور سڃاڻپ ٿي. نوجوان جو جسم تيز ڌار اوزار سان مختلف جاين تان ڪٽيل ھو. ان سلسلي ۾ نوجوان جي والد ربنواز پنھيار ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ ڪراچي مزدوري ڪندو هو، 2 ڏينهن اڳ گهر آيو ھو، گذريل رات کان گم هو، صبح اطلاع ملي ته ڳوٺ ڀرسان هڪ تازو لاش زمين ۾ پوريل آهي، ڏٺو ته منهنجو پٽ هو، اسان جي ڪنهن سان ڪابه دشمني ناهي آهي، جاچ ڪري مون سان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button