پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ ويجهيار ڊئم جا متاثر به روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻا

اسلام ڪوٽ: ٿرڪول جي ڊئمن خلاف اسلام ڪوٽ پريس ڪلب اڳيان مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاج جو سلسلو جاري رکيو. گذريل ڏينهن گوڙاڻي ڊئم جي رهواسين عارب حجام، غلام حيدر، ابراهيم، سنگهار حجام ۽ ڌُڪڙڇو ڊئم جي رهواسين جادين لنجو، چيتن ڀيل، ميوو، خان لنجو، نالي چڱو، موهن ميگهواڙ ۽ ٻين ٿر سماجي تحريڪ جي اڳواڻ امير حسن راهمون جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته گوڙاڻو ۽ ڌُڪڙڇو ڊئم ٺاهي اسان کي لڏائڻ جي پلاننگ جوڙي وئي آهي، اسان جي سروي زمينن ۽ گئوچر تي قبضا ڪيا ويا آهن، لنگھه رستا بند ڪري بي گهر ڪيو پيو وڃي،اسان پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون، پر ڪير به دانهن نه ٿو ٻڌي، ڪمپنيون چون ٿيون ته اسان جو ڊئمن سان ڪو واسطو ناهي، سنڌ حڪومت دانهن نه ٿي ٻڌي. اينگرو ڪمپني پنهنجا مقصد حاصل ڪري هاڻي تماشو ڏسي رهي آهي، ضلعي انتظاميا غائب آهي، اسان اڄ کان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري لڳاتار احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا. ٻئي طرف اسلام ڪوٽ ڀرسان ٿرڪول تائين مٺو پاڻي پهچائڻ لا ٺاهيل ويجهيار ڊئم جي مختلف ڳوٺن سراج سنگراسي، ڀوڄاسر، ويجهيار، ملوڪ مهر، پيراڻي جي ڍاڻي، مهتار، مگهو ڀيل، ٻانڀڻو ڀيل ۽ کارو جاني جي رهواسين عبدالهادي سومرو، ڄام لنجو، ستار چوهاڻ، عبداللطيف مهر، گلڻ سنگراسي، محمد قاضي ڏهوٽ ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن دانهيندي چيو ته ويجهيار ڊئم 2014ع ۾ ٺهيو، اُن وقت ڊئم کان ٿرڪول تائين پائيپ لائين وڇائي وئي، جنهن ۾ 450 ايڪڙ کان وڌيڪ سروي نمبر قبضي هيٺ آئي، زمينن مان ڪجھه ماڻهن کي پئسا مليا، باقي ڪنهن کي ٽڪو به ناهي مليو، اسان دربدر ٿي ويا آهيون، هاڻ وري ويجهيار ڊئم جو ٺيڪو من پسند ٺيڪيدار کي ڏنو ويو آهي، جيڪو اُتي لڳل مقامي مزدورن کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته هتان هليا وڃون، نه ته چوري جو ڪيس داخل ڪرائيندس، ڊئم سبب نقصان اسان جو ٿيو آهي، زمينون به اسان جون ويون، وري روزگار به اسان کي ڏيڻ بدران روزگار کسيو پيو وڃي، اينگرو ڪمپني ڊئم کي نوگو ايريا بڻائي ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي زمينن جو رهيل معاوضو ڏئي مقامي ماڻهن کي روزگار تي لڳايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button