ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڻي ۾ ملندڙ زهريلا مادا

Editorial

دنيا ۾ هر قسم جي گدلاڻ انساني حياتين لاءِ ته خطرناڪ آهي پر اها جهنگلي توڙي آبي جيوت ۽ ڌرتيءَ لاءِ به وڌيڪ خطرناڪ آهي. جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي بيماريون ۽ صحت سان لاڳاپيل مسئلا وڌي رهيا آهن. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي گدلاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ واٽر ڪميشن جوڙي وئي هئي پر ان هوندي به ڪي بهتر نتيجا نه ملي سگهيا ۽ اهو سلسلو اڄ سوڌو جاري آهي. ڪالهه به ٻه اهڙيون خبرون ڇپيون آهن، جن موجب زمين پاڻيءَ جي گدلاڻ جو شڪار ٿيندي.
هڪ خبر موجب اينگرو يوريا ڀاڻ فيڪٽري انتظاميا ايريگيشن کاتي جي ملي ڀڳت سبب خطرناڪ ايواپورشن جو گندو پاڻي رھڙڪي ماهي واهه ۾ ڇڏڻ لاءِ پائيپ لائين جو ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو، ايواپورشن جي گندي پاڻي سبب ماهي واهه جي پڇڙي جون هزارين ايڪڙ زرعي زمينون متاثر ٿينديون ۽ پيئڻ جو پاڻي به کارو ٿي ويندو، ڀاڻ فيڪٽرين کي ايواپورشن جو پاڻي اهڙي نموني ساڙيو ويندو آهي جنهن جي ٻاڦ به ٻاهر فضا ۾ نه اچي، جيڪڏھن ٻاڦ ٻاهر نڪتي ته انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندي. هوڏانهن ڏهرڪي ۽ رھڙڪي پوليس 10 موبائيلن ۽ ڪيترن اهلڪارن سميت موقعي تي پهچي ماهي واهه جي بيلدار الطاف ڪولاچي کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو موقعي واري هنڌ کان فرار ٿي ويو. ڀاڻ ۾ مليل خطرناڪ ڪيميڪل جي پاڻي سبب ماهي واهه جي لکين آبادگارن جو مستقبل داءُ لڳي ويو آهي. جڏهن ته ٿر ۾ ڪوئلي جي کاڻين مان نڪرندڙ زمين وارو کارو پاڻي گوڙاڻو ڊيم ايريا ۾ ڇوڙ ڪرڻ کانپو سنڌ سرڪار ۽ ڪمپنين طرفان لڪ ڇپ ۾ گوڙاڻي ڊيم کان 10 ڪلوميٽر کان مٿي ڏکڻ طرف قائم ڳوٺ ڌڪڙچو ڀرسان ٻيو ڊئم پيدا ڪري کلي ميدان ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ڊيم جي ويجهو رهندڙ آبادي خطري ۾ اچي وئي آهي ۽ موڳي وٽ ٻڌل بند کي پاڻي ٽوڙي ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن پريس ڪلب اسلام ڪوٽ جي صحافين جي هڪ ٽيم متاثرن جي شڪايتن تي ڳوٺ ڌڪڙچو پهتي ۽ ڊئم ايريا جون حقيقتون ڏٺيون. ان موقعي تي امڪاني طور متاثر ٿيندڙ مختلف ڳوٺن ڌڪڙڇو، ميهاري، هاري مار ۽ گونگسي سميت 7 ڳوٺن جي سوين رهواسين ٻارن ٻچن سميت ڊيم واري هنڌ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي. متاثرن چيو ته ٿرڪول بلاڪ ٻه تي ڪم ڪندڙ ڪمپني ۽ سرڪار زبردستي رات جي اونداهي ۾ ڳوٺ ڀرسان کاڻ مان نڪرندڙ کارو پاڻي ڇوڙ ڪري ڇڏيو آهي، شروع ۾ چيو ويو ته 260 ايڪڙن تي ڊئم ٺاهيو ويندو، پر هي ته کلي ميدان ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آهي، جيڪو هزارين ايڪڙن ۾ ڦهلجي ويندو. ڊيم کي نه ڪا ديوار نه وري بند ڏنو ويو آهي، پاڻي گهرن طرف وڌي رهيو آهي، پاڻي جو وهڪرو تيز ٿيو ته ويجهو جيڪي به گهر آهن، اهي هفتي اندر پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويندا. کاري پاڻي ڇوڙ ٿيڻ سبب اسان هزارين رهواسي، اسان جا گهر، کوهھ، وڻ، مندر، مسجدون توڙي قبرستان متاثر ٿيندا. چونڊيل نمائندا به ڪمپني ۽ سرڪار جي ونگار وهن پيا، اهي مالڪي ڪرڻ لا تيار نه آهن. هنن چتا ڏنو ته انصاف نه مليو ته عدالت جو در کڙڪايو ويندو.
اسين سمجهون ٿا ته جتي به ڪي ڪارخانا يا ترقياتي منصوبا شروع ڪيا وڃن ٿا، اتي اهو لازمي آهي ته پهرين ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا وڃن، پر اسان وٽ انهن سمورن احتياطي اپائن کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي، جنهن جي ڪري نه رڳو تباهي ٿيندي آهي پر انساني آباديون به سخت متاثر ٿينديون آهن. مٿئين خبرن موجب سنڌ جا ماڻهو زهر پيئڻ تي مجبور ٿي ويندا. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن منصوبن جو گندو پاڻي انساني آبادين ۾ ڇوڙ نه ڪيو وڃي ۽ نه ئي ان کي ان پاڻيءَ سان ملايو وڃي، جيڪو انساني آبادي استعمال ڪري ٿي. سنڌ حڪومت کي هن معاملي جو ترت نوٽيس وٺڻ گهرجي ته جيئن انساني حياتين تان خطرو ٽري وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button