پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ بااثرن ۽ پوليس خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

سرهاڙي: سرھاڙي لڳ ڳوٺ حاجي خدابخش کوسو جي ڳوٺاڻن بااثر ۽ سرھاڙي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف عورتن ۽ ٻارن سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن غلام قادر کوسو، عباس کوسو، غلام حيدر کوسو ۽ ٻين چيو ته بااثر محمد عرس کوسو، الهبخش کوسو، نظام کوسو ۽ ٻيا اسان جي گهرن تي ڪاهھ ڪري هٿيارن سان اسان مٿان تشدد ڪري فرار ٿي ويا، جوابدار زمين تي زبردستي قبضو ڪرڻ ٿا چاهين، اسان کي لڏڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا، سرهاڙي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي، وڏي منشي عبدالخالق ملاح موبائيل ۾ ڊيزل نه هجڻ ڪري پئٔسا ورتا، هاڻ پوليس بااثرن جي ونگار وهي رهي آهي. هنن ڊي آ جي شهيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي سانگهڙ کان مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button