خود شناسي يا پاڻ سڃاڻڻ (know thyself) بابت اسان هندستان ۽ يونان جي فلسفين کان وٺي اڄ جي دور جي اديبن ۽ صوفين وٽان هي ڳالھه روز ٻڌندا آهيون. هر ڪو ايئن چوندو آهي “پاڻ سڃاڻو ۽ خود فريبيءَ مان نڪرو.” ننڍي هوندي کان وٺي پاڻ سڃاڻڻ جو ڊائيلاگ ٻُڌي ٻُڌي ڪَن پَچي پيا آهن پر تنهن هوندي به پاڻ سڃاڻڻ واري عمل طرف اسان جو ڌيان نه ٿو وڃي. اسان کٽل، اڻ مڪمل، خالي هئڻ جي باوجود پاڻ کي مڪمل، سچ جا ڄاڻو ۽ ڀَريل محسوس ڪريون ٿا تنهنڪري فرائيڊ جي نرگسيت جي مريضن وانگر پاڻ سڃاڻڻ واري ڳالھه تي ڪن نه ٿا ڌريون. اندران خالي، کوکلا ۽ کٽل هجڻ جي باوجود جيڪڏهن اسان وٽ ڪجھه ڳالھائڻ لاءِ آهي ته اها فقط پنهنجي ذات جي تعريف ۽ ٻين جي گلا آھي جن تي اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالھائي وينداسين پر علم، شعور، ۽ ڄاڻ جي تصورن تي ڳالھائڻ لاءِ اٽي ۾ لوڻ کان گھٽ فرد هوندا جيڪي پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جي سعي ۾ هوندا باقي ته ڪل پيران دا خير لڳو پيو آهي.
ايئن ڇو آهي جو اسان پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ واري عمل جي نفي ۾ جيئندا آهيون؟ ان جو هڪ جواب هي آهي ته سماج، ٻولي، ثقافت، عقيدا ۽ زندگي جا تجربا جيڪي اسان ننڍي هوندي کان ڪيا هوندا آهن اهي اسان جي ذات تي پنهنجا اڻ مٽ نشان ۽ اثر ڇڏيندا آهن. جيڪو فرد انهن جي اثرن هيٺ جيئندو شايد هن کي “پاڻ سڃاڻڻ” وارو سوال تنگ ئي نه ڪري. تنهنڪري مرشد لطيف ماڻھن کي “پاڻ سڃاڻڻ” کان اڳ “پاڻ کي وڃائڻ” جي صلاح هڻي ٿو. تصوف جي دنيا ۾ پاڻ سڃاڻڻ ٻيو مرحلو آهي پھريون مرحلو پاڻ وڃائڻ جو آهي. جيڪي پنهنجو پاڻ کي وڃائي نه سگھن اهي پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ڪيئن سگھندا؟ تنهنڪري تصوف جي فڪر ۾ ان کي “مرڻ کان اڳ مرڻ” (die before you die) چيو ويندو آهي. مرڻ کان پھرين مرڻ جو سادو مثال هي آهي ته جھڙي به سماج ۾ اوهان جي رهيا اهو ۽ جيڪا ذات اوهان ٺاهي آهي ان ذات کي ڊاهڻ کي مرڻ کان پھرين مرڻ چئبو آهي. توهان ڪيترا امير، ڪبير، ۽ طاقتور ڇو نه هجو جيستائين پنهنجي ڪوڙي ذات ۽ انا ڊاهي پٽ نه ٿا ڪريو توهان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي نه سگھندا. توهان جي جيڪا به سڃاڻپ آهي، توهان جي ٻولي، توهان جو نالو، توهان جو عقيدو توهان جي مٿان ٿاڦيل وزنَ آهن. مرڻ کان پھرين مرڻ ان کي چئبو آهي ته پنهنجي ذات کي انهن ٺپن کان پاڪ ڪيو جن کي توهان پنهنجي مرضي سان چونڊيو ئي نه هوندو آهي. جڏهن توهان پنهنجي ڪوڙي شناخت ماري ختم ڪئي ان کان پوءِ پاڻ سڃاڻڻ جو عمل شروع ٿيندو آهي. مرشد لطيف سر معذوريءَ ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي.
مري، جِيُ ته ماڻئين، جانب جو جمال
ٿئين هوند حلال، جي پَندِ اهائي پارئين
يا
پر ۾ پچي پرينءَ کي مرين نه ڄاتوءِ
مُوتو، منڌ! نه سوءِ، ڪنڌ ڪڄاڙيان ڪاٽئين؟
هاڻي سوال هي آهي ته مرڻ کان اڳ ڪيئن مرجي؟ سچ ته هيءُ آهي ته دنيا، سماج، ۽ ماڻهن جا منافقت تي ٻڌل رويا اوهان تي ڏک جي حالت طاري ڪري اوھان کي پنهنجيءَ ذات ۾ وڃڻ تي مجبور ته ڪندا آهن پر ان جو ردعمل اسان مثبت ڏئي نه سگھندا آهيون. تنهنڪري مرشد لطيف وٽ گھڻن رستن مان هڪ رستو پاڻ کي مرڻ کان اڳ مارڻ جو عشق ڪرڻ آهي. مرشد جو عشق کي ڳائڻ جو هڪ سبب هيءُ آهي ته عشق ماڻهو کي پنهنجي ڪوڙي ذات کان انڪار ڪرڻ جي سگھه ڏيندو آهي. عشق ئي اها قوت آهي جيڪا اسان کي پنهنجي ذات کان ٻاهر ڪڍي ايندي آهي عشق ۾ ماڻهوءَ پنهنجي انا کي پاسي ڪري محبوب جي ڳالھه کي اڳيان رکندو آهي. (پر پاڻ وٽ عشق فلمن ۽ ڊرامن مان سکبو آهي تنهنڪري عشق ۾ انا گھٽ ناهي ٿيندي الٽو وڌي ويندي آهي. عاشق ۽ محبوب جيستائين هڪ ٻئي جا جاني دشمن نه ٿين تيستائين هڪ ٻئي جي جان ناهن ڇڏيندا) نوري ڄام تماچي ۾ اسان کي اهو سکڻ لاءِ ملي ٿو ته ڪيئن وقت جو بادشاهھ پنهنجي وڏائي، ٺٺ ٺانگر، ۽ نالي کي پاسي تي رکي رعايا جي غريب مھاڻي نوريءَ سان شادي ڪري ٿو ۽ پوءِ عشق ڇا ٿو ڪري جو وقت جو بادشاھه ڄارو ڪلھي تي رکي مڇي ماري ٿو. عشق جي هڪ ڌڪ بادشاھه هجڻ جي سريلائپ، معتبرائپ، رعب، دٻدٻو ۽ لئي سڀني کي اڇلائي ڦٽو ڪري وڌو.
ڪو جو ڪامَڻُ مي، آهي اکڙين ۾
تَنُ تماچي ڄام جو، ناڀُون پايو ني
عشق ائن ڪري، جِئن ڄارو ڄامَ ڪُلھي ڪيو.
عشق پنهنجيءَ ذات جي نرگسيت، انا ۽ هوڏ کي مارڻ جو هڪ رستو آهي. عشق ۾ فرد پاڻ کي محبوب جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي. هن جي پنهنجي مرضي، هن جي پنهنجي ذات غير اھم بڻجي ويندي آهي. جڏهن اهو سڀ ڪجھه ڪرڻ جي باوجود محبوب وڇڙي وڃي يا بي وفائي ڪري وڃي ته فرد جي ذات ڊھي ويندي آهي ۽ عشق جا ٻه ممڪنا نتيجا نڪرندا آهن. يا ته فرد پنهنجي ان پرزا ٿيل ذات کي جوڙي نوڙت، صبر، رحم، ٻاجھه، ۽ در گذر جي خاصيتن سان وڌائي پاڻ کي ماڻھپي وارو انسان ٺاھي يا پوءِ عشق جي ناڪاميءَ کي انا جو مسئلو بڻائي پھرين کان وڌيڪ اناپرست، خودغرض، بي صبرو، هوڏي ۽ بي رحم بڻجي پاڻ کي بدفضيلتو بڻائي ڇڏي.
نمي، کمي نھار تون، ڏمر وڏو ڏک
منجھان صبر سک، جي سنوارئا! سکي.
لطيف سرڪار چئي ٿو ته نوڙت ۽ صبر مان زندگي جا اصول سک ڇو جو ڪاوڙ پاڻ ۾ وڏو ڏک آهي ۽ نھٺائيءَ جي زندگي سکڻي اٿئي ته صبر مان سک. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ انسان نه پاڻ سان پيار ڪرڻ جي قابل بڻجندو آهي نه ٻين سان پيار ڪري سگھندو آهي.
عشق کي اتي ئي رکي پاڻ ان تي سوچون ٿا ته ماڻهو تڪبر ۽ انا جي ور ڇو چڙهندو آهي. ان جا مختلف جواب ٿي سگھن ٿا پر هڪ جواب طبقاتي آهي. ماڻهو پنهنجي طبقي يا سماجي رتبي جي حساب سان پنهنجو پاڻ کي معتبر، سريلو ۽ اهم فرد سمجھن ٿا جيئن وڏيرا، ڪامورا، واپاري وغيره يا توهان ڪيترا دولتمند ۽ طاقتور آهيو ان جي حساب سان اوهان جي نفسيات جڙندي آهي. ٻيو دلائي لاما جو خيال آهي ته “جيڪو فرد پاڻ کي خاص سمجھندو آهي هن ۾ معتبرائپ ۽ آڪڙ اچي ويندي آهي.” ۽ مان سمجھان ٿو ته فرد پوءِ ڪھڙي به طبقي جو هجي هو اناپرست ۽ خودپرست بڻجي وڃي ٿو. دلائي لاما اهو به چئي ٿو اسان مان ڪير به بچيل نه آهي جنهن ۾ هٺ ۽ خودغرضي نه هجي ۽ گھڻي ڀاڱي غرور يا هٺ جي بيماري ان جي ڪري به ايندي آهي جو اسان پاڻ کي ٻين کان گھٽ سمجھندا آهيون. مطلب ته اسان جون پنھنجون عدم سلامتيون (insecurities) اسان ۾ هٺ پيدا ڪري وجھنديون آهن. ايئن لڳندو آهي ڪير به اسان جي سريلائپ ۽ معتبرائپ اسان کان کسي وٺندو. مان اهڙين ڪجھه عدم سلامتين جو مثال شوشانت سنگھه جي خودڪشي تي ڏيندس. ميڊيا ۾ هي ڳالهھ هلي پئي ته بالي ووڊ تي جن خاندانن جو اثر آهي اهي نَون ٽيلنٽ کي اڀرڻ ۾ رڪاوٽ آهن. اهي خاندان، ايتري دولت ۽ ايتري مشھوري هئڻ باوجود به ايترا ڊنل ڇو آهن؟ هڪ ممڪنا جواب هي به آهي ته اهي خاندان ڊڄن ٿا ته هنن جو نالو، پئسو ۽ مشھوري ڪير ٻاھران ايندڙ نئون اداڪار کسي نه وڃي. هاڻي جيڪو به پاڻ کي معتبر ۽ سريلو سمجھندو ته پاڻ سان گڏ اھڙا وسوسا يا عدم سلامتيون کڻي جيئندو. توهان کي خبر هوندي ته پنهنجي سماج ۾ به ايئن ئي ٿيندو آهي. توهان جيڪڏهن ذهين، هوشيار ۽ محنتي آهيو، ڪھڙي به اداري ۾ ڪم ڪيو، چند سينئر اوهان جي تعريف ڪندا اوهان جي محنت تي خوش ٿيندا. باقي جيڪا اڪثريت هوندي آهي اها هي سوچيندي ته هي همراھه اسان کان اسان جو ڪجهھ نه ڪجهھ کسي ويندو. هنن جواني ۾ پنهنجي فيلڊ ۾ جيڪو نالو ڪمايو هي نوجوان اهو کسي وجھندو. کسجي وڃڻ جو اهو ڊپ سينئر کي خوفزده رکندو آهي. انسان کي ڀلا هرڀرو منهنجي مٿي تي اهڙيون شيون رکڻيون ڇو ٿيو پون جن جي کسجي وڃڻ جو ڊپ هوندو اٿن؟ تڏهن مرشد لطيف هڪ سبق پاڻ سان ڪجهھ نه کڻڻ جو ڏنو آهي.
نِڪرُ ناهھِ ڪُلھي ڪري، هُوندَن جِئن مَ هو،
توکي ِويَس وڃائيو، ويسَ وِڃايو تو،
سامي آهي سو، جنهن پاڻُ وڃائي پوءِ ڪيو.
ڪيڏي ڳري ۽ گھري سِٽ آهي هيءَ، مرشد لطيف جي ته،
“تو کي ويس وڃايو”
يعني ٻاھرين ڏيک، معتبرائپ، طاقت، دولت، شھرت توکي وڃائي ڇڏيو آهي. قيمتي ڪپڙا پائي پاڻ کي هوا ۾ هلندي محسوس ڪندڙن لاءِ لطيف چيو ته اھڙا ويس اوهان جي ذات جو ڪارو منهن ڪري ڇڏين ٿا. ويس مان مراد اهو ڪجھه جنهن سبب توهان پاڻ کي ٻين کان خاص ۽ الڳ محسوس ڪيو. پوءِ حل ڇا آهي؟حل به ان لائين ۾ موجود آهي،
“ويس وڃايو تو”
هاڻي جي سامي، فقير، فضيلت وارو ٿيڻ گھرين ٿو ته ان ٻاھرين ڏيک کي به تون ايئن وڃائي جيئن ان تو ماڻهپو ۽ انسانيت وڃائي ڇڏي هئي.
اهڙي بيمار خوف جا ٻيا مثال به آهن. هڪ همراھه جيڪو ڪنهن ناليواري گھراڻي سان تعلق رکي ٿو ۽ هن جي اٿ ويھه امير طبقي سان آهي ته هو ڪار کانسواءِ انهن جي پارٽين يا شادين ۾ وڃڻ کي پنهنجي بي عزتي سمجھندو. جيڪڏهن ڪار ميسر نه هوندي ۽ هو گھٽين ۽ رستن تي پنڌ هلندي پاڻ کي ننڍڙو ۽ ڪم تر پيو محسوس ڪندو. يا اسان مڊل ڪلاسي پڙهي لکي، پي ايڇ ڊي ڪري يا بيوروڪريٽ ٿي ڪنهن رتبي تي پھچندا آهيون ته پوءِ چاهيندا آهيون ته هر ڪو اسان کي رتبي جي مطابق سڏي يا مان ۽ عزت ڏئي. اسان کي صاحب، سائين، سيٺ، باس، ڊاڪٽر وغيره چوي. هڪ سادو مثال ڏيان ٿو جيڪو ڪنهن دور ۾ مون به ڏٺو هو يا يونيورسٽين ۾ جيڪي شاگرد پڙهن ٿا انهن سان به ٿيو هجي بھرحال هڪ شاگرد ٻڌايو ته ” مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻاهران پي ايڇ ڊي ڪري آيل استاد وٽ اسائنمينٽ جمع ڪرائڻ ويس جنهن ۾ مون هن جي نالي کان پھرين سر لکيو هو. استاد اسائنمينٽ ڏسي مون کي اڇلائي ڏني ۽ پنج منٽ بي عزتي ڪرڻ کانپوءِ چيائين توکي خبر نه آهي ته مان پي ايڇ ڊي آهيان؟ تون سر جي جاءَ تي ڊاڪٽر لکي اچ پوءِ اسائنمينٽ جمع ڪرائي” ڳالهھ پوري ڪرڻ کانپوءِ شاگرد مون کان پڇيو “سر يا ڊاڪٽر لکڻ سان اهڙو ڇا ٿيو وڃي جو استاد شاگردن جي بي عزتي ڪرڻ ۾ دير نه ٿا ڪن؟” مان چيومانس اها مڊل ڪلاس طبقي جي خطرناڪ بيماري آهي جنهن کي هو صحتمندي سمجھندا آهن.
(هلندڙ)