پاڪستانسنڌ

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ ڪتابي ميلو،مختلف اسٽال لڳايا ويا

سڪرنڊ : شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظيرآباد جي سينٽرل لائبريري پاران 25 جنوري کان 27 جنوري 2022 تائين ٽي ڏهاڙا ڪتابي ميلي جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي ڪيو. ڊپٽي لائبريرين محمد رمضان چنا موجب شاگردن لاءِ هن نمائش ۾ انگريزي ادب جي ماهرن، ڊراما نويسن، شاعرن، انگريزي ٻوليءَ جي استادن ۽ فلاسفرن جي هزارين تخليقن کي نروار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ملڪ جي مختلف ڪتابي پبلشرن اسڪول کان وٺي يونيورسٽي تائين جي ڪورسي ڪتابن جو نماءُ پڻ ڪيو ويو آهي. وائيس چانسلر امانت علي جلباڻي ڪتابي ميلي جي وزٽ دوران چيو ته اڄ انٽرنيٽ واري دور ۾ اسان ڪتابن کان پري ٿي ويا آھيون، ان ڪري پنھنجي علم ۽ تحقيقي عمل کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لا ڪتابن سان ٻيھر دوستيون ڪرڻيون پونديون. نمائش دوران استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي تعداد پاران مختلف اسٽال جا وزٽ ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button