ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لطيف، نرگسيت ۽ نماڻپ-I

Editorial-Article- Parwaiz Solangi

جڏهن سُتِيُون جي، پَٿَرِ پير ڊگھا ڪري
تَڏهن تِنين کي، ساٿ سُتيئي ڇَڏِيو.
تحليل نفسيءَ جي علاج جي دوران فرائيڊ جو واسطو اهڙن مريضن سان پيو جيڪي هن جي سوالن جو سڌو جواب نه ڏئي سگھندا هئا ۽ بلڪل چُپ رهندا هئا. جيڪڏهن هنن وٽ ڪجهھ ڳالھائڻ لاءِ هوندو هو ته اها صرف هنن جي پنهنجي “ذات” هوندي هئي. فرائيڊ جي صوفي تي ليٽي هنن وٽ پنهنجو پاڻ کان علاوه ڳالھائڻ لاءِ ٻيو ڪجھه نه هوندو هو. اهڙي ذهني بيماري کي واضح ڪرڻ لاءِ فرائيڊ يوناني ڪردار نارسس جي ڏندڪٿا کي مريضن جي اهڙين ذهني حالتن جي وضاحت لاءِ پيش ڪيو. اهڙا فرد جيڪي پنهنجي پاڻ ۾ يا پنهنجي انا ۾ ايترو گم هجن جو ڍنگ سان خارجي دنيا سان تعلق جوڙي نه سگھن ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪائنات جو مرڪز سمجھن اهڙن فردن کي فرائيڊ “نرگسيت جو مريض” سڏيو هو.
تاريخ جي مختلف دورن ۾ مختلف فرد يا قومون نرگسيت جو شڪار رهيون آهن يا ايئن به چئي سگھجي ٿو ته هيءَ اُها بيماري آهي جنهن جو ٿورو يا گھڻو شڪار اسان سڀ هوندا آهيون. هيءَ اهڙي بيماري آهي جنهن جي مريض بابت چيو ويندو آهي ته هو پاڻ کان بھتر ٻئي ڪنهن کي ناهي سمجھندو. هي ذهني رويو انسان جي ذات تي جھالت جي اهڙي ڇاپ هڻي ڇڏيندو آهي جو فرد جھالت جي مٺي ننڊ جي لذت مان جاڳڻ پسند ناهي ڪندو. سبب نرگسيت هجي يا ڪجھه ٻيو انسان پنهنجي انا جي بُت کي وڏو ڪري ڇڏيندو آهي. هن کي ايئن لڳندو آهي ته هن جو وجود ڏاڍو اهم ۽ مرڪزي آهي.
چيو وڃي ٿو ته انسانن جي اهڙي نرگسيت جي ننڊ کي پھريون هٿوڙو گليليو (1564- 1642) هنيو هو، جڏهن ماڻهو زمين کي ڪائنات جو مرڪز سمجھندا هئا. گليلي جو اهو چوڻ ته زمين ڪائنات جو مرڪز ناهي الائي ڪيترن ماڻهن جي پيرن مان زمين ڪڍرائي ڇڏي هئي. ڪليسا تمام مضبوط ۽ طاقتور هجڻ جي باوجود پنهنجي وجود کي لڏندي محسوس ڪيو هو. گليليو کي اهڙي ملحد ۽ شيطاني سوچ رکڻ جي پاداش ۾ نظر بند ڪيو ويو. وقت گذريو ۽ ثابت ٿيو ته واقعي زمين ڪائنات جو مرڪز ناهي ۽ 1997 ۾ انگلينڊ جي چرچ گليليو جي روح کان معافي ورتي ۽ اهو مڃيو ته ڪليسا هن کي ايذائڻ ۾ غلط هو.
انسان کي ٻيو وڏو ڌچڪو ڊارون (1809-1882) جي ارتقا جي نظريي ڏنو. هن کان پھرين انسان پاڻ کي اشرف المخلوقات سمجھندو هو. ڊارون انھن کي ٻڌايو ته اهي ڀولڙن جا سوٽ آهن ته ساڳي جٺ هنن ڊارون سان به ڪئي پر ڊارون جي دور ۾ ڪليسا ايترو مضبوط نه هو جو هن کي برونو يا گليليو وانگر سزا ڏين ها. پر ها! جنوني عيسائين هن جي زندگي حرام ڪري ڇڏي هئي ۽ هن کي پنهنجي ڪتاب “نسلن جو بڻ بڻياد” کي ڇپائڻ ۾ 25 سال لڳي ويا. بعد ۾ انگلستان جي ڪليسا کي ڳالهھ سمجهھ ۾ آئي ۽ هنن ڊارون جي روح کان 2008 ۾ معافي ورتي.
ٽيون ڌچڪو سگمنڊ فرائيڊ (1886- 1939) هنيو، جنهن ماڻهن کي ٻڌايو ته توهان جيڪو پاڻ کي سڃاڻيندا اهو توهان اصل ۾ اهي ناهيو هوندا. تحليل نفسي، ريتن رسمن، خوابن ۽ جنسيت تي هن جون تحريرون ڇرڪائيندڙ رهيون، جن جي ڪري 20 صدي جي سموري اخلاقيات سوال جي نشاني جي هيٺ اچي وئي. پوءِ ڇا ٿيو؟ هٽلر آيو ۽ 1933 ۾ فرائيڊ جا ڪتاب نعرن ۽ گولين سان ساڙيا ويا. فرائيڊ کي خبر پئي ته خوش ٿيو ۽ چيائين “چڱو ٿيو! تھذيب ايتري ترقي ڪئي آهي جو پھرين ماڻهو ساڙيندا هئا هاڻي رڳو ڪتاب ٿا ساڙن.” پر چڱو اهو به ٿيو جو فرائيڊ 1939 ۾ مري ويو نه ته هٽلر جي ٺاهيل گئس چئمبر ۾ زنده ساڙي ماريل يهودين بابت ٻڌي ها ته خبر پئجي وڃيس ها ته تھذيب جي جديد ٿيڻ سان وحشيت به ايتري جديد ٿي وئي آهي.
انساني ذهن کي چوٿون ڌڪ مارڪس معاشيات ۾ هنيو. پر اسان ڪيترن ڌڪن تي ڳالھايون؟ اهڙا ڌڪ مختلف علمن مان لڳندا رهن ٿا پر سوال هي آهي ته کوڙ سارن ڌڪن لڳڻ کانپوءِ ڇا انسان پنهنجي انفرادي يا اجتماعي نرگسيت مان جان ڇڏائي متوازن ۽ موزون انسان ٿيو آهي؟ جنهن انسانپڻي جي دعوى دنيا جي ڏاهن ۽ مفڪرن ڪئي ڇا اها کيس حاصل ٿي چڪي؟ ڇا انسان ڄاڻي ٿو ته ڪائنات ۾ زمين جي گولي تي هن جي حيثيت هي آهي ته هڪ شھاب ثاقب هنن جي صدين کان گڏ ڪيل علم، دولت، طاقت، غرور ۽ وڏائيءَ کي سيڪندن ۾ تھس نھس ڪري سگھي ٿو؟ ڇا انسان جيڪو پنهنجي ھوس ۽ لالچ ۾ گھڻي کان گھڻو گڏ ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي هن کي اهو احساس آهي ته جديد علم ۽ دولت جي وڌڻ سان هو وڌيڪ نرگيست ۽ مختلف فنٽسيز جو شڪار ٿي چڪو آهي؟ جديد دور جي فردن جون انائون انهن جي قدن کان وڏيون ٿي ويون آهن. ڇا سبب آهي جو انسان ۾ اڃا نماڻپ ۽ انڪساري پيدا نه ٿي آهي؟ هي اهڙا سوال آهن جنهن جو جواب ڳولڻ هر فرد جو فرض آهي.
نرگسيت واري سوال کي هراري پنهنجي ڪتاب “21 صديءَ جي 21 مسئلن” ۾ کنيو آهي. هن لکيو آهي ته کوڙ سارا ماڻهو پاڻ کي ڪائنات جو مرڪز سمجھن ٿا. جيئن يوناني سمجھندا هئا ته تاريخ شروع ئي هنن سان ٿي هئي. دنيا کي عظيم خيال ۽ تصور ڏيندڙ هومر، سافڪليز، ۽ افلاطون آهن. ساڳي ڳالهھ چين وارا به ڪن ٿا ته تاريخ ييلو شھنشاھه ۽ شينگ حاڪميت کان شروع ٿي آهي جيڪو ڪجھه يورپ ۽ مسلم دنيا ۾ آهي اهو چينن جي هجڻ جي ڪري آهي. هندوستان جا هندو سمجھندا آهن ته آنسٽائن ۽ رائيٽ ڀائرن کان پھرين جھاز، راڪيٽ ۽ بم هندن جي ڏاهن ٺاهيا آهن. اهڙيءَ طرح عيسائي هجن، يهودي هجن يا مسلمان، ايراني يا ترڪ هجن هر ڪنهن قوم وٽ پنهنجي اعلى ۽ ٻين قومن جي ادنى هجڻ تي يقين آهي. اهي سڀ چونڊيل قومون آهن. اهڙيءَ سوچ جي سبب انهن جي دل و دماغ ۾ھٺ ڌرمي، اناپرستي ۽ نرگسيت گھر ڪري چڪيون آهن.
دنيا ۾ ييوا نوح هراري جا ڪتاب شوق سان پڙهجي رهيا آهن جنهن ۾ هو ايندڙ سئو سالن ۾ انسان ذهني طور ارتقا ڪري ڇا ڪرڻ جي لائق آهي تي لکي ٿو. هن پنهنجي ڪتاب “هومو ڊيوس” ۾ لکيو آهي ته ڪنهن ووڊي ايلن کان پڇيو ته “توهان پنهنجي شاندار ڪم سبب هميشه سان زنده رهندا. ماڻهو توهان کي سڃاڻيندا.” هن جواب ڏنو “منهنجي مرڻ کانپوءِ منهنجي اهميت ڇا رهندي ان جو پتو پوڻو نه آهي. اصل ڳالهھ ته هي آهي ته مان واقعي هميشه لاءِ زنده رهان.”
جنت هڪ حساب سان انسان جي هميشه جيئري رهڻ جي خواهش جي عڪاسي آهي پر ڪي سائنسدان اهڙا آهن جيڪي موت کي جسم جي ٻين بيمارين وانگر هڪ بيماري سمجھن ٿا ۽ جنهن جو علاج مستقبل ۾ ممڪن هوندو. اهي ڪوشان آهن ته هڪ ڏينهن انسانن کي موت جو علاج ڳولي ڏبو ۽ جنهن کانپوءِ انسان موت کان آجو ٿي ويندو. تصور ڪيو جي انسان موت مان جان ڇڏائي ويو ته مختلف ڌرمن، متن ۽ مسلڪن جي مقرره بنيادي نڪتن جي عملي صورتحال ڪھڙي بيهندي؟ ڇا اهي سڀ بي معنى بڻجي ويندا؟ ڇا انسان سائنس جي مدد سان واقعي موت کي پنهنجي ضابطي ۾ آڻي سگھندو؟ جي ايئن ٿيو ته ڇا اسان ۾ نھٺائي ۽ نماڻپ پيدا ٿيندي يا انسان پھرين کان وڌيڪ هٺ ۽ غرور ۾ اچي ويندو؟ هي اهو سوال آهي جيڪو مستقبل بعيد سان گڏ اڄ جي دور ۾ به ايترو ئي اهم آهي. انسان جي نرگسيت کي ايترن هٿوڙن لڳڻ کانپوءِ به اڄ جو انسان ڏينهون ڏينهن وڌيڪ اناپرست ۽ هوڏي ڇو ٿي رهيو آهي؟ هو مايوسي ۽ ڊپريشن سان ڀريل زندگي ڇو گذاري رهيو آهي؟ ڇو ذاتي ۽ انفرادي مسئلن مان انسان آزاد نه ٿي سگھيو آهي؟ ڇو انسان جو انسانپڻو يا ماڻھپو گم ٿيندي نظر اچي پيو؟ هٺ، وڏائي ۽ هوڏ فردن مان ختم ڇو نٿا ٿين؟
هي اھڙا سوال آهن جن جو عملي حل ڪٿي به نظر نه پيو اچي پر تڏهن به فڪري طور تي مختلف دور جي ڏاهن ماڻهن انهن جا حل ضرور ٻڌايا آهن. جن ۾ مرشد لطيف ڄڻ ته سرفھرست آهي. لطيف سائينءَ جي فڪر جو مرڪزي نقطو فرد کي “انسان” ڪرڻ جو ئي آهي. نرگسيت، هوڏ، انا پرستي جيئن ته انسان جي ذات جو حصو آهن تنهنڪري مرشد لطيف سھڻي، ليلان، سسئي ۽ مومل جي داستانن ۾ اهو سيکاريو آهي ته انسان پنهنجي ذات کي ڪيئن اڀاري ۽ بھتر ڪري اجتماعي نرگسيت نه به سهي پر انفرادي نرگسيت مان آجپو حاصل ڪري سگھي ٿو. پر افسوس جو اهڙا موثر فڪري حل موجود هوندي به اسان ڏسون ٿا ته ڪيترائي انسان دنيا ۾ اچي پنهنجي اندر جي بيمارين سان وڙهڻ کان سواءِ جي رهيا آهن. انهن جا ڏينهن ۽ راتيون ڪنهن مقصد کان سواءِ رائيگان گذري رهيا آهن. انسان خود فريبيءَ جو شڪار بڻجي چڪو آهي ۽ خود شناسيءَ جي عمل مان پاڻ کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو اٿائين.
آئون نه گڏي پرينءَ کي، ٿورا ڏينهن ٿيا
راتين روزَ ويا، عَبَثُ آري ڄامَ ري!
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button