وزير اعليٰ هائوس آڏو ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران جيڪو احتجاج ڪيو ويو ۽ ان مٿان جيڪو تشدد ٿيو، ان تي سوشل ميڊيا ۾ هڪ طرح جي خوشي ۽ مسرت جو اظهار ڏسي تمام گهڻي مايوسي ٿي.
شيخ اياز لکيو آهي:
“جنهن تي به ٿيو
جنهن وقت ٿيو
جنهن جاءِ ٿيو
سو مون تي ظلم ٿيوآهي”
شين کي ڏسڻ جو هڪ اهو به انداز ٿي سگهي ٿو ۽ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي اهو هڪ تمام ميچوئر ۽ انتهائي ڏاهپ وارو ڏسڻ هوندو. ڇو ته جن انسانن به تشدد جي خلاف لکيو ۽ ڳالهايو آهي، انهن پنهنجي ڳالهه کي ڪڏهن به مشروط ڪري پيش نه ڪيو آهي. مثال طور ننڍي کنڊ ۾ عدم تشدد يا اهنسا جو سڀ کان وڏو علمبردار مهاتما گانڌي هو. مهاتما گانڌي نه رڳو انگريزن پاران هندوستانين تي ٿيندڙ تشدد جو مخالف هو پر هو هندوستان جي انهن گروهن جو به حامي نه هو، جن جو خيال هو ته انگريزن خلاف گوريلا جنگ ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي هندوستان مان ماري ڀڄائجي. هن ڪڏهن به هندوستانين کي ان قسم جي صلاح نه ڏني ۽ هن جي اهڙي سوچ سبب هن مٿان تمام گهڻي تنقيد به ٿي.
اها ڳالهه به تسليم ڪري سگهجي ٿي ته مڪمل عدم تشدد سان هڪ رياست جو هلڻ ممڪن نه هوندو پر هن وقت جيڪو تشدد بحث جو موضوع بڻيل آهي، اهو هر ڏينهن ماڻهن جي مقدر جو حصو آهي. ان وزير اعليٰ هائوس طرف ويندڙ واٽ تي صرف ايم ڪيو ايم وارن کي ڪٽڪو نه آيو آهي. ڪڏهن اسان ان وزير اعليٰ هائوس جي آڏو سنڌ جي استادن کي پوليس هٿان مار کائيندي ڏٺو آهي ۽ ڪڏهن اسان کي ان هنڌ تي سنڌ جون نياڻيون يعني ليڊي هيلٿ ورڪر تشدد هيٺ نظر آيون آهن. جڏهن اسان انهن جي مٿان ٿيندڙ تشدد جا مخالف آهيون ته اسان متحده وارن تي تشدد جي حمايت ڪيئن ٿا ڪري سگهون؟ جيڪڏهن اسان جو هڪ نظريو ۽ سوچ تشدد جي خلاف آهي ته پوءِ اها هر قسم جي تشدد مخالف هجڻ گهرجي. اسان کي تشدد جي حوالي سان ڪڏهن به حسابي نه ٿيڻ گهرجي. ان طرح سان ته اسان ۾ موجود منافقي پنهنجو اظهار ڪندي. ان طرح سان ته سماج ۾ ويڇا وڌندا. جيڪڏهن اڄ اسان ايم ڪيو ايم جي مٿان ٿيندڙ تشدد جا حامي آهيون ۽ انهن جي مٿان ٿيندڙ تشدد تي خوش ٿيون ٿا ته ڇا اهو حق انهن کي نه ملي، جڏهن هو اقتدار ۾ هجن ۽ سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ احتجاج جي مٿان تشدد ڪيو وڃي ۽ جهڙي طرح اسان کي ان احتجاج ۾ مرد ۽ عورتون اردوءَ ۾ دانهون ڪنديون نظر آيون، تهڙي طرح اسان کي سنڌيءَ ۾ دانهون ٻڌڻ ۾ اچن ته ان وقت اسان جو ردعمل ۽ اسان جو احساس ڪهڙو هوندو؟
عدم تشدد هڪ پاليسي آهي. اهو هڪ اصول آهي. ڪنهن به پاليسيءَ يا ڪنهن اصول جي سڀ کان وڏي ۽ اهم خوبي ان ۾ هوندي آهي ته اهو سڀني جي لاءِ ساڳيو هوندو آهي. جيڪڏهن ڪو اصول هڪڙن لاءِ هڪڙو هجي ۽ ٻين جي لاءِ ٻيو هجي ته اهو اصول ته اصول ئي نه ٿيو. هن وقت به جڏهن اسان جو معاشرو جنهن گهڻ طرفي مصيبت مان گذري رهيو آهي، ان جو سبب ئي اهو آهي ته هتي هڪڙن جي لاءِ قانون آهي ۽ ٻين جي لاءِ ناهي. جڏهن به قانون سڀني جي لاءِ ساڳيو نه هوندو ته اهو معاشرو لاقانونيت جي ور چڙهي ويندو. هن معاشري ۾ وڏي مصيبت اها آهي ته هڪڙا ماڻهو قانون کان معتبر سمجهيا وڃن ٿا ۽ ٻين ماڻهن جي لاءِ قانون پنهنجي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهي ٿو. اها هڪ غلط روش آهي ۽ ان روش سبب اسان جي سماج ۾ تمام گهڻو گند پيدا ٿئي ٿو. قانون جو مخصوص هجڻ معاشري کي منافقيءَ جي ور چاڙهي ٿو ڇڏي ۽ اسان نه چاهيندي به هڪ مصيبت جي ور چڙهي ٿا وڃون ۽ اسان ان سلسلي ۾ ڪجهه ڪري ان ڪري ڪو نه ٿا سگهون جو اسان پاڻ اهڙي منافقيءَ جو بنياد وجهون ٿا. اها ڪنهن بينڪ ۾ ٺهندڙ قطار هجي يا ٽريفڪ جا قائدا هجن، اهو عمل سڀني جي لاءِ ساڳيو هجڻ گهرجي. جيڪڏهن اهو سڀني لاءِ ساڳيو نه هوندو ته ان جا اگرا نتيجا نڪرندا.
ايم ڪيو ايم هجي يا جماعت اسلامي هجي، اسان ڪنهن به پارٽيءَ سان اختلاف رکڻ ۽ ان مٿان تنقيد ڪرڻ جو حق رکون ٿا. جڏهن ته اسان کي ان ڳالهه جو بلڪل به حق نه ٿو پهچي ته اسان اختلاف جي بنياد تي ان پارٽيءَ جي مٿان تشدد ڪيون يا ان تي ٿيندڙ تشدد مٿان خوش ٿيون. اهو ته اصولي طور تي غلط آهي ۽ ان قسم جي غلط روش ئي هن مهل تائين اسان جي مصيبتن جو باعث بڻي آهي. اسان کي پنهنجي حامي ۽ پنهنجي دوست ته ڇا پنهنجي سياسي مخالف جي مٿان به تشدد کي قبول نه ڪرڻ گهرجي. ڇو ته ان طرح سان تشدد معاشري ۾ وڌي ويجهي ٿو ۽ ان سان هن جي ڪردار ۾ وڌيڪ پختگي اچي ٿي.
اسان کي اها ڳالهه تسليم ڪرڻي پوندي ته تشدد تشدد آهي، اهو ڪڏهن به تماشو ٿي نه ٿو سگهي. جيڪو تماشو ناهي، ان کي انجواءِ ڪيئن ٿو ڪري سگهجي ۽ ان کان لطف اندوز ٿيڻ جو تصور به تمام گهڻو روڳ ڀريو آهي. ڇا اسان انهن انسانن کي ذهني طور تي تندرست چئي سگهون ٿا، جيڪي تشدد ڏسي خوش ٿين؟ هن مهذب دنيا ۾ ته هاڻي اهي رانديون به سٺيون نه ٿيون سمجهيون وڃن، جن ۾ هڪڙا انسان ٻين جي مٿان تشدد ڪري تماشائين کان داد وصول ڪن ٿا. انسانيت پنهنجي ارتقا جي سفر ۾ اڳتي هلي ٿي ۽ ان سفر ۾ هن کي پنهنجيون پراڻيون روڳ جهڙيون روشون ۽ بيمار طبيعتون تبديل ڪرڻيون پونديون. جيڪڏهن انهن ايئن نه ڪيو ته اهو هڪ افسوس ڀريو عمل هوندو ۽ اهڙا عمل اسان جي معاشري ۾ ڪنهن بهتريءَ جو باعث نه بڻبا. اها ڳالهه هڪ ڀيرو نه پر سئو ڀيرا تسليم ڪجي ٿي ته اسان جن جي مٿان تشدد جي حوالي سان بحث ڪري رهيا آهيون، اهي سياسي مخالفن جي مٿان تشدد جي حوالي سان پوري ملڪ ۾ مشهور آهن پر اسان ته انهن جي ان عمل ۽ ان سوچ جا مخالف آهيون. ان ڪري اسان انهن مٿان ٿيندڙ تشدد کي به گوارا نه ٿا ڪري سگهون. ڇو ته اهو ڪجهه اصول کان انحرافيءَ جو باعث بڻبو ۽ اسان کي ڪنهن به طرح سان اصولن تي سمجهوتو نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اصول اهو آهي ته عدم تشدد يا اهنسا بهتر عمل آهي يا جمهوريت ۾ احتجاج جي مٿان تشدد نه ڪيو وڃي ته پوءِ اهو عمل ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيڻ گهرجي. اسان کي ته ان عمل تي تنقيد ڪرڻ گهرجي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان تنقيد بدران تشدد ڪندڙن جي تعريف ڪريون ٿا ۽ ان وقت وساري ويهون ٿا ته هيءَ ساڳي پوليس آهي، جيڪا اسان جي ماڻهن کي ٿاڻن ۾ ڪٽيندي آهي ۽ ان جي مٿان هن مهل تائين اهي الزام لڳندا رهن ٿا ته انهن انساني حقن کي بي رحميءَ سان ڪچليو آهي. انساني حق ته انساني حق آهن. ڇا سنڌين جا انساني حق الڳ ۽ اردو ڳالهائيندڙن جا انساني حق الڳ آهن؟
اها داناهي ناهي ته اسان پنهنجن سياسي مخالفن تي ٿيندڙ تشدد تي خوشيءَ جو اظهار ڪيون ۽ سوشل ميڊيا تي اهڙيون تصويرون ۽ وڊيوز رکي مسرت جو اظهار ڪيون ته اسان جي پوليس اردو ڳالهائيندڙ يا ايم ڪيو ايم جي ورڪرن مٿان تشدد ڪري ڪو ڪارنامو ڪيو آهي. جيڪڏهن پوليس جو اهو ايڪشن درست هو ته پوءِ سنڌ جي وزير اعليٰ ان واقعي جي جاچ جو حڪم ڇو ڏنو آهي؟ هو ايم ڪيو ايم جي زخمي ايم پي اي وٽ ڇو ويو؟ اسان کي پنهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهاري ڇڏڻي آهي ته چڱائيءَ طرف ڪڏهن به برو رستو نه ويندو آهي. تشدد هڪ برو رستو آهي ۽ ان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪري نه ٿو سگهجي.