ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٽرانسپيرنسي رپورٽ، حڪومت لاءِ آئينو

Editorial

پي ٽي آءِ احتساب ۽ ملڪ کي ڪرپشن فري ڪرڻ جو نعرو هڻي اقتدار ۾ آئي هئي پر گذريل ساڍن ٽن سالن کان نه رڳو هاڻوڪي حڪومت جي انتظامڪاري بدترين رهي آهي پر نه ته هو ڪرپشن ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي احتساب جو عمل پورو ٿي سگهيو آهي. بلڪه هاڻوڪي حڪومت ته نيب قانونن ۾ ترميمون به پنهنجن ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪيون آهن. ملڪي تاريخ ۾ هن کان وڌيڪ نا اهل حڪومت عوام ڪڏهن ڪونه ڏٺي آهي. جنهن ۾ حڪومت جا وزير مشير پنهنجي نا اهليءَ جو دفاع ڪندي نظر اچن ٿا. هن وقت جڏهن ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي ملڪ ۾ ڪرپشن جي حوالي سان رپورٽ آئي آهي ته ان مان ظاهر ٿي ويو آهي ته پي ٽي آءِ جو دور سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن وارو دور آهي. ڇاڪاڻ ته ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان دنيا جي 149هين نمبر تي اچي ويو آهي. هي رپورٽ اهو ظاهر ڪري رهي آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ هر شعبي ۾ ڪرپشن وڌي وئي آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪي ماضي ۾ حڪومتون هيون، اهي گهٽ ڪرپٽ هيون پر پي ٽي آءِ انهن سڀني کي مات ڏئي وئي آهي.
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو آهي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل 180 ملڪن جو ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب پاڪستان ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ 16 درجا مٿي چڙهي ويو آهي ۽ ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ دنيا ۾ 140 هين نمبر تي اچي ويو آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2020ع ۾ پاڪستان دنيا ۾ 124هين نمبر تي هو ۽ 2020ع ۾ ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان جو اسڪور گذريل سال 31 هو جڏهن ته 2021ع ۾ پاڪستان جو ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس اسڪور 28 هو، ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان جي اسڪور ۾ 3 پوائنٽس ڪمي ٿي آهي، انڊيڪس جو اسڪور گهٽ ٿيڻ ڪرپشن ۾ واڌ جي نشاندهي ڪري ٿو. ٻئي طرف پلڊاٽ جي سربراهه جو چوڻ آهي ته حڪومت کي جواب ڏيڻو پوندو ته حالتون بهتر ڇو نه ٿيون ٿين، ڪرپشن خلاف پي ٽي آءِ حڪومت بيانيو کڻي آئي هئي، رينڪنگ ۾ اسڪور مٿي وڃڻ جو مقصد ڪرپشن ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي، 2010ع کان 2017ع تائين رينڪنگ ۾ اضافو ٿيو آهي. پيپلز پارٽي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي پي ٽي آءِ سرڪار خلاف چارج شيٽ قرار ڏئي ڇڏيو آھي. پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ڪرپشن ۾ پاڪستان جو 16 درجا مٿي وڃڻ سان حڪومت جو بيانيو وائکو ٿيو آهي. ڪرپشن جَي خاتمي جِي دعويدار حڪومت ڪرپشن ۾ 16 ملڪن کان اڳتي نڪري وئي، شهزاد اڪبر جي استعيفيٰ اِن ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪرپشن گهٽجڻ بدران وڌي آهي، عالمي ادارا حڪومت جي ڪرپشن تان پردو کڻن ٿا. هن رپورٽ جي حوالي سان پي ٽي آءِ حڪومت يا ان جا وزير ڪهڙيون به وضاحتون ڏين پر سچ پڌري پٽ پيو آهي. جنهن کي ڪنهن به ريت لڪائي نٿو سگهجي. هاڻ جيڪڏهن پي ٽي آءِ اها دعويٰ ڪري ٿي ته سندس حڪومت ۾ چور ڪونه ويٺل آهن ۽ هي صادق ۽ امين ماڻهن جي حڪومت آهي ته اها هڪ ڪوڙي دعويٰ هوندي. جنهن کي هر ماڻهو رد ڪندو رهندو. تنهنڪري عمران خان کي به اهو قبول ڪرڻو پوندو ته هو نه ته ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي احتساب اهڙي ريت ٿي سگهيو آهي، جنهن لاءِ هن عوام سان وعدو ڪيو هو.
اسين سمجهون ٿا ته ٽرانسپيرنسيءَ جي هاڻوڪي پڌري ڪيل رپورٽ عمران حڪومت لاءِ هڪ آرسي آهي، جنهن ۾ حڪومت پنهنجو چهرو ڏسي سگهي ٿي. تنهنڪري حڪومت هاڻ اهڙيون ڪي به دعوائون نه ڪري جن کي پورو ڪرڻ سندس وس ۾ نه هجي. نوي ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ عمران خان لاءِ نوي سالن ۾ به ڪرپشن ختم ڪرڻ ممڪن ڪونهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button