اسلام آبادپاڪستان

شيري رحمان جو ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ تي سينيٽ ۾ بحث ڪرائڻ جو مطالبو

اسلام آباد: پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ سينيٽ ۾بحث ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته هي حڪومت ڪارڪردگي تي نه، چور ڦورو ڪرپشن جي بيانئي تي هلي هئي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو آهي. اوهان ڪرپشن ۾ به سب رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ماضي جي حڪومتن کي ڇڏيو، پنهنجو جواب ڏيو. سينيٽ ۾ سينيٽر شيري رحمان تجارتي خساري ۽ ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته تجارتي خساري سان مهانگائي ۾ اضافو ٿئي ٿو، جولاءِ کان ڊسمبر 2021 تجارتي خساري ۾ 106 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن چيو ته پاڪستان جو تيل ۽ خوراڪ جو امپورٽيڊ بل ۾ جولاءِ کان ڊسمبر 2021 جي عرصي ۾ 73 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اسان کاڌ خوراڪ ڇو امپورٽ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button