اسلام آبادپاڪستان

حڪومت ڪرپشن خلاف سڀني کان وڌيڪ قدم کنيا:عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اسان جي حڪومت ڪرپشن خلاف سڀني کان وڌيڪ قدم کنيا. ڪالهه وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي پاڪستان ۾ ڪرپشن جي حوالي سان جاري ڪيل رپورٽ تي غور ويچار ڪيو ويو. وزير اعظم عمران خان ڪابينا جي ميمبرز کي چيو ته اسان جي حڪومت ڪرپشن خلاف سڀني کان وڌيڪ قدم کنيا، ڪرپشن ڪندڙ ڪيسن کي منهن ڏيڻ بدران ملڪ کان ٻاهر ويٺا آهن. هن چيو ته ڪرپشن ڪندڙ ڪيسن ۾ غير ضروري دير جا بهانا بڻائي رهيا آهن، حڪومت ڪرپشن جا التوا هيٺ ڪيسز جلد اڪلائڻ جي لاءِ عدالتن ۾ پيروي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ اي ايڇ آفيسرز ريزيڊينشيا ۽ پي ايڇ اي اپارٽمنٽس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته مون کي احساس آهي ته مهانگائي جي ڪري پگهاردار طبقو مشڪل ۾ آهي پر هاڻي پگهاردار طبقو به آساني سان گهر خريد ڪري سگهندو. هن چيو ته ڪرائي جي رقم بينڪن ۾ قسط جي صورت ۾ ادا ڪري ڪو به شخص گهر جو مالڪ بڻجي سگهي ٿو، اوهان وٽ گهر ٺاهڻ جي رقم ناهي ته بينڪ کان قرض وٺي سگهو ٿا. وزير اعظم چيو ته عام ماڻهوءَ کي قرض جي فراهمي جي لاءِ بينڪ اسٽاف تربيت يافتا نه هو پر هاڻي بينڪ عملو سمورن ماڻهن سان سٺو رويو رکي ٿو، پاڪستان ۾ عام ماڻهو جي لاءِ گهر خريد ڪرڻ جو ڪو به طريقو لاڳو نه هو پر هاڻي ائين نه ٿيندو. سندس چوڻ هو ته فورڪلوزر لا پاس ڪرڻ ۾ اڍائي سالن جو وقت لڳو، پاڪستان ۾ گهرن جي تمام گهڻي کوٽ آهي، ان ڪري اسان هائوسنگ انڊسٽري تي ڌيان ڏنو، ڇو ته هائوسنگ انڊسٽري ملڪي معيشت کي بيهاري ڇڏيندي آهي، ان صنعت سان 30 انڊسٽريون واڳيل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button